پَپُو جي نانءُ

سلطان

سينيئر رڪن
تو ڇا سمجهيو؟

استاد بخاري


تنهنجي ڳل تي ڳوڙها
منهنجي دل تي لوڙها
تنهنجا منهنجا رشتا سوڙها!

تنهنجا ايڏا اوڳا ٽَهڪ!
منهنجي دردي دل ۾ چَهڪَ

ڪنهن تي ٽهڪئين؟
شايد بي حِس قدرت تي؟
پنهنجي بي وس قسمت تي؟

روئي روئي تو ڇو مُرڪيو؟
مون ته نه سمجهيو،
ڪنهن به نه سمجهيو،
تو ڇا سمجهيو؟


پپُو (1ستاد بخاري، جو گونگو ڏُهٽو)
 
سبحان الله تمام پياري شيئرنگ آهي مٺا ادا توهان جي شيئرنگ وري مٿان استاد بخاري تمام لاجواب
 
Back
Top