اڃان به ٿورو ٿورو اسانجي آبادين ۾ ٽانگي يا بگيءَ جو استعمال ٿئي ٿو پر تمام گهٽ ٿي ويو آهي، ماضي قريب ۾ جڏهن اڃان رڪشا، چنگچيون يا وري شهرن ۾ عوامي بسون نه هلنديون هيون ته انهن جي جاءَ تي ٽانگا يا بگيون هلنديون هيون ... شهرن ۾ سهڻا گهوڙا ۽ انهن جي پويان سجيل ۽ سنواريل بگيون عام جام هونديون هيون، بلڪ شهرن جي وچ ۾ ٽانگا اسٽينڊ پڻ قائم ٿيل هوندا هيا ... ڀلي گهوڙي جي سواريءَ ۾ اهڙو ته مزو ايندو هو، جو دل چوندي هئي ته ٽانگو هلندو رهي ۽ منزل نه اچي ... شهرن ۾ ڪي ٽانگا ۽ انهن جا گهوڙا به مشهور هوندا هئا، ماڻهون ڳولهي وڃي انهن آرمده ۽ سينگاريل ٽانگن تي چڙهندا هئا ... شهر جي مختلف پاڙن ۾ گهوڙن ۽ ٽانگن جا تمبيلا هوندا هئا جت گهوڙن جي پرورش ٿيندي هئي ... روڊ تي رات جو ٽانگي ۾ جڙيل گهوڙي جي ٽاپن جو آواز پري پري تائين پيو ٻڌبو هو، ماحول صاف ۽ بي آواز ۽ ماحول جي سانت ۾ گهوڙي جي ٽاپن جو آواز هڪ عجيب سحر پئدا ڪندو هو .... هاءِ ڙي زمانه تنهنجي ترقي ... نه اهي گهوڙا ۽ نه اهي ٽانگا ... ۽ نه اهي سفر!!! اڄڪلهه شهرن ۾ ڪيڏانهن وڃڻ لاءِ چڙهه چنگچيءَ ۾ ته، ماڻهون منزل تي رسي ته ترت ٿو پر چيلهه ۽ پيٽ جي سور سان ...
جواب: ٽانگا يا بگيون ۽ انهن جي ياد واهه واهه ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هاڻي گهوڙا رکڻ به ڪو سولو ڪم ناهي ۔۔۔۔ پر اوهان ڪهڙو زمانو ياد ڏياري ڇڏيو جڏهن ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ هوندا هئاسين ته پنجگوله چوڪ کان سول اسپتال تائين ٽانگا هلندا هئا ۽ هر ڪنهن کي وارو ايندو هو پر اسان تاڙ ڪري جيڪو سٺو گهوڙو هوندو هو ان جو انتظار ڪندا هئاسين ڀلي دير ٿئي ته ٿئي ۽ پوء خوب مزي سان ايندا هئاسين ۔۔۔۔۔۔ گهوڙي جي ٽاپن جو آواز ڪنهن موسيقي جو سنگم لڳندو هو۔
جواب: ٽانگا يا بگيون ۽ انهن جي ياد بلڪل ماضي ۾ ته اڪثر اهڙين بگين ۾ ويهڻ جو اتفاق رهيو آهي۔۔ پر تازو ڪراچي ۾ پڻ ٻه ٽي دفعا ڪجهه سينگاريل بگيون گهمندي نظر آيون جيڪي محض تفريح ڪاڻ هيون۔۔
جواب: ٽانگا يا بگيون ۽ انهن جي ياد سائين نثار صاحب واھ جي ماضي ياد ڏياريو اَٿَو! مون کي ياد آهي ته ڪنڌڪوٽ شهر ۾ کوڙ سارا ٽانگا هوندا هئا، پو اسان انهن تي ڪافي سواري به ڪندا هئا سون، اڪثر ڪراچيءَ کان جڏهن گهر وڃڻ ٿيندو هو ته اَسُر ويل ڪوچ ڪنڌڪوٽ لاهيندي هئي ۽ ٻه ٽي ٽانگن وارا اَسُر سان ئي پنهنجي روزي لا نڪرندي ڪوچ جي انتظار ۾ بيٺا هوندا هئا۔ ان وقت چنگچي يا رڪشي جو ڪنڌڪوٽ ۾ نالو نشان به نه هو، صرف وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي، حيدرآباد، سکر وغيره ۾ رڪشا نظر ايندا هئا۔ باقي سائين رشيد صاحب اوهان به ڳالھ درست ڪئي آهي، اڪثر جڏهن ڪلفٽن، سمنڊ جي ڪناري يا گرومندر وڃڻ ٿيندو آهي ته هڪ ٻه ٽانگا خوب سجايل نظر ايندا آهن، بلڪل هندوستان جي فلم سين مطابق، پر محض تفريح لا، يا ته ڪو نئون شادي شد جوڙو سير تي نڪتل هوندو، يا وري ڪا فيملي ٻارن جي ضد تي مجبور ٿي سواري ڪندي آهي، يا وري فارين مان ڪو اينراى لينڊ لاڊ جي ٻارڙن کي انهن تي سواري ڪندي ڏسندا آهيون۔ سائين نثار صاحب لک ٿورا جو ماضي جا خوبصورت لمحا ياد ڏياريَوَ۔۔۔