• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محنت ڪش يونين پورھيت مزدور طرفان مرڻ گھڙي تائين بُک ھڙتال اڄ چوٿين ڏينھن به جاري !

حق موجود

سينيئر رڪن
ٽنڊو محمد خان شگر ملز مان جبري برطرف ٿيل 7 ست پورھيت مزدورن جي بحالي لاءِ محنت ڪش يونين جي 5 عھديدارن طرن مرڻ گھڙي تائين بُک ھڙتال اڄ 4 چوٿين ڏينھن به جاري رھي مرڻ گھڙي تائين بک ھڙتال تي ويھندڙ پورھيت سيد نويد علي شاھ، محمد عرس ڀٽي، محمد علي کوکر، روشن علي جسڪاڻي ، انور ملاح جن جي طبيعيت تيزي سان خراب ٿيڻ لڳي ۽ اچانڪ ھڪ پورھيت مزدرو عرس ڀٽي جي طبيعت خراب ٿي جنھن کان پوءِ کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏھن ته ٽي ايم خان سرڪاري اسپتال کان جواب ملڻ سبب حالت نازڪ ٻڌائي وئي ان کان پوءِ کيس حيدرآباد منتقل ڪيو وي جڏھن ته ٽنڊو محمد خان ملز انتظاميه طرفان اڄ 4چوٿون ڏيڍنھن گذرڻ باوجود به اڃان ڪو به نمائيندو نه پھتو ۽ نه ئي وري مزدورن جي ڪنھن چونڊيل نمائيندي طرفان سار لڌي وئي جڏھن ته پورھيتن جو چوڻ ھو ته سندن جائز مطالبن جي مڃتا تائين سندس احتجاج جاري رھندو ۽ اسان کي ڪجھه به ٿيو ان جا ذميدار ملز انتظاميه سميت سڀ چونڊيل نمائينده ھوندا. ۽ ٻئي پاسي جيئي سنڌ قومي محاذ پاران پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو ۽ اڳواڻن پنھنجي بيان ۾ اھو چيو ته اسان پورھيت مزدرون سان ھر صورتحال ۾ گڏ آھيون ۽ ملز ٽي ايم خان ۽ اقتدار ۾ ويٺل نمائندن کي اپيل ٿا ڪيون ته جلد کان جلد پورھيت مزدورن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو !ـ
۽ ٻئي پاسي سمورن سياسي ۽ شھري پارٽين جي طرفان سڀاڻي مظاھري جو اعلان ڪيو ويو ۽ ملز آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو !ـ


maz4aw.jpg
 
Back
Top