وڙهن سانهه لتاڙجن ٻوُڙا

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد عيسى ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2012۔

  1. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [JUSTIFY]گذريل ڪافي ڏينهن کان ملڪ ۾ توهين عدالت وارو معاملو پبلڪ جو واحد موضوع بڻيل آهي ۽ هرهنڌ ان جو ئي چرچو آهي، جنهنجو ڪارڻ اهوآهي ته هن وقت ملڪ جي چونڊيل وزيراعظم پاڪستان جهڙي اعليٰ عهديدار شخصيت ان ۾ سڌو سئون متاثر ٿي رهي آهي. سپريم ڪورٽ پاران اين آر او تي آيل فيصلي جي هڪئي نڪتي تي جنهن جي حڪم ۾ چيل آهي ته سوئز عدالت کي خط لکيو وڃي جن جي حڪم تي عمل نه ٿيڻ ڪري وزيراعظم پاڪستان سيد يوسف رضا گيلاني هڪ ڀيرو عدالت ۾ پيش به ٿي چڪو آهي ۽ ٻيهر به وزيراعظم کي 13 فيبروري تي عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم جاري ٿي چڪو آهي. سپريم ڪورٽ جي اهڙي فيصلي جاري ٿيڻ کان پوءِ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني اسمبلي فلور تان اعلان ڪندي چيو ته سپريم ڪورٽ ٻيهر گهرايو آهي ته آءُ ضرور ويندس ڇو ته هي پاڪستان جي سپريم ڪورٽ آهي جيڪڏهن هن جي اسان عزت ۽ احترام نه ڪندا سين ته ٻيو ڪير ڪندو، سپريم ڪورٽ جيترا ڀيرا به گهرايو بغير ڪنهن ججڪ جي ان آڏو پيش ٿيندس پوءِ سپريم ڪورٽ جيڪو به فيصلو ڪندي هو ان جو احترام ڪندو چاهي جيل به موڪليو وڃي تڏهن به سر جهڪائي ان جي فيصلن جو احترام ڪندس ۽ ان جي فيصلن آڏو سر جهڪائي جيل هليو ويندس. ”ان کي چئبو آهي عدالت جو احترام“ هاڻي حڪومت مخالفين ان کي ڪهڙو به رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪن پر وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني سميت پيپلزپارٽي ۽ ان جي اعليٰ قيادت پنهنجي نئين تاريخ جو آغاز ڪري رهي آهي جنهن جا يقينن ايندڙ وقت ۾ بهتر نتيجا ثابت ٿيندا.
    ملڪ جو هڪ مخصوص طبقو جنهن کي قوم خوب تر ڄاڻي ٿي ته انهن جا ارادا ڪهڙا آهن بار بار اهي دڙڪا دهمان ۽ ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته پهريون ملڪ ۾ ڀيرو آزاد عدليا ۽ آزاد ميڊيا پنهنجا قدم ڄمايا آهن هاڻي ڪنهن ۾ به جرئت ناهي ته انهن جي آزادي کي ڪير ڪو ختم ڪري سگهي، پر قوم خوب ڄاڻي ٿي ته عدليا ڪيترو آزاد آهي. وزير اعظم کان ڪنهن صحافي سوال ڪيو ته نواز شريف 20 اربن جي مني لانڊرنگ واري ڪيس ۾ ملوث آهي جي عدليا آزاد آهي ته پوءِ عدالت ان کي ڇو نٿي طلب ڪري ان الزام جي وضاحت پڇي جڏهن ته عدالت پاران توهان کي بار بار طلب ڪيو ٿو وڃي جنهن تي وزيراعظم جواب ڏنو ته هي منهنجي عدالت آهي ان ڪري مونکي بار بار طلب ڪري رهي آهي. عوام کي اڃا تائين اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته آزاد عدليا ڇاکي ٿو چئجي ۽ توهين عدالت ڇا آهي؟ انهن سوالن جا جواب ڪٿان آڻجن، تنهن جيڪڏهن ڪنهن سياسي ڏاهي يا آئني ماهر طرفان انهن سوالن جا جواب ملي وڃن ته گهٽ ۾ گهٽ عوام جي معلومات ۾ ڪجهه اضافو ٿيندو.
    عوام پاران اٿاريل سوال اهي آهن ته جڏهن ملڪ جو هڪ متفقه طور چونڊيل وزيراعظم سپريم ڪورٽ جي بار بار طلب ڪرڻ تي هو پاڻ اچي قنڌ جهڪائي عدالت آڏو پيش ٿي پنهنجي وضاحت بيان ڪري چڪو آهي ته پوءِ توهين عدالت ڪيئن ٿي، اهو به هڪ سوال پنهنجي جڳهه والاري ٿو. وزيراعظم پهريون ڀيرو جڏهن سپريم ڪورٽ ۾ پيش ٿي رهيو هو ته اهي خدشا ظاهر ڪيا پئي ويا ته ماضي وانگر هن ڀيري به سپريم ڪورٽ تي حملو ٿيندو پر پيپلز پارٽي جي عوامي حڪومت اهو ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو واقع عدالتن جو احترام ڪرڻ ڄاڻن ٿا ۽ يقينن پي پي مخالفن جي دل ۾ اها خواهش ضرور هوندي ته پيپلز پارٽي وارا به انهن واري روايت قائم ڪندي عدالت تي حملو ڪري وجهن ته گهٽ ۾ گهٽ ان ڏوهه ۾ ٻئي وڏيون پارٽيون برابر جا شريڪ هجون نه ته سڄي زندگي اهي طعنيٰ مسلم ليگ (ن) جو پيڇو نه ڇڏيندا. جنهن کي اڄ تائين به اهي ئي طعنيٰ ملندا رهن ٿا ته ماضي ۾ سپريم ڪورٽ تي پاڻ بيهي حملا ڪرائي هاڻي ان جا حامي بڻجي پنهنجي ڪيل گناهن تي پردو وجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ان وقت ملم ليگ (ن) پنهنجي وزير اعظم کي بچائڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ افرا تفري مچائي ڇڏي هئي، ان دوران سپريم ڪورٽ مٿان ايترو ته شديد حملو ڪيو ويو هو جو جج صاحبان عدالتن اندر پنهنجا بوٽ ڇڏي ڀڄي ويا هئا جڏهن ته اهي هاڻي ساڳيائي ماڻهو آهن جيڪي صرف سپريم ڪورٽ جي فيصلن تي احترام ڪرڻ بابت خلق کي ليڪچر ڏئي رهيا آهن، قوم اهو به خوب محسوس ڪري رهي آهي ته ان حمايت پويان به هنن جا ڪي مفاد لڪل هوندا. بحرحال هن ڀيري دنيا ڏٺو ته سپريم ڪورٽ ٻاهران سوين پي پي ڪارڪن موجو هئا پرنه پٿر لڳو نه شيشو ڀڳو، اهو ڪريڊٽ به پيپلز پارٽي جي حصي ۾ اچي ٿو. هاڻي توڻي جو سپريم ڪورٽ پاران هڪ چونڊيل وزيراعظم کي ٻيهر عدالت ۾ طلب ڪيو ويو آهي تڏهن به هو سپريم ڪورٽ جو احترام ڪندي ان آڏو پيش ٿيڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي پوءِ جيڪو فيصلو ٿيو بقول وزيراعظم جي ته هو ان تي به ڀرپور عمل ڪندو ، وزير اعظم جو چوڻ آهي ته فيصلو سپريم ڪورٽ کي ڪرڻو آهي اها ڀلي ڪري، عدالت جو ڪم آهي آئين ۽ قانون مطابق فيصلا ٻڌائڻ جڏهن ته اسان جو ڪم آهي ان جي فيصلن تي عمل ڪرڻ جيڪو يقينن سپريم ڪورٽ جو ڀرپور احترام آهي.
    ان صورتحال جي پيش نظر اهو محسوس ڪيو ويو آهي ته هي سڀ پاور گيم جو معاملوآهي جيڪو گهڻي عرصي کان اسان جي ملڪ ۾ جاري ۽ ساري آهي جنهن ۾ عوام جو ڪوبه عمل دخل ناهي، بد قسمتي سان سڀ ادارا پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڏيکاري رهيا آهن ۽ هونئن به چواڻي آهي ته وڏن جي جهيڙي ۾ ننڍن جو ڇا وڃي، هتي ته سدائين ائين ئي ٿيندو رهيو آهي ته عوام کي صرف سبز باغ ڏيکاري انهن کان ووٽ وٺي جڏهن اسلام آباد پهچندا آهن ته اهي پنهنجي مرضي جون پاليسيون جوڙيندا آهن جنهن ۾ عوام جو سڌي يا اڻ سڌي ريت هڪ فيصد حصو به مرضي شامل ناهي هوندي. اسان کي ياد آهي ته مسلم ليگ (ن) موجوده حڪومت جي قائم ٿيڻ کان پوءِ روز اول کان اهو زوردار مطالبو ڪندي رهي ته 18 هين آئيني ترميم جيترو ٿي سگهي جلد پاس ڪرائي وڃي جنهن ۾ مسلم (ن) جي دليلن مطابق ته ملڪ جو آئيني ڍانچو درست ڪرڻ سان ملڪ ۾ انقلاب اچي ويندو اصل کير جون نديون وهي پونديون پر اصل حقيقت جي ابتڙ ان سياسي راند پٺيان انهن جا اڃا ڪي ٻيا مفاد لڪل هئا جيڪي پاور شيئرنگ جي نالي مان فائدا وٺڻ جي ڪوشش هئي. مسلم ليگ (ن) کي ان ترميم مان ٻه فائدا نظر اچي رهيا هئا، هڪ اهو ته ان ترميم ٿي وڃڻ کان پوءِ جڏهن ميان نواز شريف کي ٽيون ڀيرو وزيراعظم ٿيڻ جو موقعو ملندو جنهن تي جنرل پرويزمشرف پابندي هڻي ڇڏي هئي ۽ ٻيو ته 58 (2) بي سميت صدر کي ٻيا مليل اختيارات واپس ٿي وزيراعظم ڏانهن منتقل ٿي ويندا ته صدر خالي صرف نالي جو صدر هوندو جنهن ڪري هڪ پاسي هو صدر (آصف علي زرداري) کي صد تارڙ جهڙو بي اختيار ڏسڻ پيا چاهين ته ٻئي پاسي انهن جو اهو مفاد شامل هو ته جڏهن پيپلزپارٽي جي حڪومت ختم ٿي ويندي ۽ مسلم ليگ (ن) کي حڪومت ڪرڻ جو موقعو ملندو ته ميان نواز شريف ان عهدي کي Mind free يعني بي ڌڙڪ انجواءِ ڪري سگندو، هڪ تير سان ٻه شڪار. اها ٻي ڳالهه آهي ته ميان نوازشريف ۽ ان جي پارٽي اڃا تائين پنهنجا ٽارگيٽ حاصل ڪر۾ ۾ ناڪام وئي آهي. موجوده صورتحال جي پيش نظر اهو واضع ٿي چڪوآهي ته ميان نوازشريف ۽ ان جي پارٽي جنهن ٽارگيٽ کي حاصل ڪرڻ لاءِ جيڪي به قدم کنيان صدر آصف علي زرداري پنهنجي سياسي ڏاهپ سان اڃا تائين انهن جي ٽارگيٽس کي ناڪام بڻائيندو رهيو آهي ۽ پنهنجا پتا شاندار طريقي سان کيڏندو رهيو آهي، جڏهن ته صدر آصف علي زرداري پنهنجا سمورا اختيارات ظاهري طور پارليامينٽ يعني وزيراعظم کي واپس منتقل ڪرڻ جي باوجود صدر تارڙ جهڙو ٿيڻ بدران گذريل چئين سالن کان هو سموري منظر نامي تي ڇانيل رهيو آهي جيڪا ڳالهه پي پي مخالفن کي يقينن ڏکوئيندڙ ٿي لڳي آهي.
    ان پاور گيم ۾ سپريم ڪورٽ به پنهنجي حصي جو رول ادا ڪرڻ چاهي ٿي اهڙي طرح عدالت پنهنجي حيثيت کي تسليم ڪرائڻ لاءِ ڪيئي اهم فيصلا به ڪيا آهن جنهن ۾ اين آر او ۽ ميمو گيٽ جهڙا ڪيس سرفهرست آهن جن سپريم ڪورٽ کي ميڊيا ذريعي بلند ترين شهريت جي مقام تي پهچائي ڇڏيو آهي،حڪومت مخالفين پاران سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي ساراهه ڪئي پئي وڃي جڏهن ته حڪومت سپريم ڪورٽ جي ڪجهه فيصلن تي تحفظات ظاهر ڪيا آهن جن ڪافي حڪومت جي ڪار وهنوار کي متاثر به ڪيو آهي. اهڙي طرح ان پاور گيم جو ٽيون ۽ اهم ٿمڀ فوج آهي جنهن گهڻو تڻو عرصو هن ملڪ تي سڌي يا اڻ سڌي طرح سان حڪومت ڪئي آهي، جڏهن کان پاڪستان وجود ۾ آيو آهي فوج ملڪ ۾ وڏي طاقت جو محور بڻيل رهي آهي، سرحدن جي حفاظت سان گڏ ملڪ جي خارجي ۽ داخلي پاليسين ۾ به فوج سدائين پنهنجو اهم رول ادا ڪندي رهي آهي، اسان جي ملڪ ۾ فوج کي وڏي اهميت حاصل آهي تنهن ڪري فوج سدائين پنهنجي طاقت واري حيثيت کي برقرار رکڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي ۽ ملڪي تاريخ ۾ ڏٺو ويو آهي فوج ته ڪڏهن به پنهنجي پاور کي Loose يعني ڍلو نه ٿيڻ ڏنو آهي. هوڏانهن پاور گيم واري ڇڪتاڻ ۾ بيوروڪريسي به پنهنجي هڪ الڳ حيثيت رکي ٿي ڇو ته سندن کي چڱي طرح ڄاڻ آهي ته حڪومتون اينديون ۽ وينديون رهنديون آهن جڏهن ته هو 60 سالن تائين پنهنجن عهدن تي قائم ۽ دائم رهندا آهن، انهن کي خبر آهي ته جيڪا به حڪومت وجود ۾ ايندي هو انهن يعني بيوروڪريسي جي ئي محتاج رهندي تنهن ڪري انهن کي ڪنهن جي به پرواهه ناهي هوندي ته ڪنهنجي حڪومت اچي ٿي ۽ ڪنهن جي حڪومت وڃي ٿي هو ان معاملي کان بي نياز هوندا آهن. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو کان وٺي سيد يوسف رضا گيلاني جي حڪومت تائين هر صوبائي توڙي مرڪزي حڪومت کي بيورو ڪريسي مان شڪايت رهي آهي ته هو انهن يعني حڪومت کي آساني سان ڪم ڪرڻ نٿا ڏين ۽ سدائين انهن جي ڪمن ۾ روڙا اٽڪائيندي رهي ٿي جنهن ڪري حڪومت جي ساک کي نقصان پهچي ٿو. هاڻي ڏسون ٿا ته موجوده حڪومت انهن طاقتن جي مسلسل گهيري ۾ آهي هڪ طرف فوج آهي ته ٻئي طرف عدليا ته ٽئين طرف بيوروڪريسي ته چوٿين طرف کان آزاد ميڊيا جي نالي تي اڀرندڙ نئين قوت جنهن به سن سني خيزخبرن جي آڌار تي حڪومت جو ساهه مٺ ۾ ڪري ڇڏيو آهي، جيسياتائين ڳالهه درست ثابت ٿئي تيسيتائين بريڪنگ نيوز جي چڪر ۾ سڄي ملڪ اندر افرا تفري مچائي ڏني ٿي وڃي. پر انهن سڀني طاقتن جي وچ تي پارليامينٽ اهو واحد سول ادارو آهي جيڪو اڄ به ٻه واٽي تي ٽنگيل نظر اچي رهيو آهي جنهن جي پاڙ اڃا به ٺڪري تي بيٺل آهي، جڏهن به جنهن کي وڻي ٿو ان کي پيرن هيٺان گهلي گهلي ماريو ٿو وڃي، ڪڏهن اهو عمل فوج پاران ڪيو ويندو هو پر هاڻي اهو ڪردار عدليا پاران نڀايو پيو وڃي. اهڙي صورتحال ڏسي عدليا بحالي جي صف اول جا اڳواڻ محترمه عاصمه جهانگير صاحبه، علي احمد ڪرد ۽ هاڻي ان ۾ بئريسٽر چوڌري اعتزاز احسن به شامل ٿي ويو آهي جهڙا وڪيل اڳواڻ به عدليا جي ڪجهه فيصلن سان اختلاف ڪري رهيا آهن ۽ بقول انهن وڪيل اڳواڻن جي ته عدليا ڪجهه پنهنجي فيصلن ۾ حدن کي اورانگهيو آهي، چوڻ جو مطلب آهي ته وڙهن سانهه لتاڙجن ٻوٽا جي مثال ته وڏن جي ويڙهه ۾ عوام هر طرف کان پيسجي رهيو آهي ۽ مايوسي عوام جو مقدر بڻجي چڪي آهي تنهن ڪري صورتحال اڃا واضع ناهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي ۽ هن ملڪ ۾ جيڪي به ڪجهه ٿئي پيو ان پاور گيم ۾ پڪ ڄاڻو ته گهٽ ۾ گهٽ عوام جي مرضي شامل ناهي ڇو ته سدائين اهوئي ڏٺو ويو آهي ته ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا هوند آهن.

    نوٽ: هي مضمون اڄ جي مختلف اخبارن ۾ ڇپجي چڪو آهي، هاڻ هي ساڳيوئي مضمون جيئن جو تيئن سنڌ سلامت جي فورم تي موڪلي رهيو آهيان ته جيئن سنڌ سلامت فورم ذريعي ملڪي حالات جي باري ۾ فورم سميت سڀني دوستن سان ونڊ ڪر سگهجي. دعاگو
    [/JUSTIFY]
     
  2. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: وڙهن سانهه لتاڙجن ٻوُڙا

    سائين بلڪل سچ پيا چئو
    وسلام
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: وڙهن سانهه لتاڙجن ٻوُڙا

    سائين ڀٽو صاحب اوهان بلڪل صحيح لکيو آهي، وڏي کچڙي پڪي رهي آهي، لاوا ابل رها هي، ڌڻي خير ڪري۔۔۔ بهترين ليک، هميشه خوش رهو، ۽ پنهنجي نڪور لکڻين سان اسان کي ايئن ئي مستفيد ڪندا رهو، سچ پڇو ته اوهان جي ليکن جو اسان کي هن پياري اڱڻ تي شدت سان اظهار رهندو آهي، زندگي جي اڻ کٽ مصروفيتن سبب ڪڏهن اخبار تي نظر نه به پئجي سگهندي آهي، جنهن جي ڪمي اوهان هت پاڻ اچي اوطاق تي اسان سان ونڊ ڪري پورو ڪريو ٿا، جنهن لا اوهان کي هن عاجز جو سلام قبول ۔۔۔۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: وڙهن سانهه لتاڙجن ٻوُڙا

    محترم ڀٽو صاحب سلام

    پاڪستان جي آئين ۽ قانون به عجيب ۽ غريب ٺهيل آهي اتي وري فيصلا به اهڙا ايندا آهن جن تي کِل ايندي آهي۔ آئين ٽوڙيندڙ ۽ ججن کي اندر ڪندڙ ۽ چيف جسٽس کي وارن کان ڇڪي گهليندڙن جي خلاف نه ته ڪو فيصلو ٿو اچي نه ئي وري ڪو عدالت نوٽيس وٺي ڪو فيصلو ٿي ڪري۔ جڏهن ته ان وزيراعظم کي ڪورٽون هر هر گهرائن به ٿيون ۽ ان کي توهين عدالت جو ذميوار به ٿيون چون جنهن هڪ آئيني شَ سبب خط نه لکيو۔ هي اهوئي وزير اعظم آهي جنهن ججن کي آزاد ڪيو ۽ بحال ڪيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هاء ڙي اسان جا پيارا پاڪستان تنهنجا قانون۔

    بس ڇا چئجي جيڪو ڏاڍو سو گابو وارو ڪم آهي۔
     
  5. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: وڙهن سانهه لتاڙجن ٻوُڙا

    ڪتا قريبن جا ايڏي دڙ مدڙ،
    جن سيکاريئي وڙ ٿو ڏند ڏيکارين تن کي
    ادا طاهر صاحب اڄ دنيا ان گس تي ئي هلي رهي آهي، سو خدا خير ڪري اسان جي ملڪ جو، دعائن ۾ ياد
     
  6. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: وڙهن سانهه لتاڙجن ٻوُڙا

    ڪتا قريبن جا ايڏي دڙ مدڙ،
    جن سيکاريئي وڙ ٿو ڏند ڏيکارين تن کي
    ادا وساڻ صاحب تنهنجا ڪهڙا حال آهن، اميد آهي ته لوهه لڳو پيو هوندين پر يار ڇا ڪجي اڄ ڪلهه دنيا ان گس تي ئي هلي رهي آهي، سو خدا خير ڪري، دعائن ۾ ياد
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو