سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا ريلي (اکين ڏٺو احوال)

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏10 فيبروري 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي رستي ۾ سنڌي ماڻهن هن ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن مٿان گلابن جون پتيون واري ۽ وڪٽري جا نشان ٺاهي سنڌي ادبي سنگت وارن سان ايڪتا جو اظهار ڪيو ۽ سنڌي ٻولي قومي ٻولي وارا قومي مطالبي جي حمايت ڪئي.

    رپورٽ (اکين ڏٺو احوال) نثاراحمد ناز
    تصويرون رحمان مصطفى سمون

    [JUSTIFY]سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان پاران سومر ڏينهن بتاريخ 6 فيبروري 2012ع تي صُبح جو 11 وڳي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي ميمبرن کان سواءِ وڏي تعداد ۾ شهر جي قومپرست پارٽين جي اڳواڻن ، ورڪرن، سول سوسائٽي جي ماڻهن، ٻارن ، نوجوانن، شاگردن ۽ عورتن شرڪت ڪئي. اها ريلي سنڌي ادبي سنگت ٽنڊومحمد خان جي نئين چونڊيل سيڪريٽري ۽ سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمدناز جي سرواڻي ءَ ۾ سنگت جي آفيس سوڪ سينٽر مان ٺيڪ 11 وڳي ڪڍي وئي، جيڪا پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان تائين پهچي هڪ بهترين جلسي جي صورت اختيار ڪري ويئي ، ان سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران هڪڙو وڏو بينر جنهن جي وچ تي وڏن ۽ ڳاڙهن اکرن ۾ لکيو ويو هو ته :[/JUSTIFY]

    “سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڇو نٿو ڏنو وڃي؟

    جڏهن ته سفيد بينر جي ساڄي پاسي جيئي سنڌ ۽ کاٻي پاسي سدا جيئي لکيو ويو هو، انهن قومي نعرن جي هيٺان نثارناز جو چار سٽو سائي رنگ جي اکرن سان :​


    سنڌ مٿان سڀ ساهَه پنهنجا
    گهورَ گهوريُون چاهَه پنهنجا
    ڪنهن به ويرِيءَ ساڻ سنڌ جي
    ڪونه ٿيندا ٺاهَه پنهنجا

    [JUSTIFY] لکيو ويو هو .وڏي ڳالهه ته انهي بينر تي هڪ وڏي پٽي جي شڪل ٺاهي وئي هُئي جنهن ۾ سنڌي ٻولي جي صورتخطيءَ وارا 52 اکر ۽ ايڪي ڪو ، ٻائي ايڪو ٽي ايڪو کان ٻڙي ڪو هڪ ڏهاڪو ڏهه تائين سنڌي انگ لکيل هُئا، ان کان کان علاوه سنگت ٽنڊو محمد خان پاران مختلف پلي ڪارڊ مختلف رنگن جي شيٽن تي لکايا ويا هُئا جنهن ۾ سنڌي ٻولي قومي ٻولي لاءِ مختلف قسم جا نعرا لکيا ويا هُئا:[/JUSTIFY]


    سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي
    ماءُ ڏني جيڪا لولي ، سنڌي ٻولي قومي ٻولي
    ڳالهه اسان جي سڌِي سَئولِي ،سنڌي ٻولي قومي ٻولي۔

    [JUSTIFY]اهي پلي ڪارڊ ۽ وڏو بينر سنگت جي ميمبرن کان علاوه سول سوسائٽي جي ماڻهن ، معصوم ٻارن، ۽ عورتن جي هٿن ۾ هن قومي ٻولي جاڳرتا ريليءَ کي چار چنڊ لڳائي رهيا هُئا، جملي ۾ شريڪ ٻار ٻُڍا، نوجوان ، شاگرد ، ڀائر ۽ ڀينرون سڀئي سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ جي حق ۾ ڳاٽي ڀڳا نعرا لڳائي رهيا هُئا، سنڌي ادبي سنگت جي هن ريلي پريس ڪلب تائين جنهن جو مفاصلو سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي آفيس کان پريس ڪلب تائين صرف پنجن منٽن جو آهي مُني ڪلاڪ ۾ اهو مفاصلو طئه ڪيو. رستي سنڌي ماڻهن هن قومي ريلي مٿان گُلن جون پتيون نڇاور ڪري سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان سان ايڪتا جو اظهار ڪيو ۽ سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري مطالبي جو وڪٽري جو نشان ٺاهي حمايت ڪئي. پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان تي پهچي هن ريلي هڪڙي جلسي جي شڪل اختيار ڪري ورتي . [/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]انهي جلسي جي اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض سنگت جي سيڪريٽري نثاراحمد ناز ادا ڪندي سڀني شريڪ ٿيندڙن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته اسان سنڌي ٻولي قومي ٻولي وارو مطالبو ڪرڻ جي سلسلي ۾ بلڪل حق بجانب آهيون ، ڇاڪاڻ ته 73 جي آئين ۾ ڪليئر لکيل آهي ته سنڌي ٻولي کي قومي درجي جو حق ڏنو ويندو اسان جو هي مطالبو محبتن جو پيغام آهي اسان جي سنڌي ٻولي دنيا جي قديم ترين ٻولي آهي ، اسان ڪنهن به ٻوليءَ خلاف ڪونه آهيون ، جيئن ته هن مُلڪ جون چار قوميتون آهن ڀلي پنجابي بلوچي، پختون ٻولين کي سنڌي ٻوليءَ سميت قومي ٻولين جو درجو ڏنو وڃي اسان کي ڪو اعتراض ڪونه هوندو جڏهن اسان جي پاڙيسري مُلڪ هندوستان ۾ به سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو آهي ته هن مُلڪ جا حُڪمران جيڪي اسان سنڌين جي ووٽن تي هن مُلڪ جا واڳ ڌڻي ٿيو ويٺا آهن انهن کي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ ۾ آخر ڪهڙو عار آهي، اسان هن قومي مطالبي واري تحريڪ تان ڪڏهن به دستبردار ڪونه ٿينداسين جيستائين اسان جي سسيءَ ۾ ساهه آهي اسان سنڌي عوام جي مدد سان استادن شاگردن هارين مزدورن ۽ سنڌ جي ساڃهه وند اديبن جي مدد سان هر فورم تي احتجاج ڪري بُک هڙتالون ڪري ريليون ڪڍي پنهنجي منزل جي حاصلات تائين جدوجهد جاري رکنداسين، انهيءَ سلسلي ۾ اسان ڪنهن به قربانيءَ کان ڪونه ڪيٻائينداسين.[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري چيو ته ترقي پسند پارٽي سنڌي ادبي سنگت جي هر قومي معاملي تي ساٿ ساٿ آهي، اسان کي جيجل ماءُ جيڪا لولِي ڏني اسان انهي ماءُ جي لولِي کي ڪڏهن به ڪونه لڄائينداسين. اسان جي سنڌي ٻولي پنج هزار سال کان به پراڻي آهي، دنيا جي قديم ۽ شاهوڪار ٻولين ۾ سنڌي ٻولي جو شمار ٿئي ٿو، ان ڪري سنڌي ادبي سنگت وارن جو هي مطالبو سنڌ ٻوليءَ جي بقا جو مطالبو آهي کي فل فور مڃيو وڃي ۽ سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي ٻي صورت سنڌ ترقي پسند پارٽي سنڌي ادبي سنگت جي هن مطالبي جي مڃتا جي حصول لاءِ هر ويڙهاند ڪندي ، ڊاڪٽر احمد نوناري سنڌ جي انهن اسڪولن جي انتظاميه خاص ڪري پرائيويٽ اسڪولن کي چتاءُ ڏيندي خبردار ڪيو ته هو سنڌ جي اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي لازمي سبجيڪٽ طور پڙهائڻ ۽ جيڪڏهن انهن سنڌي ٻولي کي لازمي سبجيڪٽ طور نه پڙهايو ته اسان سڀئي سنڌي انهن اسڪولن جو سوشل بائيڪاٽ سميت گهيراءُ ڪنداسين. هن ٽنڊو محمد خان جي ڪمينوٽي بيسڊ اسڪول جي انتظاميه کي واضح چتاءُ ڏيندي چيو ته هو سنڌي زبان کي پنهنجي اسڪول ۾ لازمي ٻولي طور رائج ڪن ۽ سنڌي ٻولي ءَ ڳالهائيندڙ شاگرد نياڻين طور پُٽن سان ماٽيجي سلوڪ وارو رويو اختيار ڪرڻ بند ڪن ٻي صورت ۾ اسان ڪميونٽي بيسڊ اسڪولن جي سنڌ مان تڏا ويڙهه ڪري ڇڏينداسين . [/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]جيئي سنڌ تحريڪ ضلعي ٽنڊو محمدخان جي صدر عبدالخالق تقرير ڪندي چيو ته سنڌي ٻولي قومي ٻولي اسان سڀني سنڌين جي زندگي موت جو مسئلو آهي، اهو ڪٿي جو انصاف آهي جو اردو جيڪا آئيني طور رڳو رابطي جي زبان هُئي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو آهي حالانڪه اردو ڳالهائيندڙ هن مُلڪ ۾ اٽي ۾ لوڻ جي برابر آهن، اردو ڳالهائيندڙ جو هڪڙو فرد به ڪنهن قوم جي حيثيت ۾ اڳتي اچي نٿو سگهي. جڏهن هن مُلڪ کي چئن قوميتن ۾ ورهايو ويو آهي ته پوءِ انهن قوميتن جي زبانن کي قومي ٻولي جو درجو نه ڏيڻ حد درجي جي ويساهه گهاتي آهي . [/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبر محترما ثمينه خاصخيلي چيو ته اسان سنڌي ادبي سنگت وارن کي تعداد جي لحاظ کان ٿورو سمجهي ارباب اختيار وارا متان ڀلجي وڃن ته سنڌي ادبي سنگت وارا ڇا ڪندا، حڪومت کي خبر هُئڻ گهرجي ته اديب معاشري کي نکارڻ ۽ سنوارڻ وارا اهي ڪردار آهن جنهن جي بدولت اخلاقيات، محبتون، اجالا پروان چڙهندا آهن ، ۽ سنڌ جي سنڌي اديبن جي مزاحمت جي ون يونٽ جي تحريڪ کان وٺي ايم آرڊي جي تحريڪ تائين ، هر ڪو سنڌي ٻولي جو مخالف واقف آهي ته سنڌي اديب چاهي قلم جي ويڙهه هُجي چاهي هڻ ڀالا وڙهه ڀاڪرين واري ويڙهه هُجي ڪڏهن پوئتي ڪونه هٽندا آهن ۽ اسان سنڌي ادبي سنگت جي هن بلڪل جائز مطالبي سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ ۾ ويڙهاند جي آخري منزل تائين به وڃي سگهون ٿا ان لاءِ اسان پنهنجو سر به گهوري سگهون ٿا ته سنڌي ٻولي جي غدارن جو سر وڍي به سگهون ٿا. [/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جي خصوصي دعوت تي سنڌ جي شهر ماتلي ضلعي بدين کان ڪهي آيل سنڌي ادبي سنگت ماتلي جو کاهوڙي ميمبر ۽ اٺن ڪتابن جي تخليق ڪار محترم رمضان دلدار قران شريف جي آيتن جي حوالي ۽ حديثن جا حوالا ڏيئي سمجهايو ته ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ اسلامي نقطه نظر سان به جائز آهي، جڏهن رب سائين هر قبيلو هر قوم جي وجود جو ذڪر قران ڪريم ۾ ڪيو آهي ته لازمي انهي قبيلي جي ٻولي انهي قوم جي ٻولي به هوندي، ۽ اسان جي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي حضور اڪرم صلي الله عليه وسلم جي دور ۾ به هُئي جو حضور جن سنڌ جي لباس ، سنڌي اجرڪ کي پسند ڪرڻ فرمايو آهي ۽ سنڌ طرف اشارو ڪندو چيو آهي ته ان طرف کان جنت جي حوا ايندي آهي. محمد رمضان دلدار چڊڙ جي انهي ڳالهه تي ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن دل کولي تاڙيون وڄائي محمد رمضان دلدار چڍڙ کي داد ڏنو۔[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY] ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب جي صدر شهزاد علي صُبح پوٽو سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري سنڌي ادبي سنگت جي مطالبي جي حمايت ڪندي چيو ته صحافت جي پيشي سان سلهاڙيل ٽنڊو محمد خان ضلع جا سمورا صحافي سنڌي ادبي سنگت جي مطالبي سنڌي ٻولي قومي ٻولي جي مڪمل حمايت ڪن ٿا ان سلسلي سنڌي ادبي سنگت جي هر قومي ريلي، قومي ڪانفرنس ، ۽ هر قومي سڏ کي کي دنيا وارن آڏو پنهنجي اخبارن ذريعي پنهنجي پنهنجي ميڊيا چينل ذريعي پهچائڻ کي فرض سمجهن ٿا. سندس انهي ڳالهه تي پڻ ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙ ڀرپور تاڙيون وڄائي محترم شهزاد صُبح پوٽي جي جذبي کي خراج تحسين پيش ڪيو. [/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]انهي موقعي ته سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي جهوني شاعر ميمبر محترم تاج ٽکڙائي سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري عنوان وارو نظم انتهائي جذباتي انداز ۾ ٻُڌائي ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن کي واه واه ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو. آخر ۾ هن ريلي جي صدارت ڪندڙ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي رابطه سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه چيو ته اسان سنڌي ادبي سنگت وارا ڪنهن به ٻولي جي خلاف ڪونه آهيون اسان جي ڳالهه صفا سڌي ۽ سئولي آهي ته سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو وڃي ان ڪري پوري سنڌ ۾ سنڌي عوام سان گڏ پهرين فيبروري کان 21 فيبروري تائين سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا مهم هلايون پيا، جنهن ۾ انهي عنوان تحت قومي ڪانفرنسون بُک هڙتالون، ريليون، مذاڪرا، پريس ڪانفرنسو ن ڪري ارباب اختيار جيڪي اسان سنڌين جي ووٽ تي مُلڪ جي اڳواڻي جا مزا وٺن پيا کي مجبور ڪري ڇڏينداسين ته هو فوري طور اسان جي هن پراڻي مطالبي سنڌي ٻولي کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏين ٻي صورت ۾ سنڌ جو اديب سنڌ جي قوم پرست ڌرين سان گڏجي ، سنڌي استادن سان گڏجي، سنڌ جي شاگردن سان گڏجي، سنڌ جي هارين مزدورن ۽ سول سوسائٽي ساڃهه وند ماڻهن سان گڏجي اسان پنهنجي هن جاڳرتا مهم جيڪا صرف ايڪيهه ڏينهن تي مشتمل آهي کي همِيشهه لاءِ جاري رکڻ جو سڏ ڏيئي هر موڙ تي ارباب اختيار سان ويڙهاند ڪنداسين ۽ پنهنجا حق ڦري وٺنداسين[/JUSTIFY].

    [JUSTIFY] هن قومي ريلي ۾ شرڪند ڪندڙ شخصيتن ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري، ڊسٽرڪٽ بار ڪائونسل جو صدر چاچو عبدالحڪيم ميمڻ، سنڌ ترقي پسند پارٽي جو ضلعي صدر رضا خاصخيلي، ، جيئي سنڌ تحريڪ پارٽي جو ضلعي صدر عبدالخالق خاصخيلي، لطيفي ويلفيئر آرگنائزيشن ضلع ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري، اعظم ڀٽي، پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان جو صدر شهزاد صُبح پوٽو پريس ڪلب ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري عبدالڪريم شيخ، سنڌي ادبي سنگت ماتليءَ جو جو آڊيٽر کاهوڙي اديب محترم محمد رمضان دلدار چڍڙ، انٽر نيٽ تي دنيا جي وڏي ۾ وڏي سنڌي فورم سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جي حيدرآباد کان ڪهي آيل مين ڪئميرا مين عبدالغفور سمون ، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو سينئر ميمبر محمد امين سمون، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊ و محمد خان ضلع جو رابطه سيڪريٽري سيد سارنگ شاهه، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبر محترما ثمينه خليل خاصخيلي ، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي جوائنٽ سيڪريٽري (فيميل) محترما امبر شاهه ، سنڌي ادبي سنگت جي ميمبر محترما فرزانه شاهه ، سنڌي ادبي سنگت جي ميمبر محترما شهنيلا نظاماڻي، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو ڪائونسلر، پروفيسر ڊاڪٽر قادر بخش حاتم مگسي، سنڌي ادبي سنگت جو خزانچي انعام ٽکڙائي، سنڌي ادبي سنگت جو محمد دائود تاج ٽکڙائي، سنڌي ادبي سنگت جو آڊيٽر محمد سومار ملهار، سنڌي ادبي سنگت جو گُل محمد سومرو جڏهن ته سول سوسائٽي جي ميمبرن ۾ محترما مريم ڪُنڀار، ماسي قمبراڻي ، اصغر علي سمون ريٽائرڊ ماستر غلام حسين سمون، ترقي پسند پارٽي سنڌ جي هاري ڪاميٽي جو صدر محمد جُمن سمون، انڊس ايف ايم ٽنڊو محمد خان جو نيوز ڪاسٽر محترم محمد اسلم سمون، سول سوسائٽي جو محترم نديم درس، سول سوسائٽي جو عبدالغفور رامليو، مختيار مگسي ، محمد رمضان شورو، اسلم دايو، شاهه زيب سمون ، شهباز علي سمون ، محمد علي سمون ، امجد علي ملاح، محمد رمضان جماري ننڍڙن ٻارن ۾ ريحان مشتاق سمون، جرجيس اصغر سمون، آئي ايس ايف آرگنائزر جو صدر عبدالوحيد سمون، مامون سمون، ان کان علاوه انٽر نيٽ فيس بُڪ جو دوست منور لال، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو اڳوڻو سيڪريٽري قيمت مل سنڌي، کان علاوه ڪافي تعداد ۾ عام ماڻهو شريڪ ٿيا، هن عظيم الشان قومي ريلي کي مختلف اخبارن ۽ ميڊيا جا نمائندا ڪور ڪري رهيا هُئا جنهن ۾ جيو ٽي وي، اي آر وائي ، ڪي ٽي اين، سنڌ ٽي وي، آواز ٽي وي، مهراڻ ٽي وي، روزانه ڪاوش، روزانه عبرت، روزانه تعمير سنڌ، روزانه عوامي آواز، هفتيوار ماڳ، هفتيوار ماروئڙا جا اهم ترين نمائندا شامل هُئا. جڏهن ته انٽر نيٽ جي سنڌ سلامت لاءِ عبدالغفور سمون ، محمد امين سمون ۽ رحمان مصطفى سمون پڻ انهي سنڌي ٻولي قومي ريلي جي ڪوريج ڪرڻ ۾ پيش پيش هُئا. اهڙي طرح هي جاڳرتا ريلي جيڪا صُبح جو 11 وڳي کان شروع ٿي ڏينهن جو ڏيڊ وڳي اختتام پذير ٿي، آخر ۾ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري نثاراحمد ناز سڀني شريڪ ٿيندڙن جا ٿورا مڃيا.[/JUSTIFY]
    پيش آهن انهي ريليءَ جون ڪجهه تصويرون

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان پاران هڪڙو وڏو بينر

    [​IMG]
    پلي ڪارڊ جن تي مختلف قسم جا نعرا لکيا ويا هُئا

    [​IMG]

    [​IMG]
    ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙن کي خطاب ڪيو پيو وڃي ۔

    [​IMG]
    هڪڙو ننڍڙو معصوم ٻار سنڌي ٻولي قومي ٻولي وارو پلي ڪارڊ کڻيو بيٺو آهي

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    هن ريلي جا ڪجهه مختلف منظر​
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا ريلي (اکين ڏٺو احوال)

    سائين! زبردست اوھان جو ڪم ٻولي لا ڪيل ڪنھن تعريف جو محتاج نه آھي، بھترين پر سائين ڇا ڪجھ کڙ تيل نڪرندو يا اسان رڙيون ڪري واپس گھر مٿي کي ھٿ ڏئي ويھنداسين؟ اسان جي قوم سان ته مان ائين ئي ٿيندو آھي ته اسان ڪنھن به مسئلي ۾ اگر مجھندا آھيون ته ايوانن جا درواز کڙڪائيندا آھيون روڊن تي نڪرندا آھيو احتجاج ڪندا آھيون بُک ھڙتالون ڪندا آھيون پر نعتيجو ڪو خاص ڪون نڪرندو آھي بس اسان مٿي کي ھٿ ڏئي موٽي ساڳيو ئي گھر ويھي رھندا آھيون۔۔۔۔مونکي ياد اچي ٿو ھتي ھڪ غريب خاندان جيڪو مون ڏٺو ڪلچر ۽ ايڪتا جي ڏينھن ۾ ڪراچي پريس ڪلب صدر ۾ انھن سان اُتان جي ڪنھن وڏيري ناحق ڪيو ھو ۽ انھن جي زمين تي قبضو ڪيو ھو ھو انصاف لا اچي ڪراچي پھتا ھئا ۽ انصاف لا آتا بيوس مددگار ويٺا ھئا ان ڳالھ کي اچي ڪي مھنيا پورا ٿيا آھن پر ان خاندان سان انصاف نه ڪيو ويو آھي تازو ئي ڪنھن ڪم سان مان پريس ڪلب کان گذريس ته اُھو خاندان اڃان تائين اُتي ويٺو آھي۔۔۔۔۔۔دل مان آواز نڪتو ھل ايتري انڌير نگري ھي سڀ اسان لا آھي۔۔۔۔۔۔احساس ڪمتري جو شڪار ٿا ٿيون قدم قدم تي۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا ريلي (اکين ڏٺو احوال)

    سنڌ سلامت جا عاشق تنهنجو پُڇيل سوال اهم آهي پر اهو سوال پهرين پنهنجي پاڻ کان پُڇ ته تنهنجي اندر جو وويڪ توکي ڪهڙو ٿو جواب ڏي ، باقي مان پنهنجي اندر جي وويڪ( ضمير ) کان انهي سوال جو جواب گهريو ته ان هڪڙو پنجن آڱرين وارو گهڙي مونکي ڏنو ۽ پنهنجي پير مان لاهي وهائڻ وارو هو ته ڀڄي جان ڇڏائي ان ريلي ۾ شريڪ ٿي نعره هڻڻ شروع ٿي ويس ته :

    سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي۔۔۔۔۔۔۔! ​


    ۽ پنهنجي شرمندگي لُڪائڻ لا لطيف سائين جي بيت جو آخري حصو توهان لا لکي ٿو ڇڏيا ته :

    واڪا ڪرڻ مون وس ٻُڌڻ ڪم ٻاروچي جو
    ڪيئن سنڌ سلامت جا عاشق محترم عاشق سولنگي ڳالهه سمجهه ۾ آئي يا نه ۔
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا ريلي (اکين ڏٺو احوال)

    منھنجا سھڻا سائين واڪا ڪري ڪري نڙي ئي سُڪي وئي آھي۔۔۔۔۔۔۔درواز کڙڪائي کڙڪائي ٿڪجي پيا آھيون ڪوبه خاص کڙتيل نه ٿو نڪري۔۔۔۔ھا ھڪ ڳالھ آھي ماڻھون واڪا ڪندو رھي پر مان ٿو سوچيان ته درواز کڙڪائڻ بدران درواز توڙيا وڃن۔
     
  5. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,018
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا ريلي (اکين ڏٺو احوال)

    مون کي ته اڃ تائين ان نعري جو مطلب به سمجه ۾ ناهي آيو ته سنڌي ٻولي قومي ٻولي جومطلب ڇا آهي ؟ جي اهو مطلب آهي ته جيئن اردو قومي ٻولي آهي ائين ئي سنڌي ٻولي کي درجو ڏنو وڃي ته اهو نعرو مون کي عقلمندن جو نعرو نٿو لڳي ڇو ته پوري پاڪستان کي يا ٽن ٻين صوبن کي اسان سنڌي ڳالهائڻ تي يا انهن جي مٿان سنڌي ٻولي مڙهيون اهو نا ممڪن آهي ۽ نا انصافي آهي هر ڪنهن کي پهنجي ٻولي پياري آهي ۔ باقي جي سنڌي ٻولي قومي ٻولي جو ڪو ٻيو مطلب آهي ته مون کي سمجهايو جي اهو مطلب آهي ته واندڪائي ۾ گهر ويهي کٽون ڇننڻ کان بهتر آهي ته ماڻهون روڊ تي اهڙا نعرا هاڻي باقي ان جو ٻيو ڪو به فايدو نه آهي
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا ريلي (اکين ڏٺو احوال)

    اسان کي پنهنجي سنڌ صوبي لا سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جو پورو پورو حق آهي۔
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا ريلي (اکين ڏٺو احوال)

    يار علي ظفر تون به واقعي جهونو ٿِي ويو آهين ، تو منهنجو هي مڪمل اکين ڏٺو احوال پڙهيو ئي ڪونهي ۽ توکي خبر ئي ڪونهي ته اسان سنڌي ٻولي قومي ٻولي جو نعرو ڇو پيا هڻون۔ يار توکي خبر آهي ته انڊيا جي قومي ٻولي ڪهڙي آهي۔ ادا انڊيا گهڻين ٻولين وارو مُلڪ آهي اتي اسان جي سنڌي ٻولي  کي به پوري ملڪ جي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو آهي اسان سنڌي ادبي سنگت وارن جو مطالبو سئولو ۽ سڌو آهي ته ملڪ ۾ چار وڏيون قومون پنجابي، سنڌي، بلوچي ۽ پختون آهن انهي حساب سان چئني قوميتن جي ٻولين کي قومي ٻولين وارو درجو ڏنو وڃي، سهڻا انٽرنيشنل فقير اردو ته صرف رابطي جي زبان آهي ، هن مُلڪ جي ڪنهن به قوم سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ پشتو ڳالهائيندڙ جي ٻولي اردو ڪانهي اسان سنڌي ٻولي ڪنهن تي مڙهيون ڪونه ٿا پر 1973 ع جي آئين ۾ واضح طور لکيل آهي ته فيڊريشن جي چئني ٻولين کي قومي ٻولين جو درجو ڏنو ويندو، ان مان فائدو اهو ٿيندو ته صوبن کي مڪمل خودمختياري ملندي، اسان پنهنجي دل جو آواز آرام سان سنڌي ٻولي ذريعي آرام سان ارباب اقتدار تائين پهچائي سگهنداسين اها ڪيڏي نه محبت جي ڳالهه هوندي ته ملڪ جا چڱا مڙس جڏهن قوم کي خطاب ڪندا ته ڪنهن ڏينهن سنڌي ۾ خطاب ڪن، ڪنهن ڏينهن پنجابي ۾ خطاب ڪن، ڪنهن ڏينهن بلوچي ۾ خطاب ڪن ۽ ڪنهن ڏينهن پشتو ۾ خطاب ڪن ان سان فيڊريشن مظبوط ٿيندي هر ڪا قوم خوش ٿيندي ته سندن ٻولي کي هٿي ڏياري پئي وڃي جڏهن هندوستان جهڙو وڏو مُلڪ گهڻ قومي ٻولين وارو مُلڪ قرار ڏيئي سگهجي ٿو ته پاڪستان ۾ ته صوبن جي حساب سان صرف چار قومون آهن انهن چئني قومن جون پنهنجون پنهنجون شاهوڪار ٻوليون آهن انهن ٻولين کي مُلڪ جون قومي ٻولين جو درجو ڇو نٿو ڏنو وڃي، جاپان وارا حڪمران صرف پنهنجي قومي ٻولي جاپاني ۾ هر هنڌ ڳالهائيندا آهن ، چائنا وارا حڪمران چائنيز ٻولي هر هند ڳالهائيندا آهن اسان وٽ اردوستان ته ڪونهي جو اسين اردو ٻولي کي قومي ٻولي  جو درجو ڏيئي پنهنجي جند آجي ڪري ويٺا آهيون ان ڪري اسان جو سڌو ۽ سئولو مطالبو آهي ته پاڪستان کي گهڻ قومي ٻولين وارو مُلڪ قرار ڏيئي سنڌي ٻولي کي به قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي۔ جيڪو اسان جو حق آهي ۽ حق جيڪڏهن گهرڻ سان نه ملن ته ڦري وٺبا آهن ۔ اسان اردو کي صرف رابطي جي زبان سمجهون ٿا۔ ايمانداري سان فيصلو ڪريو ته پاڪستان جي چئني صوبن ۾ ڪا به اهڙي گهڻائي جي حساب سان قوم ڪانهي جنهن جي مادري زبان اردو هُجي ۔وڌيڪ انٽر نيشنل فقير آهين توکي پنڻ ۾ ڪهڙي ٻولي سُٺي ٿي لڳي۔
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا ريلي (اکين ڏٺو احوال)

    ادا اهو مطالبو به درست آهي پر ان کان وڌيڪ ته اسان جي سنڌي ٻولي کي پنجابي ، پختون ، بلوچي ٻولي سميت پوري مُلڪ جي قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي ۔
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌي ٻولي قومي ٻولي جاڳرتا ريلي (اکين ڏٺو احوال)

    سائين نثار ناز سلام

    اوهان دوستن کي سلام هجي جن سنڌي ٻولي قومي ٻولي مهم جي سلسلي ۾ ٽنڊي محمد خان جي عوام ۾ جاڳرتا مهم هلائي آهي۔ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو حق ملڻ گهرجي ۽ هزارين سال جي موجود ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ڏيڻ انساني حقن جي لتاڙ آهي۔

    اسان کي اردو سان نفرت ناهي پر امڙ جي ٻولي قومي ٻولي نه هجي، جڏهن ڌاري ٻولي اسان جي قومي ٻولي هجي ان تي اان کي سخت اعتراض آهي۔ اسان چاهيون ته جيئن هندستان ۾ 22 ٻولين کي قومي ٻولي جو حق ڏنل آهي تيئن اسان پاڪستان ۾ به سنڌي، سرائيڪي، بلوچي، پشتو ۽ پنجابي کي به قومي ٻولي ڏسڻ چاهيون ٿا۔

    هڪ ڏينهن اسان ۽ اوهان جي هي محنت ۽ جدوجهد ضرور رنگ لائيندي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو