خارش

'صحت سرير جي' فورم ۾ حڪيم محمد يوسف کتري طرفان آندل موضوعَ ‏8 فيبروري 2012۔

  1. حڪيم محمد يوسف کتري

    حڪيم محمد يوسف کتري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏18 مئي 2009
    تحريرون:
    61
    ورتل پسنديدگيون:
    14
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ترخارش
    هي هڪ متعدي مرض آهي جيڪو طفيلي جراثيمن جي ڪري ٿيڻ واري متعدي بيماري آهي هي هڪ پتڪڙي جراثيم جي ڪري ٿيندي آهي جنهن کي sarcoptes scabiesچيووڃي ٿو .انهيءَ نسبت جي ڪري ميڊيڪل اصطلاح ۾ هن مرض کي تر خارش چيو وڃي ٿوهي منگھڻ جي شڪل جي جراثيم جي مادي جلد جي ٿولهه واري ته ۾ سرنگ ٺاهي داخل ٿي انهيءَ سرنگھ ۾ هي مادي 2کان ٽي بيدا ڏيندي آهي لڳ ڀڳ 25کان 26 بيدا ڏيڻ کان پوءِ هي مادي مري ويندي آهي قريباً2 چئن ڏينهن کان پوءِانهن بيدن مان ٻچا نڪري ايندا آهن جنهن جون گھڻو ڪري ڇهه ٽنگون هونديون آهن هي ٻچا جلد جي سرنگھن ۾ سرندا رهندا آهن انهيءَ وقت اهي ڪيڙا جيڪڏهن تندرست ماڻهن کي لڳي وڃن ته انهيءَ جي جلد ۾ منتقل ٿي ويندا آهن نه ته انهيءَ جلد ۾ پنهنجي جڳه ٺاهي نسل کي وڏائيندا رهندا آهن اهڙي طرح هي مرض گھر جي ٻين فردن ۾منتقل ٿيندو رهندو آهي هن مرض ۾ مبتلا مريضن کي گھڻو ڪري رات جو تڪليف زياده ٿيندي آهي انهيءَ ڪري ته هي ڪيڙا ڏينهن جو سمهندا آهن ۽ رات جو جاڳندا رهندا آهن انهيءَ ڪري هي خارش رات جو ئي ٿيندي آهي اهڙا ماڻهوجيڪي ڳورا آهن انهن جي ٺونٺن جي سنڌن تي هڪ ننڍي لڪير هوندي آهي جنهن کي محدب شيشي سان ڏسي سگھجي ٿو سراصل مادي جي بيدي ڏيڻ جي هوندي آهي جيڪڏهن اسين انهيءَ جڳه کي سئي سان کرچي ڏسندا سين ته هي مادي اتي موجود هوندي ۽ سوئي تي رهجي ويندي تنهن ڪري اتان آسانيءَ سان ڪڍي خورد بيني ۾ ڏسي سگھجي ٿو.
    علامات مرض
    مريض جي متاثر جڳه تي ننڍاننڍا داڻا هڪ ٻي کان عليحده هوندا آهن گھڻو ڪري گھري موتي جھڙو هوندو آهي جن ۾ پاڻي ڇڻڪندو نظر ايندو آهي تڪليف جي ڪري ذري ڀيري خارش ڪرڻ جي ڪري ان ۾ خراشون ٿي وڃن ٿيون.انهيءَ کان پوءِ وڌيڪ ان ۾ جراثيم داخل ٿي جلد جي سوزش ۽ گند سان ڀريل ڦروڙين ۾ تبديل ٿي وڃن ٿيون ڪجھ ڏينهن کان پوءِ اهي ڦروڙيون ڦاٽي پون ٿيون ۽ چمڙي تي هيڊاڻ مائل پاپڙيون ڄمي وڃن ٿيون هن مرض ۾ سڀ کان پهرين پهرين خارش ان کان پوءِ زخم ٿي وڃن ٿا .انهيءَ کان پوءِ ان مان گند۽ گند واريون پاپڙيون نڪرنديون رهنديون آهن.جيڪڇهن اهو مواد ٻي ڪنهن مانهو کي لڳي وڃي ته اتي به تر خارش پيدا ٿي ويندي آهي اهڙِءَ ططرح هي سلسلو مهينن کان وٺي سالن تائين هلندو رهندو آهي هي مرض گھو ڪري رانن چهري ۽ مٿي تي ظاهر ٿئي ٿو .هن مرض ۾ڪڏهن بخار به ٿي ويندو آهي .انهيءَ سان گڏ رات جو خارش تمام گھڻي هوندي آهي هنڌ جيترو گرم هوندو آهي خارش اوتري ئي شديد هوندي آهي هي بيماري خارش ڪيڙن جي مرڻ کان پوءِ به ڪافي ڏينهن تائين. باقي رهندي آهي اهو انهيءَ ڪري ٿيندو آهي جو انهن ڪيڙن جي ڪري جسم ۾ الرجي پيدا ٿي ويندي آهي .
    ڪارڻ
    جيئن ته پهرين ٻڌاِ آيا آهيون ته هي مرض طفيلي ڪيڙجي ڪري ٿيندو آهي تڏهن به سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته انهيءَ جراثيم کي وڌڻ ويجھڻ جا موقعا ڇو ٿا ملن انهيءَ لاءِ صرف اصترو چئي سگھجي ٿو ته جتي انهيءَ بيماري جا مريض هوندا آه اتي رهڻ جي ڪري هي مرض ٿي ويندو آهي .خاص ڪري هي مرض جيلن ۾ گھڻو ٿيندو آهي انکان پوءِ انهن ماڻهن کي جيڪي بيرڪن ۾ گڏ رهن ٿا اتي ڪنهن به هڪ کي هي مرض ٿو ته ٻي وٺجي ويندا آهن گھر پاڙ ۾ صفائي نه هجڻ به هن جوڪارڻ ٿي سگھي ٿو جانورن ۾ به هي جرثمو موجود هوندو آهي انهيءَ ڪري جانورن سان گڏ رهڻ وارا به هن مرض ۾ مبتلا ٿي سگھن ٿا انهيءَ ڪري گھر جي جانور تي به نظر رکڻ گھرجي جيڪڏهن انهيءَ کي خارش هجي ته ان جو ترت علاج ڪرڻ گھرجي .جيئن هي متعدي مرض آهي انڪري هڪ ٻي جا ڪپڙا يا ٽوال استعمال ڪرڻ سان به هي مرض ٿي سگھي ٿو اهڙي طرح سان مهمان مڙهي تي به نظر رکڻ گھرجي اهڙا ماڻهو استعمال ڪيل بستري کي ڌوئي پوءِ استعمال ڪرڻ گھرجي
    مونجھارا
    هنجو ترت علاج ڪرڻ گھرجي ، ماڻهو هن کي معمولي تڪليف ده بيماري سمجھي نظر ڪنداآهن اها سندن غلطي هوندي آهي خارش سان گڏ اڀريون سڀريون ٻيون بيماريون به هونديون آهن خارش جي ڪري ماڻهو اهي نظرانداز ڪندو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اهي بيماريون به وڌي وڻ ٿي وينديون آهن ڪيڙن جي جلدم مان زهريلو مادو نڪرندو رهندو آهي جيڪي گردن کي تمام گھڻو نقصان پهچائيندا آهن ايترو جو گردن کي فيل ڪرڻ واريون بيماريو به پيدا ٿي سگھن ٿيون . جيئن ته هن سان خارش ٿيندي رهندي آهي اڳتي هلي خارش جي ختم ٿيڻ جي باوجود الرجي رهجي ويندي جنهن ڪري اڀري سڀري خارش جان نه ڇڏيندي آهي .لاڳيتو خارش ڪرڻ سان خارش ايگزيما ۾ به تبديل ٿي ويندي آهي جيڪا انتهائي ڏکي بيماري آهي.سوزش جي ڪري غدودن جي سوڄ ورم، گند ۽ ڪمزوري پيدا ٿي سگھي ٿي .
    علاج
    خارش جو علاج هونئن ته معمولي آهي ڊاڪٽر حضرات سڄي بدن کي لوشن لڳرائيندا آهن جنهن سان گھڻو ڪري هڪ ٻه دفعا استعمال ڪرڻ سان خارش کي آرام اچي ويندو آهي پر اهو علاج مڪمل جان ڇڏائڻ وارو نه آهي .اسان جي دوست نثار احمد ناز جي پٽ کي شديدخارش ٿي پئي چمڙي جي ماهرن کان علاج ڪرائڻ جي باوجود ڪو به فرق نه ٿيو. نيٺ مون سان مشورو ڪيائين مون چيو مانس ته دوا ڪڙي آهي جيڪڏهن پي ويو ته خارش جي پاڙ پٽجي ويندي همراه حامي ڀري هفتي جي اندر خارش ۽ زخم ختم ٿي ويا . لطيفي دواخاني ۾ مرهم لطيفي جي نالي ٺاهيو ويندو آهي جنهن جي اها خاصيت آهي ته ڪهڙي به خارش هجي ته ٻن ٽن ڏينهن ۾ ها خارش ختم ٿي ويندي آهي خاص ڪري اها خارش جيڪا ڏڊ وانگر دائرا يا ڪارا ڌام ٺاهيندي آهي اهڙي خارش لاءِ هڪ ٽڪ آهي.
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: خارش

    سائين حيڪيم صاحب اوهان جا لک ٿورا جو اوهان پنهنجي علمي خزاني سان اسان کي مستفيد ڪريو ٿا، ڌڻي اوهان کي هميشه سلامت رکي، ۽ مهرباني آهي اوهان جي ان ڪم کي جاري رکجو ۽ مخلوق کي هميشه فائدو پهچائيندا رهو۔۔۔
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: خارش

    سائين حڪيم محمد يوسف کتري صاحب مهربانيون

    اوهان هڪ اهڙي بيماري بابت اهم ڄاڻ ڏني آهي جيڪا هڪ عام بيماري آهي۔

    مستقبل ۾ اهڙي قسم جي مريضن کي اوهان سان رابطو ڪرڻ ۽ اوهان جي دواخاني جي دوا استعمال ڪرڻ جي صلاح ڏبي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو