سنڌ سلامت جا معزز دوستو! انسان به عجيب مخلوق آهي ڪڏهن دل ٻڌي وجهندو آهي ته وڏا وڏا پهاڙ به سندس آڏو نيچ ٿي پوندا آهن ۽ وري جڏهن دل هاري ويهندو آهي ته پاڻ کي پاڻ کڏ ۾ ڪيرائي ڇڏيندو آهي ۔۔۔ انهن ٻنهي حالتن ۾ انسان پاڻ سنڀالي ناهي سگهندو ۽ ان لاءِ اسانجا مذهب ۽ سماجي قانون ٺهيا آهن ۔۔۔ رب العالمين انسان سان واعدو ڪيو آهي ته هو سندس هر مشڪل وقت ۾ رهنمائي ڪندو پر شرط اهو آهي ته ڏانهنس رجوع ڪيو وڃي ۔۔۔ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ پاور پوائنٽ پريزينٽشن تيار ڪئي هيم ۔۔۔ انکي وڊيو جي صورت ۾ اوهان جي آڏو رکانٿو ۔۔۔ ان اميد سان ته من اوهانجي دعائن جو حقدار ٿي سگهان ۔۔۔ رب العالمين اسانکي علم جي دولت عطا فرمائي ۽ هر وقت رهنمائي ڪندو رهي ۔۔۔ آمين
جواب: جڏهن تون ائين چوين ۔۔۔۔۔؟؟؟؟ ادا نثار ابڙو صاحب اسلام عليڪم۔ادا سائين ماشالله توهان جي پاور پوائنٽ پريزينٽشن لاجواب ۽ پنهنجي مٽ پاڻ آهي۔بيشڪ جنهن به الله تعالي ڏانهن رجوع ڪيو هن جا سڀ ٻيڙا پار ٿئي ويا ۽ ڪڏهن به مايوس ٿئي نه موٽيو۔توهان جي هن ويڊيو کي ڪاپي ڪري هر ماڻهون،جيڪو هر ڀرو الله جي ذات گرامي مان پل کن لاء مايوس ٿا ٿين،ڏي موڪلڻ گهرجي۔ان الله سائين جي سهاري اسان جي زندگي جي گاڏي هلي رهئي آهي نه ته اسان کي ڪهڙي طاقت آهي جو زندگي جي مشڪلن کي منهن ڏئي سگهون۔تواهان جون لاجواب ڪاوشون ساراهڻ جي قابل آهن۔سائين منهنجا توهانجون مهربانيون۔
جواب: جڏهن تون ائين چوين ۔۔۔۔۔؟؟؟؟ الله پاڪ فرمائي ٿو: خوف نه ڪر، آء توسان گڏ آهيان توکي سگهه ڏيندس ۽ مدد ڪندس سائين نثار سلام همٿائيندڙ ۽ حوصلو بخشيندڙ ونڊ آهي۔ رب جي حضور مان نا اميد نه ٿجي ۽ پنهنجي جدوجهد ۽ محنت جاري رکي ماڻهو ڪيئي مقصد ماڻي سگهي ٿو۔ پر ان لاء اهو شرط آهي ته نيت صاف ۽ سٺي هجي۔
جواب: جڏهن تون ائين چوين ۔۔۔۔۔؟؟؟؟ پيارن ، مٺڙن دوستن جو ٿورائتو آهيان جن منهنجي هن محنت کي پسند فرمايو ۔۔۔ بيشڪ ڪائنات ۾صرف ۽ صرف هڪ ئي سگهه آهي، جنهن طرف انسان کي رجوع ڪرڻو آهي ۽ جنهنکي رجوع ڪرڻ حَق ۽ سچ آهي ۔۔۔ اها هستي آهي ، خالق ڪائنات “ ” الله “