
ڇا توهان کي عنوان ۾ پڇيل سوال جو اندازو آهي۔۔؟
يقينن توهان کي اندازو هوندو ته انٽرنيٽ جي دنيا ڏينهون ڏينهن وڏي ٿيندي پئي وڃي۔۔ ۽ اسان نيٽ جي انهي دنيا ۾ ڪيترو مشغول آهيون؟۔۔ ان جو به توهان کي اندازو هوندو۔۔ پر دوستو توهان جو اندازو بلڪل به ننڍو هوندو جو مان توهان اڳيان هڪ چارٽ پيش ڪري ثابت ڪندس ته انٽرنيٽ جي دنيا ۾ هر هڪ منٽ يعني 60 سيڪنڊن ۾ ڇا پيو ٿئي۔۔۔!
ڏسو ۽ يقين ڪريو ته هر 60 سيڪنڊس ۾ انٽرنيٽ جي دنيا ۾ ٿي رهيو آهي۔۔
ٽويٽر سوشل نيٽ ورڪ تي لڳ ڀڳ 98000 ٽويٽس موڪليا پيا وڃن۔۔
فيس بوڪ تي 695000 پروفائيل اپڊيٽ پيا ٿين۔۔
گوگل تي 694445 ڪيوريز ڳوليون پيون وڃن۔۔۔
پينڊورا ميوزڪ جو 13 ڪلاڪ اسٽريمنگ هلڻ۔۔۔
اسڪائيپ تي 370000 منٽ گفتگو جو ٿيڻ۔۔
168 ملين اي ميلز جو تبادلو۔۔۔
۽ ۽ ۽۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بهتر رهندو ته هي چارٽ ڏسو ۽ پنهنجي ڪيل اندازي سان ڪمپيئر ڪريو۔۔۔