• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محنت ڪش يونين پورھيت مزدور طرفان مرڻ گھڙي تائين بُک ھڙتال ٽيون ڏينھن به جاري !

حق موجود

سينيئر رڪن
ٽنڊو محمد خان شگر ملز مان جبري برطرف ٿيل 7 ست پورھيت مزدورن جي بحالي لاءِ محنت ڪش يونين جي 5 عھديدارن طرن مرڻ گھڙي تائين بُک ھڙتال اڄ 3 ٽئين ڏينھن به جاري رھي مرڻ گھڙي تائين بک ھڙتال تي ويھندڙ پورھيت سيد نويد علي شاھ، محمد عرس ڀٽي، محمد علي کوکر، روشن علي جسڪاڻي ، انور ملاح جن جي طبيعيت تيزي سان خراب ٿيڻ لڳي جڏھن ته ٽنڊو محمد خان ملز انتظاميه طرفان ڪيترائي ڪلال گذرڻ باوجود به اڃان ڪو به نمائيندو نه پھتو ۽ نه ئي وري مزدورن جي ڪنھن چونڊيل نمائيندي طرفان سار لڌي وئي جڏھن ته پورھيتن جو چوڻ ھو ته سندن جائز مطالبن جي مڃتا تائين سندس احتجاج جاري رھندو ۽ اسان کي ڪجھه به ٿيو ان جا ذميدار ملز انتظاميه سميت سڀ چونڊيل نمائينده ھوندا.
جڏھن ته ٻئي پاسي ٽنڊو محمد خان شھر جي سمورن سياسي ۽ سماجي پارٽين بُک ھڙتال جي ڪئمپ تي پھچي پورھيتن کي ڀرپور حمايت جو يقين ڏياريو ۽ ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو يقين پڻ ڏياريو ان سلسلي ۾ پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيئيشن جي ڊاڪٽر لطف علي ٽالپر ، ذميندار اتحاد جي مير نسيم ٽالپر، ايس يو پي جي ناظم نارو ، ايس اين پي جو دودو ھاليپوٽو ، شھري اتحاد جي نور حسن کوکر ، سند نيشنل فرنٽ جي ابراھيم گُل، عوامي تحريڪ جي ڊاڪٽر مشاق شورو ، شھيد ڀٽو جي قادر ملاح ، اي اين پي جي رازق پٽاڻ ، تاجران فيڊريشن جي حاجي شبير ميمڻ ، حق سچ جي يونس سومرو، سومرا برادري جي سليمان سومرو ،جسمم جي علي حسن بلوچ ، جست جي عبدالخالق خاصخيلي . سنڌ يونائيٽيد پارٽي جي ضلعي سيڪريٽري نياز خاصخيلي ، يونائيٽيڊ اسٽوڊنٽ فيڊريش جي ضلعي چيف آرگنائيزر ابراھيم سومرو ، غلام محمد شيخ ۽ ذوالفقار ڀرڳڙي سميت ٻين پڻ بُک ھڙتال ڪئمپ تي پھچي حمايت ۽ شرڪت ڪئي!ـ


ta55hx.jpg
 
Back
Top