ڪالهه ڪراچي جي ساحل تي مهاڻن 40 فٽ ڊگهي ۽ 44 ٽن وزني مئل شارڪ مڇي هٿ ڪري ورتي۔ ان کي ڏسڻ لاء هزارين ماڻهو ۽ ميڊيا جا مختلف چينل ۽ اخباري صحافي فش هاربر پهتا۔ ڀارتي سمنڊ طرف جڏهن پاڪستاني مهاڻا پنهنجي ٻيڙي ۾ مڇي ماري رهيا هئا ته هنن جي ڄار ۾ سرمائي رنگ جي هڪ وهيل شارڪ فاسي پئي جيڪا گهڻو ڪمزور هئي۔ ان کي رسن جي مدد سان ڪراچي تائين آندو ويو۔
اتان ڪرينن جي مدد سان ان کي جيٽي تي منتقل ڪيو ويو آهي۔ ٻڌايو وڃي ٿو ته هي مڇي لکين روپين ۾ ڪنهن فارما ڪمپني کي وڪي وئي آهي۔ جڏهن ته فش هاربر تي ٽن ڏينهن لاء مڇي کي نمائش لاء به رکيو ويندو۔
اتان ڪرينن جي مدد سان ان کي جيٽي تي منتقل ڪيو ويو آهي۔ ٻڌايو وڃي ٿو ته هي مڇي لکين روپين ۾ ڪنهن فارما ڪمپني کي وڪي وئي آهي۔ جڏهن ته فش هاربر تي ٽن ڏينهن لاء مڇي کي نمائش لاء به رکيو ويندو۔