ڪوڙ ڳالهائڻ دل تي اثر ڪري ٿو.

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏13 فيبروري 2012۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [JUSTIFY]ڪوڙيون ڳالهيون ڪرڻ ۽ ڪوڙا قسم کڻڻ به زبردست گناهه آهي. حضور جن فرمايو آهي ته ”بندو ڪوڙ ڳالهائيندو رهي ٿو، تان جو الله تعاليٰ جي نزديڪ انهيءَ جو نالو ڪوڙن جي فهرست ۾ ليکيو وڃي ٿو.“ ڪوڙ ڳالهائڻ هن ڪري حرام آهي، جو ان ڪري دل ڪٽجي ڪاري ٿيو ٿي وڃي: هاڻي جيڪڏهن ڪو شخص ڪنهن مصلحت خاطر ڪوڙ ڳالهائي ۽ دل ۾ ان کي ناپسند ڪري، ته حرام نه آهي، ڇا لاءِ جو جڏهن ان کي ناپسند سمجهي ٿو ته اهو پوءِ دل تي اثر نٿو ڪري ۽ دل خراب نٿي ٿئي.
    هن ۾ شڪ نه آهي ته جيڪڏهن ڪو مسلمان ڪنهن ظالم جي ظلم کان تنگ ٿي ڀڄي وڃي ته اهڙيءَ حالت ۾ سچ چوڻ نه گهرجي، بلڪ ان موقعي تي ڪوڙ ڳالهائڻ واجب آهي. ٽن حالتن ۾ ڪوڙ ڳالهائڻ جي اجازت آهي: پهريون، لڙائيءَ جي حالت ۾، دشمن کي پنهنجي ارادي متعلق صحيح خبر نه ڏيڻ، ٻيو جڏهن ٻن مسلمانن ۾ صلح ڪرائجي تڏهن هڪ کي ٻئي جي طرفان حتيٰ المقدور نيڪ ڳالهه چئجي، پوءِ کڻي ان ائين نه ئي چيو هجي، ٽيون، جنهن شخص وٽ ٻه زالون هجن ته هرهڪ کي ائين چوڻ ته ”مان زياده توکي چاهيان ٿو. جيڪڏهن ڪو ظالم ڪنهن ماڻهوءَ جي مال ۽ راز بنسبت ڪجهه پڇي، ته ان کي نه ٻڌائڻ گهرجي، ۽ نه وري سندس پڇڻ تي ان ماڻهوءِ جو گناهه ٻڌايو وڃي، ڇا لاءِ جو شريعت برن ڪمن جي لڪائڻ جو حڪم ڏنو آهي.

    (ڪيميائي سعادت تان ورتل)
    [/JUSTIFY]
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: ڪوڙ ڳالهائڻ دل تي اثر ڪري ٿو.

    جزاڪ الله ادا

    تمام بهترين ڄاڻ ڏني آهي توهان

    سدائين گڏ
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪوڙ ڳالهائڻ دل تي اثر ڪري ٿو.

    مونکي مٿين ڳالهين سان به اعتراض آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ منهنجي نظر ۾ ڪوڙ ڪوڙ آهي اهو ڪنهن به صورت ۾ قابل قبول ناهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو