• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

چاهت جا چونڊيندي گل عمر وئي گذري۔

رشِد فياض

سينيئر رڪن
چئو سٽو۔

چاهت جا چونڊيندي گل عمر وئي گذري
پوءِ به نه مليو ڪو مُل عمر وئي گذري
ايندي ويندي هر روز ماڻهن پئي ڏنا طعنا
سمجهه ڪر ائين نه رُل عمر وئي گذري.


فقير رشيد فياض
 
جواب: چاهت جا چونڊيندي گل عمر وئي گذري۔

فقير سائين، اڃان اوهانجي عمر ڪافي پئي آهي، اڃان ڪيترائي گل، اڃان ڪيترائي باغ آهن ۔۔۔ چاهت ۾ جيترا به گل چونڊجن سي گهٽ آهن ۔۔۔ عمر گذري ته گذرڻ ڏيوس ۔۔۔ عمر جو ته ڪم ئي آهي گذرڻ ۔۔۔ وقت سان ڪهڙي ويڙهه ۔۔۔ ها جيڪي پل آهن سي ته سجايا ڪجن ۔۔۔ ملهه جي پرواهه ڀلا عاشق ڪٿي ٿا ڪن ۔۔۔!!!!

جي قيام ملن ته به ويجها ڀائنج سپرين

تمام سهڻو چوسٽو ۔۔۔

فقيرن جي فقيري قائم هجي بابلا

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: چاهت جا چونڊيندي گل عمر وئي گذري۔

ادا فقير صاحب اوهان جو چئوسٽو تمام سهڻو لڳو۔۔۔
جاري رکجو، هميشه سلامت هجو۔۔۔
 
جواب: چاهت جا چونڊيندي گل عمر وئي گذري۔

واهه سائين واهه

تمام سهڻا خيال، اميد ته اهو سلسلو جاري رهندو
 
جواب: چاهت جا چونڊيندي گل عمر وئي گذري۔

ٿريڊ کي متعلقه سيڪشن ۾ موو ڪرايو ويو

سدائين گڏ
ادا فقير سائين بلڪل ڪجھ نَوَن دوستن کي اهو مسئلو درپيش اچي ٿو، تمام گهٽ اهڙا نوان دوست پنهنجون تحريرون جتي انهن کي سمجھ ۾ اچي ٿو پوسٽ ڪن ٿا، اوهان پنهنجي ذميداري سهڻي طريقي سان سر انجام ڏيندي ٿريڊ کي پنهنجي سيڪشن ۾ موڪلي پنهنجي ذميداري جو مظاهرو ڪيو آهي۔۔
شال سدائين هي مانَ واري ٽيم احسن نموني پنهنجون ذميداريون پوريون ڪري سنڌين ۽ سنڌي ٻولي جي خدمت ڪندا رهن۔۔۔
اوهان سنڌ سلامت جي ساري محترم ٽيم جڙيا رهو، سلامت رهو۔۔۔
 
Back
Top