اسان پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ چاهيون ٿا

'سنڌي منهنجي ٻولي' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 فيبروري 2012۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سنڌي ٻولي قومي ٻولي
    اسان پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ چاهيون ٿا
    رکيل مورائي

    [JUSTIFY]ايڪهين فيبروريءَ کي دنيا ۾ مادري ٻولين جو ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي ۽ هن ڏينهن سڀ قومون پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ جي اهميت کي سمجهندي ان جي واڌاري لاءِ نئون اتساهه ۽ امنگ کڻي هڪ جدوجهد ڪندا آهن، اڄ جي جديد ميڊيا ۾ جڏهن آواز اچي رهيا آهن ته دنيا جون ڪي هزارين ٻوليون پنجاهه کن سالن ۾ پنهنجو وجود وڃائي ويهنديون، تڏهن هر ان شخص کي، گروهه کي ۽ قوم کي پنهنجي ٻوليءَ سان وڌيڪ پيار ٿيڻ لڳو آهي ته ساڳي وقت ڳڻتي به ٿي پئي آهي ته سندن ٻولي اڳتي هلي ختم ٿيڻ وارو رستو ته نه وٺندي. ٻئي پاسي دنيا جون سڄاڻ قومون پنهنجي ٻولين کي ايندڙ خطرن کان محفوظ ڪرڻ لاءِ مختلف طريقن سان جدوجهد ۾ مصروف آهن. عالمي چارٽر ۾ ڪنهن به قوم بابت جيڪي بنياد ڄاڻايا ويا آهن، انهن ۾ ڌرتيءَ جي بنياد کان پوءِ ٻيو اهم بنياد ٻولي آهي، جنهن کي عالمي قانون ۾ هڪ اهم جڳهه ڏنل آهي. جيتوڻيڪ ڪي طاقتور ٻوليون پاڻ مرادو عالمي رابطي جون ٻوليون بڻيل آهن، جن مان هڪ انگريزي ٻولي به آهي. پر عالمي قانون سان گڏ ملڪي قانونن ۾ به ٻوليءَ کي هڪ خاص اهميت حاصل هوندي آهي، ڇاڪاڻ جو هر انسان جو اهو بنيادي حق آهي ته هو پنهنجي ٻوليءَ ۾ خواب ڏسي ۽ پنهنجي ٻوليءَ سان پيار ڪري.
    مٿئين پسمنظر ۾ اسان ڏسنداسين ته سنڌي ٻولي به انهن ٻولين مان آهي جنهن کي هزارن سالن جا پنهنجا بنياد آهن، جيڪي هاڻ دنيا ۾ شاهوڪار ٻوليون سمجهيون وڃن ٿيون، انهن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ شاهوڪار رهندڙ سنڌي ٻولي جيڪا اڄ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي، ان سان پڻ مٿيان خطرا لاڳو آهن، جيتوڻيڪ اهي خطرا ٻين ٻولين وانگر فطري نه آهن، پر هٿ وٺي پيدا ڪيا ويا آهن، 1947ع کان پوءِ هن ٺهندڙ نئين ملڪ جون ڳالهايون ويندڙ چار ٻوليون آهن. سنڌي، پنجابي، پشتو ۽ بلوچي ۽ اها انهن ٻولين جي خوش نصيبي به آهي ته اهي چارئي هڪ ئي لپيءَ ۾ لکيو وڃن ٿيون، جيڪا آهي عربي لپي، جڏهن ته 1947ع ۾ ئي آزادي ماڻيندڙ ملڪ ڀارت ۾ چوويهن کان به وڌيڪ ٻوليون قانوني طور ملڪ جون قومي ٻوليون آهن، باوجود ان جي ته انهن لاءِ لپيون پڻ الڳ الڳ آهن، تنهن هوندي به آئيني طور انهن کي هڪ جهڙا حق مليل آهن، هڪ ئي وقت مرڪزي سرڪار سڀني ٻولين ۾ ڪتاب (ادبي توڙي نصابي) ڇپائي ٿي ۽ سڀني ٻولين کي وڌڻ ويجهڻ جا هڪ جهڙا موقعا ميسر ڪري ڏئي ٿي، جڏهن ته ان جي ابتڙ اسان جي ملڪ ۾ تاريخي طور هزارين سالن کان وجود رکندڙ ڌرتيون ۽ انهن جون ٻوليون آهن، جن کي لکين ماڻهو ڳالهائيندڙ آهن، ان جي باوجود آئين ۾ انهن کي قبول ڪندي به انهن کي وڌڻ ويجهڻ جا موقعا هڪ جهڙا نٿا ڏنا وڃن ۽ حيرت جي ڳالهه اها آهي ته هن ملڪ جي قومي ٻولي اها بڻائي وئي آهي، جنهن کي هن ملڪ ۾ نه پنهنجي ڌرتي آهي ۽ نه ئي ان جا ڳالهائيندڙ هن ملڪ جو ڪو حصو رهيا آهن، هن ملڪ ۾ ڳالهايون ويندڙ سنڌي کان سواءِ اهي ٻوليون آهن جن کي پنهنجو اسڪرپٽ نه آهي، ان ڪري جيڪڏهن اهي رضاڪارنا طور اردوءَ کي پنهنجي لاءِ قبول ڪن ٿيون تڏهن به انهن لاءِ اها اظهار يا رابطي جي ٻولي هوندي، جڏهن ته سنڌي ٻوليءَ کي پنهنجو اسڪرپٽ آهي، جنهن ۾ اها هزارين سالن کان لکي ويندي رهي آهي، اها اهڙي ڪنهن به ٻوليءَ کي ڇو پنهنجي لاءِ قومي ٻوليءَ طور قبول ڪندي، جيڪا موجوده ملڪ جي ڪنهن به ڌرتيءَ جي نه هجي، چنتا جي ڳالهه اها آهي ته آئيني ۽ قانوني طور سنڌي ٻوليءَ ۾ هن ملڪ جي قومي ٻولي هجڻ واريون سڀ خاصيتون موجود آهن، ان باوجود ان کي ڄاڻي واڻي پوئتي رکيو ٿو وڃي. 1973ع واري ملڪي آئين ۾ هتان جي ڌرتين جون ڳالهايون ويندڙ چارئي ٻوليون قبول ڪيون ويون آهن ۽ اردو قومي ٻولي قرار ڏيندي اهو چيو ويو آهي ته صوبن کي پنهنجي ٻولين بابت قانونسازي ڪرڻ جو حق هوندو، جنهن کان پوءِ سنڌي ٻوليءَ جو بل اسيمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن کان پوءِ ٻوليءَ بابت فساد شروع ٿيا، جيتوڻيڪ آئيني ۽ قانوني طور دفترن ۾ سنڌيءَ کي ونهواري ٻوليءَ جو درجو مليل آهي پر اڄ تائين ان تي عمل نه ڪيو ويو آهي ۽ سنڌي ٻولي سنڌ ۾ ڌارين ٻولي بڻيل آهي، جنهن عمل خلاف سنڌي مختلف وقتن کي تحريڪون هلائيندا رهيا آهن ۽ هاڻ به هلائي رهيا آهن ته سنڌي ٻوليءَ سميت هتان جي چئني ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏنو وڃي ۽ ريجنل يا علائقائي لفظ ختم ڪيو وڃي، ساڳئي وقت اردوءَ کي رابطي جي زبان ڪوٺيو وڃي، سنڌ هن ملڪ جو اهڙو حصو آهي، جنهن جي ٻوليءَ کي پنهنجو رسم الحظ آهي، ان کي صدين جو پس منظر آهي، ائين ٻين جن به پاڪستان ۾ رهندڙ ٻولين کي اهڙا بنياد آهن، انهن کي قومي ٻوليءَ طور نه رڳو آئيني تحفظ ڏنو وڃي پر انهن سڀني کي وڌڻ ويجهڻ جا هڪ جهڙا موقعا ڏنا وڃن، اڄ جڏهن ڪيترين ٻولين مٿان فطري تيز رفتاريءَ ۽ سائنسي ترقيءَ جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي وڃڻ سبب ختم ٿيڻ جو خطرو آهي، اتي سنڌي ٻوليءَ کي جڏهن اهڙو ڪو به خطرو نه آهي، تڏهن هن ملڪ جا واڳ ڌڻي هٿ وٺي نه رڳو پوئتي ڌڪي رهيا آهن، پر انهيءَ جي قانوني ۽ آئيني حيثيت کان به انڪار ڪري رهيا آهن، جيڪو عمل هن ملڪ لاءِ نهايت مناسب نه آهي، اسين سمجهون ٿا ته سنڌي ٻولي اهڙي ٻولي آهي، جنهن ۾ نه رڳو جيئڻ جي سگهه آهي پر ان ۾ اڳتي وڌڻ ويجهڻ جي صلاحيت پڻ موجود آهي. ان ڪري هن ملڪ جي واڳ ڌڻين کان اسان جي گهر آهي ته سنڌي ٻوليءَ سميت ملڪ جي چئني ٻولين، سنڌي، پنجابي، بلوچي ۽ پشتو کي وڌڻ ويجهڻ جا هڪ جهڙا موقعا ڏنا وڃن ۽ انهن سڀني کي قومي ٻوليون قبول ڪري انهن کي قانوني تحفظ ڏنو وڃي. جيئن اهي پنهنجي پيرن تي بيهي اڄ جي ڊوڙ ۾ پنهنجو حصو ڳڻائي سگهن ۽ پنهنجو حقيقي مان ۽ مرتبو ماڻي سگهن ۽ ساڳئي وقت اهو فخر به ڪري سگهن ته هو هن ملڪ جون قومي ٻوليون آهي، واڳ ڌڻي ائين ڪري مادري ٻولين جي ملهايل ڏينهن کي مان ڏيئي، دنيا جي سڀني قومن ۾ پنهنجو قانوني، آئيني ۽ انساني وقار ماڻي سگهندا ۽ انهن ٻولين جي ڳالهايو ويندڙ ماڻهن جي دلين ۾ جڳهه به ماڻي وٺندا، ائين نه ٿئي جو اڄ جي سڌريل ۽ مهذب قومن ۾ پنهنجو پاڻ کي شامل نه ڪرائي سگهن ۽ کين چوڻو پوي ته:

    قومن ۾ ڪنڌ ڪهڙو کڻبو
    ڏيندا ڏيهه ميار او يار


    سنڌ جي سياسي، سماجي ۽ ادبي تنظيمن پاران ٿيندڙ جدوجهد ساراهڻ جوڳي آهي، ضرورت ان ڳالهه جي آهي، سموريون تنظيمون هن اهم مرحلي تي گڏيل نموني پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرائين، جيڪو اسان جو قانوني، آئيني ۽ عالمي انساني حقن جي چارٽر موجب حق آهي.[/JUSTIFY]

    عوامي آواز سنڊي ميگزين جي ٿورن سان
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: اسان پنهنجي ماءُ جي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ چاهيون ٿا

    محترم رکيل مورائيءَ جو تمام سهڻو مضمون ونڊ ڪرڻ جا ٿورا ۔۔۔ وقتائتي ڳالهه آهي ۔۔۔ جيئن ته سنڌي ادبي سنگت سان گڏ وقت به وقت سنڌي قوم جا ڏاها اهو مطالبو ڪندا رهيا اهن ته خدارا! پاڪستان جي معاهدي ۾ شامل قومن کي حق ڏيو، انهن جي ٻولين ۽ لولين جي حفاظت جا بندوبست ڪريو جيئن دنيا جا ٻيا گهڻ قومي ملڪ ڪري رهيا اهن ۔۔۔

    برطانيا ۾ جيترو حق انگريزيءَ کي آهي اوتروئي ويلس، آئرش ۽ اسڪاٽش کي آهي، هندستان ۾ جيترو هڪ هنديءَ کي آهي اوترو ئي حق اتانجي صوبائي ٻولين کي آهي ۔۔۔ اهڙيءَ ريت سڀ ڳنڍيل يا گڏيل قومن وارن ملڪن ۾ سڀني قومن کي پنهنجا پنهنجا حق ڏنل ۽ محفوظ ٿيل آهن ۔۔۔

    پر پاڪستان ۾ هٿ وٺي اردوءَ کي وڌائڻ لئه پهريان بنگال سان مخالفت ڪري بنگال کي ڌڪي ٻاهر ڪيو ويو ۽ هاڻ بلوچن، سنڌين ۽ ٻين ترقي يافته ٻولين جي مخالفت ۾ ڏينهن رات هڪ ڪئي وڃي ٿي ۔۔۔ قومن جي حقن کي ختم ڪري، غير فطري راڳ ڳايو پيو وڃي ۔۔۔

    جيستائين پاڪستان ۾ قومن کي حق ڏئي عادلانه رويو نه اپنايو ويندو تيستائين پاڪستان جون پاڙون ڏيهن به ڏينهن ڪمزور ٿينديون رهنديون ۔۔۔ ياد رکو دنيا جي تاريخ ۾ ڪئي علائقا ۽ انهن تي ڪئي حڪمرانيون قائم ٿيون پر اهي وقت جي طوفانن ۾ وهي ڊهي ويون پر قومون فطرتي رنگن سان هميشه قائم رهنديون آهن ۔۔۔ دنيا جي ڪيترن ئي علائقن تي ڪيترن ئي فاتح فوجن سوين سال حڪومتون ڪري به قومي فطرتون بدلائي نه سگهيا بلڪه پاڻ ختم ٿي ويون ۔۔۔

    پاڪستان جي حڪمرانن کي تاريخ کان سبق سکڻ گهرجي ۽ قومن کي خودمختياري ڏئي انهن جا معاملات انهن جي حوالي ڪيا وڃن ته جيئن هي معاهدي جي بنياد تي قائم ٿيل ملڪ ڪجهه سال وڌيڪ جيئرو رهي سگهي ۔۔۔

    سنڌ جي سڄڻ دوستن کي اپيل ٿي ڪجي ته هو سنڌي ٻوليءَ جي حق ۾ پنهنجو آواز بلند ڪن ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو