[/CENTER][/IMG] منهنجو پيار ڪٿي آ ڪوئي ڏس نه ڏيندو ڇا؟ هن جو پار ڪٿي آ، هُن ڏي گسَ نه ويندو ڇا؟ هن تي ڇانوَ گهڻيري هوندي سِجُ مڃيندو ڇا؟ ٿوري ننڊ ڪري هو مون ڏي موٽي ايندو ڇا؟ شيخ اياز
جواب: منهنجو پيار ڪٿي آ ڪوئي ڏس نه ڏيندو ڇا؟ (شيخ اياز) ادا عرس مرحوم شيخ اياز جي لاجواب ونڊ لا ٿورا،، باقي لڳي ٿو معاملو گڙٻڙ آ، شايد هيل ڳوٺان اڪيلا آيا آهيو!!
جواب: منهنجو پيار ڪٿي آ ڪوئي ڏس نه ڏيندو ڇا؟ (شيخ اياز) معاملو گڙٻڙ ناهي پر ويلناٽائين به آهي ۽ عرس هونئن به سونهن جي اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري وجهندو آهي۔ شيخ اياز جي شاعريء مان خوبصورت چونڊ
جواب: منهنجو پيار ڪٿي آ ڪوئي ڏس نه ڏيندو ڇا؟ (شيخ اياز) سونهن کي سلام سونهن وارن کي سلام سونهن جي قدردارن کي سلام ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔سونهن جي اڳيان هٿيار فٽا ڪرڻا پون ٿا ادا