پشيماني آ نه پريشاني

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
پشيماني آ نه پريشاني
عجب گذري پئي زندگاني

سوچون هزار هتي
انساني ته ڪي حيواني

آٿت ڏني ڏکن کي
جواني کان وئي جواني

هي ڪهڙو دور آهي
هر پل وڌي حيراني

ڪنهن تي ڪجي اعتبار
ڀاءُ جي ڀاءُ سان بدگماني

ڪوڙ ڪڇ ۾ رهي ٿو
زماني ۾ سچ ، ذلت نشاني

کڻي نه ويو شاه و گدا
دنيا دولت جي ديواني

ڏاڏل ڏاهپ وئي لڏي
ظلم جي هلي ترجماني

جواب: پشيماني آ نه پريشاني

ادا ڏاڏل جس هجي اوهان جهڙن سگهڙن کي جو هن ڀنڀور سان گڏ پنهنجي سيني ۾ ڀڙڪرل باھ جي پنهنجي سهڻي الفاظن سان ترجماني ۽ اظهار ڪريو ٿا، جنهن لا وڏي جرات ۽ همت درڪار هوندي آهي، ڌڻي تعالا اوهان کي اها ڏات تحفي ۾ ڏني آهي جنهن جو اوهان سهڻي سليقي سان استعمال ڪرڻ به ڄاڻو ٿا۔
الله اوهان کي سدائين خوش رکي ۽ اسان جي معاشري جا حالات بهتر بڻائي، آمين۔۔۔
 
سائين طاهر صاحب پسند ڪرڻ جي مهرباني ۔
وسلام
 
جواب: پشيماني آ نه پريشاني

هي ڪهڙو دور آهي
هر پل وڌي حيراني

ڏاڏل سائين هاڻي ته هر پل هڪ نئين حيراني ملندي۔

انسان جڏهن پنهنجي نفساني خواهشن جي پورائي لاء ڪجهه به ڪرڻ لاء تيار ٿي وڃي ته پوء اهڙي صورتحال پيدا ٿيندي آهي۔
 
Back
Top