فقيري رنگ

'سنڌي شاعري' فورم ۾ رشيد فياض طرفان آندل موضوعَ ‏12 فيبروري 2012۔

  1. رشيد فياض

    رشيد فياض
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏11 فيبروري 2012
    تحريرون:
    3
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    فقيري رنگ


    الف نام آ اوچو، م پڻ آ مٺاڻ
    وٺندي نام اهي، آئي من ٿڌاڻ

    الف ڪن مان رچيو، فرمايو قرآن
    اسان ڪل خلقيو هي، آ م ڪاڻ

    جيلانهه کڻان نگاهه،پسان الف،الف
    مٿان ان ۾ وري، آ م جي چمڪاڻ

    پنهنجي من ساڻ، ساري ڪجو سهي
    لفظ اهي ٻئي، ته ٿيندي روز رهاڻ

    جيڪي "فقير" لکيو، سوئي پڙهيو
    هو ڄٽ ڄٽن ۾، مولا ڏنس ڄاڻ۔

    فقير رشيد فياض۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: فقيري رنگ

    محترم فقير سائين

    پنهنجي من ساڻ، ساري ڪجو سهي
    لفظ اهي ٻئي، ته ٿيندي روز رهاڻ

    الف ۽ م جو ميلاپ سمجهه ۾ اچي وڃي ته انسان کي تحفي ۾ هڪ اهڙي روشني ۽ ڪسوٽي ملي ٿي جنهن سان هو پنهنجي وجود جون سڀ مَٺايون صاف ڪري امر ٿي وڃي ٿو ۔۔۔

    اسان اهي لفظ سهي ڪري وٺنداسون جي فقيرن جي رهاڻ نصيب ٿيندي رهندي

    وحـــده لاشــريڪ له، جـــان ٿو چئيــن ايئــن،
    تان مڃ محمد ڪارڻي، نرتئون منجهان نينهن،
    سـو تـون وڃيو ڪيئـن، نائيـن ڪنڌ ٻيــن کي۔

    تمام سهڻو پيغام، سهڻن لفظن ۾ ڏنو آهي دوست فقير ۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو