• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

عرفانه ملاح ۽ اظهر شاهه سميت سنڌ يونيورسٽي جي 9 استادن کي معطل ڪرڻ جو فيصلو

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
عرفانه ملاح ۽ اظهر شاهه سميت سنڌ يونيورسٽي
جي 9 استادن کي معطل ڪرڻ جو فيصلو​
ڪراچي (رپورٽ: مجاهد شاهه) سنڌ يونيورسٽي ٽيچرز ايسوسيئيشن جي صدر اظهر شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري عرفانه ملاح سميت 9 اسسٽنٽ پروفيسرن کي معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، گورنر هائوس مان جاري بيان ۾ پير مظهر الحق جي حوالي سان چيو ويو آهي ته 2 استادن کي برطرف ڪيو ويو آهي، سوٽا سينڊيڪيٽ جي فيصلن کي رد ڪندي عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي، ڪالهه گورنر هائوس ڪراچي ۾ سنڌ يونيورسٽي جي سينڊيڪيٽ ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو جنهن جي صدارت سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد ڪئي. اجلاس ۾ تعليم جي صوبائي وزير پير مظهرالحق، سنڌ يونيورسٽي جي وي سي نذير احمد مغل، سنڌ يونيورسٽي جي پرو وائيس چانسلر پروين شاهه، پرو وائيس چانسلر انور علي شاهه، پرو وائيس چانسلر امداد اسماعيلي، (ر) پروفيسر ممتاز ڀٽو، سينڊيڪيٽ جو ميمبر اسد لاڙڪ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ استادن پاران ڪنهن به نمائندي شرڪت نه ڪئي جڏهن ته سينڊيڪيٽ جي ميمبر پروفيسر رفيعه شيخ پڻ شرڪت نه ڪئي. اجلاس ۾ يونيورسٽي ۾ استاد اڳواڻن جي احتجاج ۽ تدريسي عمل جي بائيڪاٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ يونيورسٽي ۾ تدريسي عمل جي بحالي لاءِ ضلعي انتظاميا کان سهڪار حاصل ڪري استادن کي احتجاج ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ هرممڪن قدم کنيا ويندا، جڏهن ته سوٽا اڳواڻن پاران ٿيندڙ احتجاج کي ختم ڪرڻ لاءِ فوري طور تي سوٽا جي صدر اظهر شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري عرفانه ملاح سميت 9 اسسٽنٽ پروفيسرن کي معطل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون. سينڊيڪيٽ جي اجلاس کانپوءِ تعليم کاتي جي صوبائي وزير پير مظهرالحق سنڌ يونيورسٽي جي وي سي نذير احمد مغل سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪئي. ان موقعي تي پير مظهرالحق چيو ته ڪنهن به گروپ جي بليڪ ميلنگ ۾ اچي موجوده وي سي نذير احمد مغل کي نه هٽايو ويندو. نذير مغل قابل ترين وي سي آهي ۽ هو آمريڪا ۾ يونيورسٽي جو ڊين رهي چڪو آهي. هن چيو ته قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته اڄوڪي سينڊيڪيٽ جي اجلاس ۾ سوٽا جي مرڪزي صدر اظهر علي شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري عرفانه ملاح سميت 9 اسسٽنٽ پروفيسرن کي معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. هن چيو ته جيڪو قانون هٿ ۾ کڻندو ان جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. پير مظهرالحق جو چوڻ هو ته جڏهن مظهرالحق صديقي سنڌ يونيورسٽي جو وي سي هو تڏهن ان جي خلاف احتجاج ڇو نه ڪيو ويو. سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن جي پڙهائي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو، استادن جا جائز مسئلا حل ڪيا ويندا اسان کي سنڌ يونيورسٽي جي روايتن کي برقرار رکڻ گهرجي، ڪنهن کي به يونيورسٽي جي قانون ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ نه ڏينداسين، استادن جو ڪم شاگردن کي پڙهائڻ آهي سياست ڪرڻ نه آهي. استاد وزيرن کان به وڌيڪ پگهارون کڻن ٿا انهن کي پنهنجن ذميوارين جو احساس هجڻ گهرجي. هن چيو ته قانون موجب استاد سياست نٿا ڪري سگهن انهن کي پڙهائڻو آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جو تدريسي عمل جاري رکڻ لاءِ وي سي نذير مغل جي ڀرپور مدد ڪئي ويندي، پير مظهرالحق چيو ته ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ ساڍا 3 سئو کان وڌيڪ استادن کي معطل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پروفيسر بشير چنڙ جي قتل جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وئي آهي ۽ جوابدار جلد گرفتار ڪيا ويندا. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي سنڌ يونيورسٽي جي وي سي نذير مغل چيو ته اڄوڪي سينڊيڪيٽ جي اجلاس ۾ ٻن سوٽا اڳواڻن اظهر علي شاهه ۽ عرفانه ملاح کي معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، ٻنهي استادن کي سبب ڄاڻائي نوٽيس جاري ڪيو ويو هو. جنهن جو مطمئن ڪندڙ جواب نه اچڻ تي کين معطل ڪيو ويو آهي. هن چيو ته وڌيڪ ٻين اسسٽنٽ پروفيسرن کي پڻ سبب ڄاڻايو نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جو تدريسي عمل جاري رکيو ويندو. هوڏانهن گورنر هائوس پاران جاري ٿيل پڌرائي موجب سينڊيڪيٽ اجلاس ۾ ٻن استادن کي برطرف ڪيو ويو آهي، ٻئي طرف ذريعن موجب عرفانه ملاح ۽ اظهر شاهه سان گڏ بدر سومرو، اصغر برفت، امر سنڌو، رابعه ميمڻ، اياز ڪيريو ۽ اسحاق سميجو کي به معطل ڪيو ويو آهي، هوڏانهن سنڌ يونيورسٽي ٽيچرز ايسوسيئيسن (سوٽا) سينڊيڪيٽ جي ٿيل اجلاس ۽ فيصلن کي غيرقانوني ۽ غير آئيني قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏيو آهي، سوٽا اڳواڻن چيو آهي ته ڪرپٽ وي سي کي يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو، تعليم جو صوبائي وزير پير مظهر الحق اسڪولن ۽ ڪاليجن کي تباهه ڪرڻ بعد هاڻي سنڌ يونيورسٽي جي پويان پئجي ويو آهي، ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي سوٽا جي جنرل سيڪريٽري عرفانه ملاح چيو ته سنڌ يونيورسٽي رت جو ميدان ٿي وئي آهي، هڪ ڪرپٽ ۽ نااهل شخص ڪنهن جي حمايت سان هتي ويٺو آهي، اهي شخصيتون پڌريون ٿي سنڌ جي عوام سامهون اچي ويون آهن، اسين اڄ سنڌ يونيورسٽي کان حيدرآباد تائين مارچ ڪري رهيا آهيون، اسين پير مظهر کي مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏيون ٿا ته جيئن هن کي خبر پوي ته استادن، ملازمن ۽ شاگردن جو جيڪو اتحاد آهي اهو ڪنهن به داٻي ۾ نه ايندو، اسين پنهنجي پرامن جدوجهد ان وقت تائين جاري رکنداسين جيستائين احتجاج کي مان نه ٿو ڏنو وڃي، هن چيو ته يونيورسٽيون خودمختيار ادارا آهن، پاڪستان جي آئين موجب استادن کي معطل ڪرڻ جو اختيار انهن وٽ ناهي، جيڪڏهن قانون جي لتاڙ ڪندي اهڙا قدم کڻن ٿا ته عدالتن ۾ وينداسين، هن چيو ته اسان جڙتو سينڊيڪيٽ کي اڳ ئي عدالت ۾ چئلينج ڪيو آهي ڇاڪاڻ ته سينڊيڪيٽ ۾ استادن جو ڪو به نمائندو نه هو، سينڊيڪيٽ ڪاميٽي جا ميمبر ئي پورا ڪونه هئا ته پوءِ اهو اجلاس ڪيئن ڪيو ويو، هن چيو ته سنڌ يونيورسٽي جا 4 استاد، هاءِ ڪورٽ جو سٽنگ جج، هڪ ايم پي اي، هڪ عالم دين ۽ ٻن شاگردن سميت مختلف مڪتب فڪر سان واسطور کندڙ ماڻهو سينڊيڪيٽ جا ميمبر چونڊيا ويندا آهن جيڪي يونيورسٽي بابت فيصلا ڪري سگهن ٿا، هن اجلاس ۾ استادن مان ڪنهن به شرڪت نه ڪئي آهي ۽ سينڊيڪيٽ ڪاميٽي ۾ شموليت لاءِ استادن جي چونڊ لاءِ 20 فيبروري تي اليڪشن رٿيل آهي جيڪا اڃا نه ٿي آهي. هن ٻڌايو ته سينڊيڪيٽ ڪاميٽي ۾ 4 پرو وائيس چانسلر ميمبر هوندا آهن، انهن مان پڻ پروفيسر رفيعه شيخ کي اجلاس ۾ نه گهرايو ويو جيڪا سينڊيڪيٽ ڪاميٽي جي ميمبر آهي، سوٽا جي صدر اظهر شاهه ۽ سوٽا اڳواڻ اصغر برفت چيو ته وي سي نذير مغل کي يونيورسٽي ۾ داخل ٿيڻ نه ڏنو ويندو، هنن چيو ته پير مظهر الحق اسڪولن ۽ ڪاليجن کي تباهه ڪرڻ بعد سنڌ يونيورسٽي جي پويان پئجي ويو آهي.
سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهائي بدستور بند، اڄ تالا بندي ۽ لانگ مارچ جو اعلان
ڄامشورو (رپورٽ: نديم باغي) سنڌ يونيورسٽي ۾ اڄ اربع واري ڏينهن تي وائيس چانسلر نذير مغل ٻيهر چارج سنڀاليندو، جڏهن ته استادن ۽ ملازمن پاران سراپا احتجاج هجڻ جو سلسلو بدستور جاري آهي، جنهن سبب ڪئمپس جو تدريسي عمل بند آهي، جنهن ڪري هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين جي پڙهائي سخت متاثر ٿي رهي آهي، جڏهن ته مطالبن جي مڃتا لاءِ يونيورسٽي جي استادن ۽ ملازمن پاران ٻيهر سرا پا احتجاج بڻجڻ سبب هلندڙ ڇڪتاڻ جو اختيار ڌڻين ڪوبه نوٽيس نه ورتو آهي، ان ڏس ۾ ڪالهه به سنڌ يونيورسٽي ۾ استاد يونين سوٽا جي سڏ تي استادن پاران ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو ويو ۽ ملازم يونين سيوا جي سڏ تي ملازمن پاران ڪم ڇڏهڙتال ڪئي وئي، جنهن سبب يونيورسٽي جو تدريسي عمل بحال نه ٿي سگهيو ۽ مڙني شعبن جو عام ڪاروهنوار به سخت متاثر هجڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته سنڌ يونيورسٽي ۾ اي سي ٽو آڏو سيوا جي غلام نبي ڀلائي، الهوڌايو سهتو، عبداللطيف لغاري، محمد علي لغاري ۽ امداد کوسو جي اڳواڻي ۾ سوين ملازمن احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ۽ جنرل باڊي جو اجلاس ڪوٺايو ويو، احتجاج ڪندڙ ملازمن وي سي نذير مغل کي هٽائڻ ۽ ٻين بنيادي مسئلن جي حل جو مطالبو ڪيو ۽ مطالبن جي مڃتا تائين احتجاجي تحريڪ جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو، جنهن بعد يونيورسٽي جي زيرو پوائنٽ وٽان استاد يونين سوٽا جي اڳواڻن ڊاڪٽر سيد اظهر علي شاهه، ڊاڪٽر رابعه ميمڻ، ڊاڪٽر عرفانه ملاح، پروفيسر بدر سومرو، اصغر برفت، ملازم يونين سيوا جي اڳواڻن غلام نبي ڀلائي، الهوڌايو سهتو، محمد علي گهانگهرو، امداد کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي هيٺ استادن ۽ ملازمن ڊيوٽين جو بائيڪاٽ ڪرڻ بعد احتجاجي ريلي ڪڍي سنڌ الاجي وٽ انڊس هاءِ وي تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ٻن ڪلاڪن تائين علامتي بک هڙتال ڪئي، جنهن دوران احتجاج ڪندڙ استادن ۽ ملازمن وي سي نذير مغل کي هٽائڻ، پروفيسر بشير چنڙ جي قاتلن جي گرفتاري ۽ ٻين مطالبن وارا پلي ڪارڊز ۽ بينرز کڻي ” گو وي سي گو، نذير مغل ڊائون ڊائون، وي سي هٽايو يونيورسٽي بچايو “ جي سخت نعريبازي ڪندي وائيس چانسيلر نذير مغل کان استعيفا ڏيڻ، سندس خلاف ڪرپشن جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ، پروفيسر بشير چنڙ جا قاتل گرفتار ڪرڻ، پوليس ۽ رينجرز جي نيڪالي ۽ شاگرد يونين جي بحالي سميت يونيورسٽي جي استادن، ملازمن ۽ شاگردن کي تحفظ فراهم ڪرڻ جامطالبا ڪيا، ان موقعي تي استاد اڳواڻن ڊاڪٽر سيد اظهر علي شاهه، ڊاڪٽر عرفانه ملاح، پروفيسر بدر سومرو، امر سنڌو، ملازم اڳواڻن غلام نبي ڀلائي، الهوڌايو سهتو، محمد علي گهانگهرو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي جو وي سي نذير مغل واپس آيو ته حالتن جا ذميوار گورنر سنڌ، تعليم وارو وزير ۽ وائيس چانسلر پاڻ هوندا، سنڌ يونيورسٽي جي سوين استادن ۽ هزارين ملازمن پاران 38 ڏينهن کان سراپا احتجاج بڻجي وي سي نذير مغل خلاف تاريخي ريفرنڊم ڪيو پيو وڃي پر اکين تي پٽيون ٻڌل اقتدار ڌڻي ڪوبه نوٽيس نه ٿا وٺن، هنن وڌيڪ چيو ته يونيورسٽي جا استاد يا ملازم ڪنهن به ميڊيا گروپ سان تعلق نه ٿا رکن هو صرف ۽ صرف سنڌ يونيورسٽي جا معزز استاد آهن، تعليم جو صوبائي وزير پير مظهر الحق استادن خلاف غلط ۽ نازيبا زبان استعمال ڪري رهيو آهي، اسان جو احتجاج جائز آهي، پير مظهر اسان جي گورنر هائوس سان ڪامياب ڳالهين کي سبوتاز ڪيو آهي جنهن سبب سنڌ يونيورسٽي جو بحال ٿيل تدريسي عمل معطل ٿي ويو آهي، جيڪڏهن پير مظهر الحق نازيبا لفظ ڳالهائڻ بند نه ڪيا ته ان خلاف به پوري ملڪ ۾ استادن طرفان احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي. هنن وڌيڪ چيو ته اڄ سنڌ يونيورسٽي ۾ مڪمل طور تي تالابندي ڪئي ويندي، انتظاميا پاران پوائنٽ بسون بند ڪرڻ جو فيصلو ٿيو ته به استاد ۽ ملازم پنهنجي مدد پاڻ ڪئمپس پهچندا ۽ ڄامشوري ڪئمپس کان حيدرآباد اولڊ ڪئمپس تائين پيادل لانگ مارچ ڪيو ويندو، جنهن ۾ سوين استادن، هزارين ملازمن سان گڏ شاگردن ۽ شاگردياڻين کانسواءِ قومپرست تنظيمن جا اڳواڻ ۽ سول سوسائٽي جا نمائندا شرڪت ڪندا، هوڏانهن مهراڻ يونيورسٽي ۾ استاد يونين ميوٽا پاران 12 وڳي کان ڪئمپس جي تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ويو ۽ احتجاجي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو، هوڏانهن فاپواسا پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر همايون خان، فاپواسا سنڌ چيپٽر جي صدر نعمت الله لغاري ۽ ٻين عهديدارن جاري ڪيل بيانن ۾ چيو آهي ته سنڌ يونيورسٽي جي استادن جا مطالبا جائز آهن پر موجوده عوامي حڪومت مطالبا مڃڻ کان ڪن لاٽار ڪري رهي آهي، جيڪڏهن اڃا به سنڌ يونيورسٽي جي ڪرپٽ وي سي نذير اي مغل کي نه هٽايو ويو ته 7 فيبروري کان 12 فيبروري تائين سنڌ جي سڀني يونيورسٽين ۾ جاري ٽوڪن هڙتال جو دائرو وڌائيندي 13 فيبروري کان يونيورسٽين ۾ مڪمل تالابندي ڪئي ويندي، هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي وي سي سميت پاڪستان جي ڪيترين ئي يونيورسٽين ۾ حڪمرانن جي آشيرواد سان نوازيل ڪرپٽ رٽائرڊ وي سيز ويٺل آهن جن کي پڻ بنا دير هٽايو وڃي ۽ هنن اعلان ڪيو ته تمام جلد اسلام آباد ۾ ملڪ جي سڀني يونيورسٽين جي استاد تنظيمن جي اڳواڻن جو اجلاس سڏائي وڌيڪ احتجاج لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويندو ۽ سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر کي هٽائي پوءِ ئي سک جو ساهه کڻنداسين، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سلوٽس طرفان سنڌ يونيورسٽي جي ٽيچرز ايسوسئيشن (سوٽا) جي حمايت ۾ يونيورسٽي اندر 12 وڳي کان تدريسي عمل معطل ڪرايو ويو. ان سلسلي ۾ سلوٽس جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر نور شاهه ۽ جنرل سيڪريٽري پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي ملاح چيو ته سوٽا جي مطالبن جي مڃتا تائين سلوٽس ۽ پورهيتن جي جدوجهد جاري رهندي. جيڪڏهن سوٽا جا مطالبا جلد نه مڃيا ويا ته احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو، زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ استادن 12 وڳي کانپوءِ ڪلاسن جو تدريسي بائيڪاٽ ڪيو، جنهن جي اڳواڻي پروفيسر نعمت الله لغاري، سعيد حيدر گهلو ۽ شمشاد سپيو ڪئي، هنن مطالبو ڪيو ته گورنر هائوس ڪيل ڳالهين ۽ استادن جي مطالبن تي عمل ڪري۔۔۔۔۔ بشڪريه ڪاوش.


 
جواب: عرفانه ملاح ۽ اظهر شاهه سميت سنڌ يونيورسٽي جي 9 استادن کي معطل ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ يونيورسٽي جي عجيب صورتحال آهي۔ گورنمينٽ جي هن فيصلي جي سخت لفءن ۾ ترديد ڪجي ٿي۔

گورنمينٽ ۽ استاد پنهنجي ضد ڇڏڻ لاء تيار ناهن ۽ نتيجو يونيورسٽي جو تدريسي عمل بند آهي۔ هن سڄي مسئلي ۾ ڪو اهڙو ماڻهو ناهي جيڪو معاملي کي سلجهائڻ لاء اڳتي اچي ۽ ٻنهي ڌرين سان ڳالهيون ڪري ڪو سرچاء جو طريقو ڳولي تدريسي عمل جاري ڪرائي۔

حڪومت جي ناڪاري حرڪتن تي ته اسان کي حيرت آهي پر هن دفعي استادن تدريسي عمل بند ڪري به هڪ نئين روايت قائم ڪئي آهي۔
 
Back
Top