سنڌي ڌرتي سان تعلق رکندڙ سڀني سنڌين کي هي ناچيز سلام عرض ڪري ٿو، مان گذريل هفتي کن کان هن فورم تي محترم جناب رشيد سمون صاحب جن جي دعوت تي جوائن ڪيو اٿم، ۽ اڄ هن سيڪشن تي نظر پئي، سوچيم مان به پنهنجو تعارف ڪرائي ڇڏيان. منهنجو نالو عدنان ڪٽپر آهي ۽ منهنجو تعلق شهيدن جي ڳوٺ نئون ديرو ڊسٽرڪٽ لاڙڪاڻه سان آهي،۽ مان هينئر ٽيليڪميونيڪيشن ۾ بيچلرس ڪري رهيو آهيان سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان، منهنجو شوق انٽرنيٽ سرفنگ، ڪمپيوٽر ۽ ٽيڪنالاجي ريليٽڊ ميگزينس، تبصرا ۽ حالات حاضرهه آهن، بس چوندا آهن ته ٿورو چيو ۽ گھڻو سمجھو!!! دعائن ۾ ياد...
هاڻي سائين توهان ته هتي پراڻا ٿي چڪا آهيو.... توهان کي ڪهڙي ڀليڪار چئجي... ڇو جو توهان به هن اوطاق جا اوطاقي آهيو...... ٻي هڪ ڳالهه ته يار ٽنهي فوٽن ۾ توهان اداس آهيو... خير ته آهي.......
السلام عليڪم ادا عدنان ڪٽپر صاحب سنڌ سلامت جو ؓحصو بڻجڻ تي اسان اوهان کي مبارڪباد سان گڏوگڏ ڀليڪار به چئون ٿا ادا اوهان سان ملي ڪري ۽ اوهان جون تحريرون پڙهي ڪري تما ۡخوشي ٿي ته اسان جا سنڌي نوجوان ايترا سلجهيل ۽ ترقي يافته آهين الله اوهان کي اڃا به ترقي ڏئي شل پهنجون منزلون ماڻيو انشا۽ الله اوهان کي هتي تمام گهڻو مزو ايندو ۡ حسب روايت سنڌ سلامت جي مهمانن لاء گلن جا تحفا اميد ته قبول پوندا
سائين اهي سور ئي نه پڇ هاها ها ها۔۔۔۔ عرض ته مان سنجيده طبيعت جو مالڪ آهيان، ڪڏهن ڪڏهن دوستن سان ٽهڪ به ڏيندو آهيان، جيئن هاڻي ڏنم۔۔۔
ادا عدنان شال جڙيو هُجين سڀ کان پهرين ته پنهنجي ۽ پنهنجي ساري سنڌ سلامت سٿ طرفان توهان کي هن محبتي اڱڻ تي اچڻ لاءِ دل جي گهرائين سان ڀليڪار ٿو چوان۔ ۽ دُعا ٿو ڪريان ته شال توهان جي ساٿ سان اهي سنڌ سلامت جا ويڙها سدا وسندا رهن۔ (آمين) باقي دوست زندگي ڏکن ۽ سکن جو سنگم آهي۔ ڪنهن شاعر چيو آهي ته ڏک لڪائي اندر جا پوءِ کل ته خبر پئي۔ ان کان علاوه مون ٽي درجي واري شاعر جي به اهڙي قسم جي شاعري آهي جيڪا توهان جي نظر پيو ڪريان۔ جيڪا رمضان شريف ۾ سنڌ سلامت جي دوستن سان اڳ ۾ ئي ونڊ ڪري چُڪو آهيان۔ ادا عدنان ڪٽپر اسان اميد ٿا ڪريون ته توهان سنڌ ، سنڌي ماڻهن جي ڀلائي جي حاصلات لاءِ پنهنجون بهترين صلاحيتون سنڌ سلامت جي پياري اڱڻ تان ضرور ضرور اسان سان ونڊ ڪندا۔ توهان جو دعاڳو نثاراحمد ناز
واه سائين واه ڇا ته موضوي ع مطابق شاعري ۽ ڪلام پيش ڪيو اٿو تمام بهترين اميد ته ادي کي تمام گهڻو پسند آيو هوندو ۡ۔