رنجيت
سينيئر رڪن
سائين هيءَ منهنجي زندگيءَ جي پهرين ڪهاڻي آهي...هونئن ته سڄي زندگي بس ڪهاڻي آهي، پر پوءِ به.... جيڪڏهن توهان کي ڪا غلطي نظر اچي ته دل کولي دانهن ڏجو.....
مان اتفاق سان، اتفاق کڻي چئو يا غلطي. ادي نثار ابڙو پاران منع ڪرڻ جي باوجود، مان ممبئي جي لوڪل ٽرين ۾ ظالمن جي بوگيءَ ۾ چڙهي پيس. اڙي سائين! ظالمن جي بوگي مان مُراد هو بندوق وارا ظالم نه پر، ليڊيز جي روپ ۾ ظالم آهي. ڇا ڪيا مجبوري هئي ڇو جو مونکي الهاسنگر وڃڻو هو ۽ اگر مان ٻي لوڪل ٽرين جو انتظار ڪيان ها ته منهنجا ته اصلي تاڪ نڪري وڃن هان. ڇو جو ٻي فاسٽ لوڪل اچڻ ۾ اڃا اڌ ڪلاڪ هو باقي سست لوڪل ته هر ٻن منٽن ۾ آهي، سو سائين مان به بغير ڪجهه ڏسڻ جي هلندڙ ٽرين ۾ چڙهيو هوس سو منهنجي دل به اصلي ڪوريءَ جي ڪڪڙ جيان پئي ڌڙڪي،
هونئن ته لوڪل ٽرين ۾ ويهڻ جي جاءِ ڏسي من ۾ موج مچي ويندي آهي پر هتي اصلي اهي خالي سيٽون ڏسي اندر ۾ باهه جا اولا پيا نڪرن ۽ وري انهن سيٽن تي ويٺل حور پريون ڏسي اندر ۾ راحت پئي ملي پر انهن جا کڙيل وارا سينڊل ڏسي سوچن جي سمنڊ ۾ ڌڪا کائيندو اهو سوچي رهيو هوس ته جيڪڏهن جي هنن سڀني ملي ڪري مونکي مارڻ شروع ڪيو ته مان عذهيءَ جي ٻڪري جيان ڪسجي ويندس، اهي خيالي پلاءَ پچائيندو مان ته اصلي ولوءَ وڏيري جي پيجارو ڪار کان به وڌيڪ ڏڪي رهيو هوس، منهنجي دل ۾ ٽڪٽ چيڪر جو ڊپ ذرا به نه هو، ڇو جو هو ڇا ڪندو وڌ ۾ وڏ 214 رپيا ڏنڊ هڻندو نه بس؟ .
نيٺ مجبورن خالي پيل سيٽن تي ويهڻ جي بجاءِ مان دروازي وٽ ويهي ٽرين جي پهرين اسٽاپ اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳس ۽ پنهنجي استاد نثاز ناز پاران تصيح ڪيل غزل کي پنهنجي ڊائري تي لکڻ لڳس.
مان اڃا لکي ئي رهيو هوس ته اوچتو مون هڪ آواز ٻڌو
” ڇا توهان سنڌي لکي سگهندا آهيو؟“ منهنجا ته اصلي حوصلا خطا ٿي ويا، پٺتي ڪنڌ ڪري ورايم ته هڪ حسين و جميل، خوبصورت، قداور، جينس ٽي شرٽ پاتل ڇوڪر ڏٺم. شڪل شبيهه مان ڪنهن وڏگهراڻي جي پئي لڳي. مون هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو،
هن وري پڇيو ته ڇا توهين ممبئي جي لوڪل ٽرين ۾ پهريون دفعو سفر ڪري رهيا آهيو.
مون چيو ” No, actually I was in hurry, I have to meet a person in Ulhasnagar, that’s why,
Good,
۽ توهان ڀڄندا ڀڄندا هن لوڪل جي ليڊيز ڪمپارٽمينٽ ۾ چڙهي پيا؟
ها... مون وراڻيو
”هي ته توهان جو نصيب ڀلو آهي جو اڄ هتي رش ڪونه آهي نه ته توهان جي حالت اهڙي هجي هان جو توهان مهينو کن ته لوڪل ۾ چڙهڻ ته پري جي ڳالهه پليٽ فار،م ته به ڪونه چڙهي سگهو هان“
منهنجا ته اصلي برسات جي مند ۾ به پگهر وهڻ لڳا، ڇو جو هڪ دفعو مون اهو لقاءُ ڏٺو آهي جو هڪ ماڻهو کي ماري ماري اصلي اڌ مئو ڪري ڇڏيو هئايون،
”خير ان ڳالهه کي ڇڏيو توهان مونکي اهو ٻڌايو ته توهان ڪٿي رهندا آهيو“
”اگر جي هنن زائفن مونکي مارڻ شروع ڪيو ته ڇا توهان مونکي منهنجي گهر تائين پهچائڻ جي لاءِ مونکان منهنجي ايڊريس پڇي رهيا آهيو؟“ مون حيرانگيءَ مان پڇيو
اڙي نه مان ته صرف ايئن ئي،
”مان مني جاپان ۾ رهندو آهيان!“
”توهان جو مطلب الهاس نگر آهي نه؟“ اسين به پهريون الهاس ۾ رهندا هئاسين پر هاڻي اسين امبرناٿ ۾ رهندا آهيون“
”توهان ممبئي ۾ ڇا ڪندا آهيو؟ اسٽوڊنٽ“
” نه ميڊم ايترا ڀاڳ ڀلا ڪٿي جو مان پڙهائي ڪري سگهان، زماني جي ڪشمڪش ۾ مان 12 کان اڳتي پڙهي ڪونه سگهيس، دل ته ڏاڍي چوندي آهي پر ڇا ڪريان اگر پڙهائي ٿو ڪريان ته نوڪري ڪري نه سگهندس ۽ نوڪري ڪندس ته اهي پڙهائي ڪرڻ جي اجازت ڪونه ڏيندا، مان هتي هڪ اسٽوڊيو ۾ ايڊيٽر طور ڪم ڪندو آهيان“
”Good“
”توهان هن ڊائريءَ تي سنڌيءَ ۾ ڇا لکي رهيا هئا؟“
بس ايئن ئي ٽائيم پاس ڪري رهيو هوس ۽ پنهنجي هٿ اکري سڌي ڪري رهيو هوس.
ڇا مان توهان جي ڊائري ڏسي سگهان ٿي؟“
هوئن ته مان ڪنهن کي پنهنجي ڊائري ڏسڻ ڪونه ڏيندو آهيان پر الائي جي ڇو مان پاڻ کي روڪي نه سگهيس، مون کيس پنهنجي ڊائري ڏني،
هن ڊائريءَ جو پهريون پنو اٿلايو جنهن تي لکيل هو
سُنا هي اسڪو بهي هي شعروشاعري سي شگف
سو هم بهي معجزي اپني هنر کي ديکهتي هين.
”زبردست! توهان سنڌي ڪهڙي اسڪول ۾ پڙهيا؟“
منهنجا پگهرن مٿان پگهر پيا ڇٽن پر هيءَ ته سوالن جوابن جي ڀرمار ڪيون ويٺي هئي.
”گورنمنٽ سنڌي پرائمري اسڪول لقمان خيرپور“ مون چيو
”لقمان خيرپور اهو وري ڪهڙي اسٽيٽ ۾ آهي؟“
”سنڌ ۾“
”توهان سنڌ ۾ ڪڏهن ويا؟“
”اهو پڇو ته مان سنڌ مان ڪڏهن آيس؟ ڇو جو مونکي سنڌ مان آئي هتي ڪافي عرصو نه پر صرف 10 مهينا ٿيا آهن“
“How amazing! You are from sindh”
نه ميڊم اهو منهنجي بدنصيبي آهي جو مان سنڌ مان هتي آيو آهيان، پنهنجن کان پري، اُهي وڻ ڇڏي جن تي چڙهي اسان کارڪون پٽي کائيندا هئاسين، اهي ٽيوب ويل ڇڏي جِتي اسان هر جمعي تي برياني کڻي پڪنڪ ڪرڻ ويندا هئاسين، اهي دوست ڇڏي جيڪي آخري ڏينهن تي به مونسان گڏ هئا ۽ مونکي اسٽيشن تي ڇڏڻ آيا جن سان گڏ مان خيرپور جي غريب نواز هوٽل تي رات جو ٻي لڳي آخري چانهه پيتي هئي، اهي پنهنجا ڇڏي جيڪي هڪ آواز تي اسان جي آڏو اچي بيهندا هئا، اُهي ميلا ڇڏي جن ۾ اسين ايراني سرڪس ڏسڻ ويندا هئاسين، اهو پرين ڇڏي جنهن سان ستن جنمن جو واعدو ڪيو هو پر افسوس جو اهو واعدو مان هڪ جنم لاءِ به نڀائي نه سگهيس، ميڊم مونکي اڄ به اهي عيد وارا ڏينهن ياد ايندا جن تي دوست اسان جي سيون موڪليندا هئا ۽ اسان وري پنهنجي ڏياريءَ تي کين مٺائي موڪليندا هئاسين ۽ توهان چئو ٿا ’How Amazing
مان جذباتي ٿي ويس،
”I am Sorry منهنجو مطلب اهو نه هو، مان ته بس سنڌ جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻڻ پئي چاهيان، ڇو منهنجي ڏاڍي دل آهي سنڌ گهمڻ تي ڇو جو منهنجو ڏاڏو به سنڌ مان آهي هو 1947 ۾ هتي آيا هئا“
”مونکي خبر آهي ته توهان جا وڏا سنڌ جا آهن“
”توهان کي اها ڪيئن خبر پئي؟“
”ڇو جو هر سنڌيءَ جو تعلق سنڌ سان آهي، منهنجو ڏاڏو به سنڌ مان نڪرڻ جي لاءِ سنبريو هو، ايتريقدر جو هو سامان کڻي اسٽيشن تي به پهتا هئا پر الائي ڇو سنڌ کان ڌار ٿي نه سگهيا“
”اڇا ڀلا هي نثاز ناز ڪير آهي“
” هي منهنجو استاد آهي جيڪو مونکي خراب ٿيڻ مطلب شعروشاعري ڪرڻ سيکاريندو آهي، کيس ٻي کي خراب ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي، هو چوندو آهي ته ”پرائو ٻار کري، اسان جو اندر ٺري“
هن چيو ته ”پليز مونکي سنڌ جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌايو نه“!
مون شيخ اياز جي هڪ سٽ اچاري
هن هڪدم منهنجي ڳالهه ڪٽيندي چيو ته ” هاڻي اسٽيشن اچڻ واري آهي توهان پليز هتي لهي وڃو ڇو جو هتان ڪافي ليڊيز چڙهندي آهي، مان نه ٿي چاهيان ته توهان کي ڪوئي برو ڀلو چوي،“
”توهان شايد صحيح ٿا چئو مونکي شايد هتي لهي ڪري ٻي ٽرين ۾ چڙهڻو پوندو“
”مان هن ليڊيز دٻي ۾ روز چڙهندي آهيان“
”پر مان چڙهي ڪونه سگهندس“
هوءَ مشڪڻ لڳي ۽ ٽرين جيئن ئي پليٽ فارم کي ڇهڻ واري هئي ته مان کائنس موڪلايو ” چڱو حياتي رهي ته وري ملنداسين، جيڏانهن پير تيڏانهن ڄنگهون“
”جيڏانهن پير تيڏانهن پير ٿيندا آهن“
ها ها اهوئي” سدائين گڏ، سنڌ سلامت، ساٿ سلامت“
هن ڪوبه جواب نه ڏنو شايد هن کي منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ نه آهي پر موٽ ۾ هن چيو ”ٺيڪ آ موقعو مليو ته وري ملنداسين“.
پليٽ فارم تي ٽرين 10 سيڪنڊن جي وقفي کان پوءِ وري هلڻ لڳي ۽ مون کيس لهندي ڏٺو، هوءَ منهنجي طرف اچي رهي هئي ۽ منهنجي دل کيس ڏسي چوڏهينءَ جو چنڊ ڏسي چڪور جيان ترڦڻ لڳو، هوءَ منهنجي ويجهو آهي ۽ چيائين ” شايد توهان جي ڊائري منهنجي وقت کان وڌيڪ قيمتي آهي“
هن ڊائري ڏيندي چيو.
مان کيس ڪو جوڳو جواب ڏئي نه سگهيس، هوءَ ساڳئي پليٽ فارم تي ٽرين جو انتظار ڪرڻ لڳي ۽ مان پليٽ فارم مٽائي ٻي ٽرين جو انتظار ڪرڻ لڳس.
مان سوچيان ٿو هڪ دفعو وري ان لوڪل ٽرين جي بوگيءَ نه پر بوگي جي ٻاهران بيهي کيس سڏ ڪيان پر هن ته مونکي پنهنجو نالو به ڪين ٻڌايو هو، باقي هڪ ڳالهه ضرور چوندس” ته ويندي ويندي مونکي منهنجي ڊائري ته مونکي ڏئي وئي پر منهنجي دل پاڻ سان گڏ کڻي وئي“
ظالمن جي بوگي
رنجيت رامرکيا ”ساحل“

هاها، مان وڏي چاههَ جِي اُڏار ڪري آيو آن
منزلون عشق جون سڀئي پار ڪري آيو آن.
مان سزاوار” رنجيت“ ڏوهه مُنهنجو فقط پيار ڪرڻ آ
آهي جي جرم محبت ته اهو بار بار ڪري آيو آن

مان بلبل نه آهيان سو ڀنورا!
جو هڪڙي گل جي چاهه رکان،
هيءَ سنڌ سموري منهنجي آ!
پوءِ سنڌ رکان يا ساهه رکان........
هن واه ڪندي چيو ته ” سٺي هينڊرائيٽنگ آهي توهان جي، اڙي واه توهان کي اردو به ايندي آهي؟“ ڇو جو ان جي ٻي صفعي تي احمد فراز هو شعر لکيل هو.جو هڪڙي گل جي چاهه رکان،
هيءَ سنڌ سموري منهنجي آ!
پوءِ سنڌ رکان يا ساهه رکان........
سُنا هي اسڪو بهي هي شعروشاعري سي شگف
سو هم بهي معجزي اپني هنر کي ديکهتي هين.
”زبردست! توهان سنڌي ڪهڙي اسڪول ۾ پڙهيا؟“
منهنجا پگهرن مٿان پگهر پيا ڇٽن پر هيءَ ته سوالن جوابن جي ڀرمار ڪيون ويٺي هئي.
”گورنمنٽ سنڌي پرائمري اسڪول لقمان خيرپور“ مون چيو
”لقمان خيرپور اهو وري ڪهڙي اسٽيٽ ۾ آهي؟“
”سنڌ ۾“
”توهان سنڌ ۾ ڪڏهن ويا؟“
”اهو پڇو ته مان سنڌ مان ڪڏهن آيس؟ ڇو جو مونکي سنڌ مان آئي هتي ڪافي عرصو نه پر صرف 10 مهينا ٿيا آهن“
“How amazing! You are from sindh”
نه ميڊم اهو منهنجي بدنصيبي آهي جو مان سنڌ مان هتي آيو آهيان، پنهنجن کان پري، اُهي وڻ ڇڏي جن تي چڙهي اسان کارڪون پٽي کائيندا هئاسين، اهي ٽيوب ويل ڇڏي جِتي اسان هر جمعي تي برياني کڻي پڪنڪ ڪرڻ ويندا هئاسين، اهي دوست ڇڏي جيڪي آخري ڏينهن تي به مونسان گڏ هئا ۽ مونکي اسٽيشن تي ڇڏڻ آيا جن سان گڏ مان خيرپور جي غريب نواز هوٽل تي رات جو ٻي لڳي آخري چانهه پيتي هئي، اهي پنهنجا ڇڏي جيڪي هڪ آواز تي اسان جي آڏو اچي بيهندا هئا، اُهي ميلا ڇڏي جن ۾ اسين ايراني سرڪس ڏسڻ ويندا هئاسين، اهو پرين ڇڏي جنهن سان ستن جنمن جو واعدو ڪيو هو پر افسوس جو اهو واعدو مان هڪ جنم لاءِ به نڀائي نه سگهيس، ميڊم مونکي اڄ به اهي عيد وارا ڏينهن ياد ايندا جن تي دوست اسان جي سيون موڪليندا هئا ۽ اسان وري پنهنجي ڏياريءَ تي کين مٺائي موڪليندا هئاسين ۽ توهان چئو ٿا ’How Amazing
مان جذباتي ٿي ويس،
”I am Sorry منهنجو مطلب اهو نه هو، مان ته بس سنڌ جي باري ۾ وڌيڪ ڄاڻڻ پئي چاهيان، ڇو منهنجي ڏاڍي دل آهي سنڌ گهمڻ تي ڇو جو منهنجو ڏاڏو به سنڌ مان آهي هو 1947 ۾ هتي آيا هئا“
”مونکي خبر آهي ته توهان جا وڏا سنڌ جا آهن“
”توهان کي اها ڪيئن خبر پئي؟“
”ڇو جو هر سنڌيءَ جو تعلق سنڌ سان آهي، منهنجو ڏاڏو به سنڌ مان نڪرڻ جي لاءِ سنبريو هو، ايتريقدر جو هو سامان کڻي اسٽيشن تي به پهتا هئا پر الائي ڇو سنڌ کان ڌار ٿي نه سگهيا“
”اڇا ڀلا هي نثاز ناز ڪير آهي“
” هي منهنجو استاد آهي جيڪو مونکي خراب ٿيڻ مطلب شعروشاعري ڪرڻ سيکاريندو آهي، کيس ٻي کي خراب ڪرڻ ۾ مزو ايندو آهي، هو چوندو آهي ته ”پرائو ٻار کري، اسان جو اندر ٺري“
هن چيو ته ”پليز مونکي سنڌ جي باري ۾ وڌيڪ ٻڌايو نه“!
مون شيخ اياز جي هڪ سٽ اچاري
ساڳ پنهنجو پلي،
سنڌ پوءِ به ڀلي،
سنڌ جي ڪهڙي ڳالهه ٻڌايان پنهنجو ديس پنهنجو آهي، ڀلي ماڻهو ڪهڙو به هجي ته به پنهنجي ديس ۾ هجي ته هتي پرديس ۾ ته اسان ڌوٻيءَ جي ڪتي وانگر ٿي پيا آهيون نه گهر جا نه گهاٽ جا......سنڌ پوءِ به ڀلي،