• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

نه چوڻ جو مطلب نه ٿا سمجهون؟

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
اسان توهان جهڙا ٿي نه ٿا سگهون
نه چوڻ جو مطلب نه ٿا سمجهون؟

مشڪل مهربان ٿي سڀ ڪيا چِٽا
اوهان جا احسان رهيا رهتون

لب ڪُشائي اڳيان ظرف ٿو اچي
چاهيون ته ڪئي زخم ڏئي ٿا سگهون

جا توهان ڪئي توهان جو ظرف
بُرائي بدلي برائي ڪين ڪريون

عمل جو ردِ عمل ٿي رهڻو آهي
سو لُڻدا آهيون جو پوکيندا آهيون

جواب: نه چوڻ جو مطلب نه ٿا سمجهون؟

ابا ڏاڏل خئير ته آهي؟ ڪنهن پنهنجي سان جهيڙو ٿيو آهي ڇا؟ جو لفظن ئي لفظن ”””””””؟؟؟؟؟ خئير الله مالڪ آ، دل وڏي ڪيو، چڱن جو ڪم چڱائي آهي ۔۔ اوهانجو ظرف چڱو ۔۔۔ الحمد الله
 
نه سائين ابڙا صاحب اسان جو ته جهيڙو ناهي ٿيو پر جڏهن ڳوٺ ويا سون ته ٻن ڀائرن جو فيصلو هو ٺاھ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي سون سو مڙوئي گنج گاريون مليون۔ ٻيو مڙوئي خير آهي سائين ۔
وسلام
 
جواب: نه چوڻ جو مطلب نه ٿا سمجهون؟

ادا ڏاڏل اوهان جي ان ڪوشش جو اوهان کي ڌڻي تعالا پنهنجن خزانن مان عطا فرمائيندو، باقي سائين ابڙي صاحب چواڻي ته چڱا ڪن چڱايون سو اوهان پنهنجو فرض پورو ڪيو۔
پاڻ ڪريم صلي الله عليه وآله وسلم جن جي حديث جو مفهوم آهي ته بهترين ڏينهن اهو آهي جڏهن اوهان ڪنهن جون رنجشون ختم ڪري انهن کي پرچايو۔
اسان جون به دعائون آهن ته ڌڻي تعالا انهن دوستن ڀائرن کي سمٍجھ عطا فرمائي ۽ الله ڪري ته جلدي پرچي پون۔۔۔
 
سائين مهربان يپسند ڪرڻ جي
وسلام
 
Back
Top