هن تصوير ۾ توهان غور ڪريو ته هڪ عورت جي جتي ۾ اسان جي الله پاڪ ۽ اسان جي پياري نبي صلي الله عليه وسلم ۽ اسان جي مزهب اسلام جو نالو ڏنو ويو آهي۔ نئوزبالله اسلام دشمن ڪيتري حد تائين ڪري ويا آهن ڪهڙيون حرڪتون ڪري رهيا آهن۔ الله تعالى انهن کي حدايت نصيب ڪري۔
جواب: هڪ گستاخ تصوير اعوذ بالله من الشيطان الرجيم اڙي ادا عبدالرحيم ۔۔۔۔ هر انسان پنهنجي ڪئي جي لوڙي ۔۔۔ اهي ديني نقطا تمام الجهائيندڙ آهن ۔۔۔ هر مذهب وارو ٻي مذهب کي هيٺ ڪرڻ ۽ انجي تذليل ڪرڻ جي سوچيندو آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ جو اهي اڻڄاڻ هوندا آهن، کين خبر نه هوندي آهي ته هو ڇا ڪري رهيا آهن ۔۔ شيطان ٻرندڙ باهه تي تيل اڇلائيندو آهي !!! پر ڀلا ۽ رحماني انسان انهن برن انسانن ۽ شيطان جي پوئلڳن جي اصلاح لاءِ سوچيندا آهن ۽ کين سڌي راهه جي تلقين ڪندار رهندا آهن ۔۔۔ طائف جي ماڻهن جڏهن الله جي رسول کي ايترا ته پٿر هنيا جو پاڻ سڳورا رت و رت ٿي ويا ته فرشتن چيو ته حڪم ٿئي ته اسين هنن ٻن پهاڙن کي پاڻ ۾ ملائي هن شهر جي ماڻهن جو نالو نشان ئي ختم ڪري ڇڏيون، پر پاڻ سڳورن چيو نه، ائين ناهي ڪرڻو، ڇاڪاڻ ته مستقبل ۾ ممڪن انهن مان ئي ڪو سٺو مسلمان پئدا ٿئي ۔۔۔ ۽ دنيا ڏٺو ته طائف جا ماڻهون سڀ جا سڀ اسلام ۾ داخل ٿي ويا ۽ مسجدون آباد ٿي ويون۔۔۔ الله جي رسول فرمايو هو ته، ڪڏهن به ڪنهنجي مذهب کي گهٽ وڌ نه ڳالهايو، ڇاڪاڻ ته هو به ائين ئي ڪندا ۔۔۔؟ اسانکي دعا گهرڻ گهرجي ۽ صراط المستقيم جي تبليغ ڪرڻ گهرجي ته جيئن انسان کي نور ۽ هدايت ملي سگهي۔۔۔۔ صاحب تنهنجي صاحبي عجب ڏٺيسون ۔۔۔
جواب: هڪ گستاخ تصوير ادا نثار ابڙو آئون توهان جي ڳالهين کان بلڪل متفق آهيان۔ اسانکي دعا گهرڻ گهرجي ۽ صراط المستقيم جي تبليغ ڪرڻ گهرجي ته جيئن انسان کي نور ۽ هدايت ملي سگهي۔
جواب: هڪ گستاخ تصوير سائين نثارصاحب ابا سڀ کان پهريون ته فقير جا پيرن تي هٿ دير اچڻ تي معافي جو طلبگار آهيان اميد ته نا اميد نه ڪندا ٻيو ته ڪن اسبابن جي ڪري اسان تصوير ڏسڻ کان محروم آهيون پوتبصرو ڇاتي ڪجي ٽيون ته توهان لکيو آهي ته ::::اهي ديني نقطا تمام الجهائيندڙ آهن ۡ:::ادا انهي نازڪ موڙ تي اسان جو فريضو ڇا آهي ؟انهن کي الًجهيل ئي ڇڏي ڏجي يا انهن کي سلجهائڻ جي ڪوشش ڪجي !!! پر جي اسان ئي دين کان پري هونداسين ته پو دين کي ڪير سلجهائيندو ؟؟؟؟ چوٿون لکيو آهي ته ::::::: هر مذهب وارو ٻي مذهب کي هيٺ ڪرڻ ۽ انجي تذليل ڪرڻ جي سوچيندو آهي ۔۔۔ ڇاڪاڻ جو اهي اڻڄاڻ هوندا آهن، کين خبر نه هوندي آهي ته هو ڇا ڪري رهيا آهن::::::::::::سائين مذهبي ماڻهو ڪڏهن به ڪنهن جي توهين جوسوچي به نه ٿو سگهي ها البت ڪجه نادان مذهب جي نالي تي مذهب کان هٽيل زهريلو نفاق جو مواد ڦهلائيندا آهن پنجون سائين صراط مستقيم جي ڪئين تبليغ ڪجي اها صراط مستقيم آهي ڪهڙي ؟؟؟؟؟ دعائن ۾ياد