[JUSTIFY] ٿورو تصور ڪري ڏسو ته: اوهان وڏي عمر جا ٿي ويا آهيو۔۔۔۔ اوهان زندگي ۾ بهترين بهترين ڪم سر انجام ڏنا آهن۔۔۔۔ تصور ڪري ڏسو ته اوهان فوت ٿي ويا آهيو۔۔۔۔ ۽ اوهان جي پٽ يا پوٽي ڪنهن اخبار يا ميگزين ۾ اوهان جي سوانح عمري يا بايوگرافي يا اوهان جي سيرت لکي آهي۔۔۔۔ اوهان ڇا ٿا چاهيو ته هو اوهان جي باري ۾ ڇا ڇا لکي؟ اوهان جي ڪهڙن ڪارنامن تي روشني وجهي؟ ڪڏهن تنهائي، اڪيلائپ ۾ سڪون سان شور کان پري پين پنو کڻي لکڻ ويهو۔۔۔۔ ۽ اهو رف ٺاهيو جيڪو اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جي وفات کان پو اوهان تي لکيو وڃي۔۔۔ ٿي سگهي ٿو ته هي رف جو لکڻ اوهان جي زندگي سري سان تبديل ڪري ڇڏي،،، ۽ اوهان بهتر کان بهتر ڪم ڪرڻ لڳو۔۔۔۔ تصور ڪريو ته ڪنهن اوهان جي ان رف جي لنڪ فيس بوڪ تي به شيئر ڪئي آهي۔۔۔ ڇا ٿا سوچيو ته فيس بوڪ جا سڄڻ اوهان جي فوتگي کان پو ان فيس بوڪ جي لنڪ تي پنهنجا ڪهڙا ڪمينٽس ڏين؟؟؟ دوستو! ٿي سگهي ٿو ته هي قدم کڻڻ سان اسان پنهنجي زندگي سان انصاف ڪري سگهون، ۽ اهڙا ڀلا ڪم ڪرڻ لڳون جنهن سان تاريخ واقعي اسان کي سٺن لفظن سان ياد ڪري۔۔۔۔[/JUSTIFY]
جواب: ٿورو تصور ڪري ڏسو ته۔۔۔ بيشڪ، اسانکي سوچڻ گهرجي ته، اسانجي پويان ماڻهون اسانجي باري ۾ ڪهڙي سوچ ٿا رکن ۔۔۔؟ ڇاڪاڻ ماڻهن جي راءِ اسانجي باري ۾ اسانجي شخصيت جو آئينو هوندي آهي ۔۔۔ ۽ جي ماڻهون سٺن لفظن ۾ ياد ڪن ته سمجهو ته ڪردار سٺو آهي ۽ جي برن لفظن ۾ ياد ڪن ته سمجهو ڪردار ۾ ڪمي آهي ۔۔۔ سائين محترم سٺا ماڻهون هميشه اهو ئي چاهيندا آهن ته ماڻهون کين ڀلو سمجهن پر جيڪي پاڻ برا هوندا اهن انهن کي ڪهڙي پرواهه ۔۔۔ سٺو سڏ ۔۔۔ سٺي سوچ
جواب: ٿورو تصور ڪري ڏسو ته۔۔۔ ادا طاهر صاحب توهان جي مهرباني جو توهان اهڙا سبق ڏنا آهن جنهن جي جيتري تعريف ڪجي اها گهٽ آهي، ادا مون ڪافي حد تائين پنهنجي آتم ڪهاڻي لکي آهي جيڪا مون وٽ رف جي صورت ۾ پئي آهي، جنهن جو مون نالو پڻ ڏنو آهي، ( زندگي جو سفر مهد کان لحد تائين ) ۔۔۔۔ جنهن ۾ مون پنهنجا تلخ تجربه ڏک سور خوشيون ۽ محبتن جو ذڪر ڪيو آهي۔۔۔ جنهن لاء مون هي شعر پڻ لکيو هو ۔(لکان ٿو زندگي جو سفر مهد کان لحد تائين سيلاني ممتاز نه ڄاڻان زيست وفا ڪندي وگهئي سان ابتدا کان انتها تائين۔۔) ان کان علاوه مان تقريبن پندرنهن سالن کان ڊائري (روزنامچو) پڻ لکندو پيو اچان جنهن ۾ پڻ منهنجا ڪافي يادگار واقعا درج ٿيل آهن، ۔۔۔ مزي جي ته ڪڏهن ڪڏهن مان ويهي اها ڊائري پڙهندو آهيان ۽ سوچيندو آهيان ته ڪڏهن ائين به هو ۽ ڪڏهن هيئن به آهي جيڪو مون ڪڏهن سوچيو به نه هو ۔۔۔اد مان ته محترم دوست عبدالرشيد صاحب کي به اهيو چوندس ته سنڌ سلامت جي فورم تي به هڪ اهڙو الڳ سان (عنوان ڏئي ) سلسلو شروع ڪجي جنهن ۾ سنگت پنهنجا تجربه ڏک سور ّخوشيون ۽ عجيب واقعا پيش ڪن جنهن مان ٻيو ڪو سنگتي ڪجهه سبق سکي يا تجربو حاصل ڪري،
جواب: ٿورو تصور ڪري ڏسو ته۔۔۔ ادا طاهر جن جي سوال تي جڏهن مون غور ڪيو ته حيران ٿي ويس۔۔۔ صاف نظر ٿي آيو ته ا پڻ هڪ روايتي ماڻهون آهيان۔۔۔ آيس ۔۔۔ ڪجهه پل راحت ۾ گذاريا ۽ هليو ويندس۔۔ ڪجهه پنهنجا ڪجهه ڏينهن تائين ياد رکندا ۽ پوءِ زندگي روان دوان۔۔۔ پاڻ کي الڳ ٿلڳ ۽ ڪجهه ڪرڻ جي جستجو رکندڙ ڪيڏو نه تيزيءَ سان وقت گذاري ويس ۽ هر آس اندر ۾ رهجي وئي۔۔ وري جڏهن اهو تصور ڪيو ته هت گهاريل ڪجهه پل ڪاغذ تي چٽيان ته ۔۔۔ قلم ڪجهه لکڻ لاءِ سوچيندو ئي رهيو۔۔ منهنجي اڳيان منهنجي خوبين واري ڪا ڳالهه ئي ياد نه آئي۔۔۔ پر ڪي اهڙا وقت تصور اڳيان آيا جو پريشاني وڌي وئي۔۔ توهان درست چيو منهنجا دوست ۔۔۔ انسان جڏهن انهي تصور سان سوچيندو ته کير ۽ پاڻي جو فرق کيس صاف نظر اچي ويندو۔۔۔ آئينو ڏيکارڻ جا لک لائق ۔۔ يقينن ائين سوچڻ سان اسان کي پاڻ کي تبديل ڪرڻ جو جذبو پيدا ٿيندو۔۔۔ جيتري قدر منهنجي دوست محترم ممتاز وگهيو جن جو مشورو آهي۔۔ ته سندن مشوري کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسان ٿو۔۔۔ بلڪل به اهڙي عنوان يا ڪيٽيگري جي ضرورت آهي۔۔۔ ان سلسلي ۾ دوستن کي صلاح آهي ته عارضي طور مختلف موضوع ۾ پنهنجا ليک موڪلين۔۔ جلدي ئي اهڙي سيڪشن جو اضافو عمل ۾ آندو ويندو۔۔۔ مشوري لاءِ لک لائق
جواب: ٿورو تصور ڪري ڏسو ته۔۔۔ محترم سائين ابڙا صاحب بلڪل اوهان جي ڳالھ درست آهي، ۽ الله تعالى قرآن مجيد ۾ به هڪ آيت جي مفهوم ۾ فرمايو آهي ته هر قوم ۾ ڀلا به آهن ته برا به آهن، پر انسان کي ڪوشش اها ڪرڻ گهرجي ته هو هميشه ڀلا ڪم ڪري ، ڀلائي ڪري، نيڪي ڪري. پسند ڪرڻ لاءِ ٿورا
جواب: ٿورو تصور ڪري ڏسو ته۔۔۔ طاهر سائين قرب ۔۔۔۔۔۔۔ اوهان اسان کي هڪ اهم ڳالهه ڏانهن غور ڪرڻ تي مجبيور ڪيو زندگي چار ڏينهن آهي ، ان کانپوء اوهان ماڻهن جي دلين ۾ يا ماڻهن جي زبان تي ڪيئن ٿا رهو اهو اوهان جي ان چئن ڏينهن جي زندگيء تي منحصر آهي۔ ڪي ماڻهو تاريخ ٿين ٿا، ڪي تاريخ ٺاهين ٿا ته وري هڪڙا اهي ماڻهو آهن جيڪي دلين تي حڪمرانيون ڪن ٿا۔ دعا آهي ته رب پاڪ اسان کي اهڙن ماڻهن ۾ شامل ڪري جن کي ماڻهو سٺن لفظن ۾ ياد ڪن۔