فاروق سومرو
سينيئر رڪن
چونڊ حيدر جتوئي
حقيقت آهي ته گهڻو سمهڻ، گهڻو کائڻ ۽ گهٽ ورزش ڪرڻ ڪنهن به انسان جي وزن ۾ اضافي جو ڪارڻ آهن پر ماهرن اهڙي جديد ريسرچ ڪئي آهي جنهن سان خاص حالتن ۾ گهٽ سمهڻ وزن وڌڻ جو ڪارڻ بڻجي سگهي ٿو.
آمريڪا ۾ نيويارڪ کان ملندڙ رپورٽن موجب خابرو ايجنسي روئٽرز ننڊ جي ڪري پيدا ٿيندڙ جسماني ۽ نفسياتي مسئلن تي ريسرچ ڪندڙ آمريڪي ماهرن جو حوالو ڏيندي ٻڌايو ته هاڻي اِها ڳالهه ثابت ٿي چُڪي آهي ته گهٽ سمهڻ سان وزن وڌڻ جو تعلق آهي.
پنسلوينيا يونيورسٽي ۾ ننڊ جو طبي مطالعو ڪندڙ هڪ ماهر مائيڪل گارڊنر موجب تمام گهٽ سمهندڙ ماڻهو سندس صحت ۽ توانائي جون ضروتون پوريون ڪرڻ لاءِ گهڻي خوراڪ کائي ٿو پر جسم جو حصو بڻجندڙ ڪيلوريز استعمال نه ڪرڻ سان هنن جو وزن وڌي ٿو.
هن ريسرچ سان ثابت ٿيو آهي ته گهٽ سمهڻ سان وزن وڌي ٿو پر اِهو لازمي ناهي ته فقط تمام گهٽ سمهڻ سان ئي وزن وڌي ٿو.
مائيڪل گارڊنر موجب هن باري ۾ وڌيڪ ريسرچ ڪرڻ جي ضرورت آهي ته گهٽ سمهڻ يا نه سمهڻ جو جسماني وزن تي اثر پوڻ جي طبي تفصيل آهي ۽ هنن جا نتيجا ڪيئن سامهون اچن ٿا پر اِها ڳالهه يقين سان چئي سگهجي ٿي ته وزن گهٽ هجي يا وڌيڪ، انسان کي مناسب حد تائين سمهڻ گهرجي ۽ جسماني تندرستي خاطر مقرر وقت تائين سمهڻ هر انسان جي ترجيح هجڻ گهرجي.“