• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڊسڪ فارميٽ نه ٿي ٿئي

عبدالعزيز سمون

سينيئر رڪن
اسلام و عليڪم دوستو ، عرض هي آهي ته لوڪل ڊسڪ ڊي ۾ وائرس اچي ويو آهي جيڪو رموو به نه ٿو ٿي سو آئون ان کي فارميٽ ڪرڻ چاهيان ٿو پر فارميٽ به نه نٿو ٿئي ان جو حل ڏسيندا۔
417243_216439468451963_100002577355701_393964_526637303_n.jpg
 
جواب: ڊسڪ فارميٽ نه ٿي ٿئي

ڊسڪ فارميٽ نه ٿيڻ جا ڪافي سبب آهن توهان اسڪرين شاٽ ڏيوته ڏسي ڪري پو۽ پنهنجي را۽ ڏيجي
سدائين گڏ
 
جواب: ڊسڪ فارميٽ نه ٿي ٿئي

لنڪ کي درست ڪري جڏهن تصوير ڏٺي وئي ته خبر پئي ته توهان ونڊوز ايڪس پي جو سروس پيڪ 3 استعمال ڪري رهيا آهيو ۔۔۔ انهي پيڪ ۾ اڪثر ونڊوز ۽ ڪمپيوٽر کي تڪڙو هلائڻ لاءِ بيڪ گرائونڊ تي ونڊوز سان گڏ انسٽال ٿيندڙ ڪجهه ڪمپيوٽر يوٽيليٽيز پڻ هلنديون رهن ٿيون۔۔ اهو ئي سبب آهي جو ڊرائيو کي فارميٽ ڪرڻ دوران اهڙو ايرر ايندو آهي۔۔
ان جو حل اهو آهي ته سڀ کان پهريان هتي ڪلڪ ڪري انلاڪر نالي سافٽويئر ڊائونلوڊ ڪري انسٽال ڪريو۔۔۔ جنهن کان پوءِ مطلوبا ڊرائيو تي مائوس ذريعي ساڄي پاسي ڪلڪ ڪري Unlocker تي ڪلڪ ڪري ڊرائيو کي ان لاڪ ڪريو۔۔۔

right-click.png

جڏهن ان لاڪر ونڊو کلي ته اتان Unlock All بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔

The-Unlocker-Main-Page.jpg

جنهن کان پوءِ توهان ان ڊرائيو کي آرام سان فارميٽ ڪرڻ جي احل ٿي ويندا۔۔

وڌيڪ توهان جي جواب جو انتظار رهندو۔۔۔
 
جواب: ڊسڪ فارميٽ نه ٿي ٿئي

ماشاءَ الله سائين جادوگر صاحب تمام بهترين حل، اميد ته ادا عبد العزيز صاحب جن جو مسئلو حل ٿي ويو هوندو۔۔۔
 
جواب: ڊسڪ فارميٽ نه ٿي ٿئي

ادا رشيد سمون واقعي ۾ لاجواب حل ٻڌايو آهي۔ ان کان علاوه توهان DOS ۾ وڄي فارميٽ ڪمانڊ سان به ان کي فارميٽ ڪري سگهو ٿا۔
 
Back
Top