ڇا توهان پنهنجي ڀاء کي ايترو چاهيو ٿا۔۔۔؟

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ٻه ڀائر هئا ۔۔ سندن والدين کين ننڍي عمر ۾ هن دنيا ۾ ڇڏي رب راهي ٿي ويا۔۔ زندگي جي گاڏي کي هلائڻ لاءِ ٻئي ڀائر گڏجي هارپو ڪندا هئا ۽ هر وقت گڏ رهڻ جي ڪندا هئا۔۔ وقت گذرندو رهيو۔۔۔ آهستي آهستي هنن ڪجهه پيسا گڏ ڪري ورتا ۔۔۔ ۽ ننڍي ڀاء جي خواهش تي وڏي ڀاء شادي ڪري ورتي۔۔ جنهن کان پوءِ ننڍي ڀاء وڏي ڀاء کان الڳ ڪمرو تيار ڪيو ۽ الڳ رهڻ لڳو۔۔ پر هارپو گڏ ڪرڻ جي عادت جاري رکي۔۔۔
    ٽن سالن اندر ئي وڏي ڀاء کي ٻه گلن جهڙا ٻار ڄاوا۔۔ پر ننڍي اڃان شادي نه ڪئي۔۔۔
    هُو روزانو زمين تي گڏ ويندا هئا۔۔ ۽ فصل لهڻ تي هڪ جيترا ٻه حصا کڻندا هئا۔۔ هڪ ڏينهن ننڍي ڀاء کي خيال ٿيو ته اهو مناسب نه آهي ته مان ۽ منهنجو ڀاء فصل مان بلڪل هڪ جيترو حصو کڻون۔۔ مان اڪيلو آهيان جڏهن ته منهنجي ڀاء سان گڏ سندس گهر واري ۽ ٻه ٻار به آهن۔۔ منهنجيون ضرورتون گهٽ آهن پر منهنجي ڀاء جون ضرورتون گهڻيون آهن۔۔ اهو سوچي هن فيصلو ڪيو ته پنهنجي حصي مان روزانو هڪ ان جي ٻوري رات جو لڪي پنهنجي ڀاء جي گهر رکي ايندو۔۔ ۽ هن روزانو ائين ڪرڻ شروع ڪيو۔۔
    ساڳي ڏينهن وڏي ڀاء کي به خيال ٿيو ته اهو مناسب نه آهي ته هُو ۽ سندس ڀاء فصل مان بلڪل هڪ جيترو حصو کڻن۔۔ هُو شادي شده آهي ۽ ٻن ٻارن جو پيءُ آهي۔۔۔ سندس خيال رکڻ لاءِ سندس گهرواري آهي ۽ ڪجهه ئي سالن ۾ سندس ٻار جوان ٿي سندس هٿ ونڊائيندا۔۔ جڏهن ته سندس ننڍو ڀاء اڪيلو آهي، سندس ڪوبه خيال رکندڙ ناهي ۽ کيس شادي سميت ڪافي مسئلن کي سلجهائڻو آهي۔۔۔ ان ڪري ننڍو ڀاء فصل مان وڌيڪ حصي جو حق رکي ٿو۔۔ اهو سوچي وڏي ڀاء به فيصلو ڪيو ته هُو پنهنجي حصي مان روزانو هڪ ان جي ٻوري رات جو لڪي پنهنجي ننڍي ڀاء جي گهر رکي ايندو۔۔ ۽ هن روزانو ائين ڪرڻ شروع ڪيو۔۔۔

    ڪجهه ئي ڏينهن ۾ ٻئي ڀائر حيران ٿيڻ لڳا ته سندن وٽ زخيرو ڪيل اناج ۾ ڪا به گهٽتائي نه پئي اچي۔۔ ۽ اناج جون ٻوريون کٽن نه ٿيون۔۔۔ ٻنهي فيصلو ڪيو ته ان جو سبب جانچجي۔۔۔

    هڪ رات اتفاق سان ٻئي ڀائر هڪ ئي وقت پنهنجي پنهنجي گهران ان جون ٻوريون کڻي هڪ ٻئي جي گهر روانا ٿيا۔۔ ۽ رستي ۾ ملي پيا۔۔ ۽ پوءِ هنن کي خبر پئي ته آخر ٿي ڇا رهيو هيو۔۔۔ ٻنهي هڪ ٻئي کي حيرت سان ڏٺو اَن جون ٻوريون لاٿيون ۽ هڪ ٻئي سان چاهت جي اهڙي اظهار تي ڀاڪرين پئجي ويا۔۔۔ کين هڪ ٻئي سان ڪجهه به ڳالهائڻ جي ضرورت نه پئي پر دير تائين سندن ڳلن تان خوشيءَ جا ڳوڙها جاري رهيا۔۔

    سبق: پنهنجي ڀاء لاءِ اهو چاهيو جيڪو توهان پنهنجي لاءِ چاهيو ٿا۔۔۔
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا توهان پنهنجي ڀاء کي ايترو چاهيو ٿا۔۔۔؟

    تمام سهڻي ڳالهه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ رت جا رشتا ۽ دوستي جا رشتا ۔۔۔۔انهن کي نڀائڻ جو اهو طريقو وڻيو۔ اهڙي رشتن کي نڀائڻ هن دور ۾ ڏکيو پيو لڳي ۽ سماج جي واقعن تي دل رت جا ڳوڙها ٿي روئي۔ ڪاش هرڪو اوهان جي اها ڳالهه سمجهي سگهي ۔۔۔۔

    لاجواب شيئرنگ آهي
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا توهان پنهنجي ڀاء کي ايترو چاهيو ٿا۔۔۔؟

    جڏهن به انسان جو سهڻو ۽ ڪوجهو روپ نظر ايندو آهي ته مونکي هڪدم شاهه جو هي بيت ياد اچي ويندو آهي ته؛ ” ماڻهون سڀ نه سهڻا پکي سڀ نه هنج“ اهو فارمولو سموري انسانيت تي لاڳو ٿئي ٿو ۔۔۔

    ڪٿي ته ڀائر، دوست، رشتيدار ۽ سڀ رشتا ايترا ته جاندار هوندا آهن جو انسان کي اهڙو ته چمڪائي ڇڏيندا آهن جو ٻي جو اکيون ڪڍڻ جي قابل ٿيو وڃي ۔۔۔ ۽ ڪٿي وري اهي ئي رشتا انسان کي ڇڪي کڏ ۾ اڇلايو ڇڏين بلڪ جان به وٺي ڇڏين ٿا ۔۔۔

    رب العالمين جڏهن جنهن ماڻهونءَ جي مدد ڪندو آهي ته انکي مددگار انسان ملائيندو آهي ۔۔۔ اهو مددگار انسان، ڀاءُ به ٿي سگهي ٿو ته دوست به ٿي سگهي ٿو ۔۔۔

    لطيف سڳوري جو ٻيو هڪ بيت به هڪ فارمولي جي حيثيت رکي ٿو؛ اهو آهي، ” چڱا ڪن چڱايون، مدايون مدن“ سو انڪري الله تعالا جنهن انسان کي پنهنجو نور عطا ڪندو آهي ته ان انسان مان روشني ئي حاصل ٿيندي آهي ۽ جنهن کي سمنڊن جي گهراين جهڙا انڌيرا نصيب ٿيندا آهن ته هو ٻين کي به انڌيرا ئي ڏيندو آهي ۔۔۔

    سهڻو ونڊ ۔۔۔ ادا رشيد

    الله تعالا کان دعا آهي ته هو اسانکي علم عطا ڪري ۽ پنهنجي روشني عطا ڪري ته جيئن اسين به پنهنجن سڀني رشتن جا حق ادا ڪري سگهون ۔۔۔ آمين
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڇا توهان پنهنجي ڀاء کي ايترو چاهيو ٿا۔۔۔؟

    بيشڪ! صرف ڀا لا ئي نه پر ھر ماڻھون لا اھو چاھيو جيڪو اوھان پنھنجي لا چاھيو ٿا يا پسند ڪريو ٿا۔
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڇا توهان پنهنجي ڀاء کي ايترو چاهيو ٿا۔۔۔؟

    سائين رشيد صاحب اوهان جي ڳالھ تمام بهترين آهي هڪ اضافو ڪندو هلان ته اهي بلڪل ساڳيا ئي الفاظ پاڻ ڪريم صلى الله عليه وآله وسلم جن جي حديث مبارڪ جا به آهن:
    حب لاخيڪ ما تحب لنفسڪ
    معنى:
    پنهنجي ڀاء لاءِ اهو چاهيو جيڪو توهان پنهنجي لاءِ چاهيو ٿا۔۔۔
    ۽ ادا عاشق هت ڀاءُ مان مراد رڳو پنهنجو سڳو ڀاءُ نه بلڪِ هي فارمو ساري انسانيت تي لاڳو ٿئي ٿو
     
  6. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڇا توهان پنهنجي ڀاء کي ايترو چاهيو ٿا۔۔۔؟

    ادا الله ڪري اسان ۾ اهيون شيون پريڪٽيڪل نموني شامل ٿئي وڃن، ورنه اڄڪلهه ته ان جي بلڪل ابتڙ آهي، اڄ هر ڪو ائين پيو سوچي ته مان ٻئي جي ٻوري ڪهڙي نموني چورايان، ۽ ڏينهن رات انهيء سوچ ۽ ڪرت ۾ آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا اڄڪلهه ته اهي ئي ماڻهون ڪامياب آهي ( گهڻو ڪري اهڙن ماڻهن جي آهي سڀني لاء ته نه ٿو چئي سگهجي ) جيڪي منافق ڌوڪي باز پنهنجي مطلب لاء چالاڪ ۽ خوشامندي ڪندڙ آهن ۽ اڄڪلهه خاص ڪري آفيسن توڙي آفيسن کان ٻاهر ماڻهون ٻئي فارملا استعمال ڪن ٿا هڪ منافقت ۽ ٻيو خوشامند، منافقت لڪي ڪيو ۽ خوشامند سامهون ڪيو، مزي جي ڳالهه ته خوشامند ٿيندڙ ( جنهن جي خوشامندگي ٿيندي هجي ) به ماڻهون ان ڳالهه مان واقف هوندو آهي ته هي منهنجي خوشامند پيو ڪري مگر ان ويڄاري جي به اڄڪلهه اهيا مجبوري ٿئي وئي آهي،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو