سائين ڏاڏل صاحب جن جي تخليق بلڪل حق سچ، سائين جن جي ھر ونڊ بلڪل حق سچ ھوندي آھي، سائين جن جي ھي شاعري تمام بھترين لڳي، مون سوچيو ته سرڪار جي ھن شاعري کي پنھنجي حساب ڪتاب سان رنگ ڏيان ان حوالي سان مون ڪوشش ڪري وري ڊزائين ڊاھي پيو ڇڏيان ڇوته مان متمعن نه پيو ٿيا ته سائين جن جي تخليق کي مان ڪھڙا رنگ ڏيان خير ڪجھ ڪوشش ڪري دوستن سان ونڊ ڪريان ٿو۔ نوٽ سائين جن ھي شاعري سنڌسلامت تي ونڊ پاڻ خُد ڪئي آھي۔۔۔۔۔لنڪ
جواب: غمي ۾ هرڪو بيٺو آهي ڌار (ڏاڏل شينو) سائين عاشق صاحب اوهان جي مهربان يجو اوهان اسان جي لفظن لاءِ ايتري جاکوڙ ڪري انهن ٽُٽل لفظن کي ايترو مان ڏنو ۔ اوهان جو مهربانيو۔ وسلام
جواب: غمي ۾ هرڪو بيٺو آهي ڌار (ڏاڏل شينو) ادا عاشق ڀاءُ ڏاڏل صاحب جن جي ڪهڙي ڳالھ ڪجي؟ پاڻ پنهنجو شمار سنڌ جي هن عصر جي بهترين شاعرن ۾ جوڙيندا پيا وڃن، ان شاءَ الله منزل دور نه آهي۔ معاشري ۾ پکڙيل بيماريل ۽ سماجي براين تي سائين جن جي پيچيني ته ڪير سائين جن جي انهن الفاظن ۾ ڏسي، ڏاها ته ڏاها پر ننڍي وڏي عمر وارا هر ڪو ان پيچيني کي سائين جن جي شاعري ۾ محسوس ڪري سگهي ٿو۔ مٿان وري اوهان جي خوبصورت چترڪاري به ان کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا۔ خير سائين ڏاڏل صاحب جن جي شاعري ۾ ان بيوسي جو جيڪو اظهار ٿئي ٿو اهو پنهنجي جا تي ، جنهن کي سائين جن وري به الفاظ ۾ اظهار ڪن ٿا، پر آءُ داد ڏيندس اوهان جي ذهن کي جو بغير لفظن جي اهڙي تصوير ۾ ان مايوسي، مفلسي ۽ بي وسي جو عڪس ڏنو آهي جنهن کي سمجهڻ لا لفظن جي به ضرورت نه آهي۔ سلام ٻنهي دوستن کي۔۔۔