• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي سکيا تي هڪ نئي ويب سائٽ

عبدالرحيم

سينيئر رڪن
ادا اسلام عليڪم،
اميد آهي اوهان سڀ خوش ۽ حشاش بشاش آهيو۔
اڄ آئون توهان کي هڪ ويب سائٽ ٻڌائي رهيو آهيان جيڪا مون پاڻ ٺاهي آهي۔
هن ويب سائٽ ۾ صرف ڪمپيوٽر بابت سکيا ڏني ويندي اها به اسان جي سنڌي ٻولي ۾۔
اميد آهي ته اها ويب سائٽ توهان ڀائرن لائي ڪارآمد ٿيندي۔
پنهنجي رايا ۽ مشورا ضرور ڏيندا ته منهنجي همت افزائي ٿيندي۔

ويب سائٽ وزٽ ڪرڻ لائي هيٺ ڪلڪ ڪريو۔
سنڌي سکيا
 
جواب: سنڌي سکيا تي هڪ نئي ويب سائٽ

ڪمپيوٽر جي سنڌيءَ ۾ سکيا ڏيڻ جي هڪ شاندار ڪوشش آهي، اوهان هن بلاگ ذريعي سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪمپيوٽر بابت هر قسم جي ڄاڻ هڪ هنڌ گڏ ڪري تمام اعلا ڪم ڪيو آهي ۔۔۔ بس ترجمي ڪرڻ وقت جيئن اوهان لکڻ ٿي چاهيو “ ڀاڱان“ اوهان لکي ويا “ ڀاڳان“ ۔۔۔۔ انڪري لفظن جو ٿورڙو احتياط ضروري آهي ۔۔۔

باقي اوهانکي واڌايون ۽ سنڌي ٻوليءَ جي خدمت ۾ پاڻ ملهائڻ تي سلام عرض ۔۔۔

سدا سلامت رهو
 
جواب: سنڌي سکيا تي هڪ نئي ويب سائٽ

تمام سٺو ڪم ۽ تمام اهم ويب سائيٽ آهي۔

يقينن اهي دوست جيڪي انگريزي کان گهڻو واقف ناهن انهن لاء هي ويب سائيٽ غنيمت آهي ۽ سولائي سان ڪمپيوٽر سکڻ ۾ مدد ملندي۔ دوستن جي اهڙي ڪاوش تي کين سلام پيش ڪجي ٿو۔
 
جواب: سنڌي سکيا تي هڪ نئي ويب سائٽ

توهان دوستن جون مهربانيون جو توهان منهنجي همت افزائي ڪئي ۽ مون کي سٺا رايا پڻ ڏنا۔
 
جواب: سنڌي سکيا تي هڪ نئي ويب سائٽ

سائين اوهان وڊيو ڊائونلوڊ ڪري انهن کي يوٽيوب تي اپلوڊ ڪري انهن کي انتهائي ۡخوبصورتي سان يڪجا ڪري انتهائي بهترين ڪم ڪيو آهي۔ اوهان جو ڪنٽريبيوشن قابل داد آهي۔۔۔۔۔ اوهان جي جاکوڙ جو اندازو ڪري سگهان ٿو مان۔
 
جواب: سنڌي سکيا تي هڪ نئي ويب سائٽ

السلام عليکم ادا عبد الرحيم صاحب !
توهان جا لک احسان جو اسان اٻوجهه ماڻهن جي لاءِ اهڙير ڪاوش کئي آهي. پر هڪ عرض ڪريان توهان پنهنجو موبائيل نمبر ته ظاهر ڪريو.

طالبِ دعا : محمد عبد الله السندي
لاڙکاڻه
03313415380
 
جواب: سنڌي سکيا تي هڪ نئي ويب سائٽ

ادا ويب ساءيٽ ت تمام سٺي آهي پر اهو ڪم توهان سنڌ سلامت تي ڪيو ت بهتر رهندو
 
Back
Top