پيار به عجيب شي آهي،جيڪڏهن ماء سان هجئي ته عبادت۔پي سان هجئي ته مقدس،ڀاءَ سان هجئي ته عقيدت،ڀيڻ سان هجئي ته فرض،پر جيڪڏهن زال سان هجئي ته ! ! ! ! ! ! ! ! سڀ چوندا آهن ته نڀاڳو زال جو مريد ٿي ويو آهي۔
جواب: پيار به عجيب شي آهي۔ ها ها ها ها ۔۔۔۔۔ سائين اصل واه جو ڌڪ هنيو اٿوَ ۔۔۔ هائو سائين اهي سور نه پڇو ۔۔۔۔ پاڻ ڪجهه دوست انهيءَ سور جا مريض آهيون بابلا ۔۔۔ اوهان به اسانجي لڏي جا ٿا لڳو ۔۔۔ الي منهنجا ماروئڙا ڪو ته آهي جو اسانجهڙن مولائن جي حمايت ۾ به آهي ۔۔۔ جزاڪ الله
جواب: پيار به عجيب شي آهي۔ هاهاهاها ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سائين اڃان شروعات ڪئي آهي ۔ ڏسي رهجي ته ڇا ٿو ٿئي۔ زمانو به عجيب آهي ۽ زماني جو ريتون به نراليون آهن۔ ماڻهن جي مرضي آهي ، سماج جي منهن کي بند ڪرڻ ڪنهن جي وس ناهي۔ پر اوهان سچيون ۽ گهري معنى واريون ڳالهيون ڪيون آهن۔
جواب: پيار به عجيب شي آهي۔ ادا اسان جو ڏاڏو وري هي جملا چوندو هو ته ( زال سان محبت ڪرڻ يا ان کان محبت ۾ ڊڄڻ ) شريدف ماڻهون جو ڪم آهي، باقي ادا زال سان محبت هڪ الڳ شيء آهي پر غلامي( رن مريد ) وري ٻئي ڳالهه آهي، باقي اسان ته آهيون رلي ڪلهي تي وارا نه رن نه ٿانيڪي رلي۔۔۔۔۔ دعا آهي ته جيڪي نوان آهن يا وري پراڻا آهن انهن جي محبت سان گڏ الله شل جوري سلامت رکي آمين۔۔
جواب: پيار به عجيب شي آهي۔ پاڻ آزاد آھيون۔۔۔۔۔۔ :no: ڇوته اڃان شادي وارو لڏون کاڌو ئي ڪون آھي۔۔۔۔۔۔ :yahoo: اسان کي وري ٻيو ڪجھ چوندا آھن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ :chilli::chilli: