اسلام عليڪم دوستو..... منهنجو نالو رشيد احمد آهي مون کي ڪجهه دوستن مشورو ڏنو ته سنڌ سلامت فورم سنڌي ويب سائيٽ آهي جنهن ۾ مونکي معظم علي ۽ وفا شيراز نظاماڻي فورم ۾ اچڻ تي همٿايو. هن ويب سائيٽ تي گهڻو ڪجهه سکڻ لا ملي ٿو۔ منهنجي تعليم انٽر آهي منهجو شوق ادبي ذوق وارن سان آهي آئون پاڻ شاعري ڪندو آهيان مون کي شاعري ڪندي 7 سال ٿيا آهن منهنجا پسنديده ڪتاب شاهه جو رسالو، مثنوي رومي، گرهوڙي صاحب ۽ شيخ سعدي آهن جن جو آئون گهڻو مطالعو ڪندو آهيان. منهنجو ادبي نالو فقير رشيد فياض آهي
جواب: سڪ ڀريو سلام. مانوارا فقير رشيد فياض صاحب اسلام عليڪم وَ ياعلي مدد ڀلي آيا جيءُ آيا نِچ آيا اوهان جي عبدالرحيم مڱريو صاحب المعروف گرهوڙي صاحب کي پڙهيو آهي اوهان وٽ سائين قبلي جو رسالو به موجود هوندو ۔ ڀلائي ٿيندي اوهانجي جي هِن شعر جي تصديق ٿي وڃي ته آيا اِهو شعر گرهوڙي صاحب جو آهي يا ايئن ئي مشهور ڪيو ويو آهي ۔ " ايندي هِڪَ بُڇڙي قوم اُوڀر کان جنهن جي ٻولي جهان ڪهان " مونکي انتظار رهندو rizwanjamali@gmail.com
جواب: سڪ ڀريو سلام. جمالي صاحب آئون ضرور اوهان کي آگاهه ڪندس پر مون کي رسالو کولڻو پوندو بس ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو
جواب: سڪ ڀريو سلام. وعليڪم السلام سهڻا دوست، فقير رشيد فياض ۔۔۔ جي آيا ڀلي آيا ۔۔۔ سڄڻ آيا ڀلي آيا سهڻن جو سلامي ٿيان ۔۔۔ اوهانجي لفظن مان بهار جي خوشبو پئي اچي ۔۔۔ پاڻ وڃائي هو لهڻ واري هوا پئي لڳي ۔۔۔ اوهانجي مطالعي مان خبر پوي ٿي ته پنهنجا پنڌ ساڳيا آهن ۔۔۔ اوهانجي آمد سنڌ سلامت جي خوشقسمتي ۽ اميد ته اوهانکي هت سهڻا دوست ۽ پسند جا ليک ۽ گهڻيون ڪارائتيون شيون ملنديون ۔۔۔ بس سنڌ سلامت جي اوطاق جا سڀ ڪمرا گهمي ڏسو ۽ پاسي سان پيل هڪ ڪرسيءَ تي ويهي سنگت سان ڪچهريون ڪيو ۔۔۔ هن اوطاق جا سڀ دوست اوطاقي مڙس آهن ۽ اوهان سان نڀائڻ جا اهل ۔۔۔ اوهانجو موڪليل چوسٽو به سهڻو لڳو ۔۔۔ اميد ڪجي ٿي ته ڪجهه ٻڌائيندا ۽ ڪجهه ٻڌندا جي بنياد تي ڪچهريون قائم رهنديون ۔۔۔ محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن، تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگهايو۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سڪ ڀريو سلام. فقير رشيد فياض صاحب وعليڪم السلام اوهان کي اڱڻ تي ڀليڪار چئجي ٿو۔ هت اوهان کي محفلن جا مور، سگهڙ سٻاجهڙا، لطيف جا عاشق به ملندا ۔۔۔ اوهان جي نڪور لکڻين جو انتظار رهندو۔ سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سڪ ڀريو سلام. فقير رشيد فياض صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون۔ تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي۔ اوهان جي لکڻين ۽ خيالن سان گڏ اوهان جي راين ۽ صلاحن جا منتظر رهنداسين۔اسان ادبي ۽ علمي دوستن جا دوست رهيا آهيون ۽ اها اميد آهي ته اوهان سنڌي ادب لاء سهڻي شيئرنگ ڪندا رهندا۔ اوهان کي هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار سنڌ سلامت ساٿ سلامت
جواب: سڪ ڀريو سلام. سائين جن کي دل جي گهراين سان ڀلي ڪار چون ٿا اميد ته توهان هن سڪ جي ساٿ کي همشه ساد آباد رکندا