ڇا توهان ڪاوڙ تي قابو رکو ٿا۔۔۔؟

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏14 فيبروري 2012۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    [​IMG]

    هڪ دفعي هڪ استاد پنهنجي شاگرد سان گڏ پيادل ڪنهن سفر تي نڪتو۔۔ رستي ۾ کين هڪ ننڍي تلاءَ ڀرسان گذرڻ ٿيو۔۔۔ استاد پيدل هلڻ ڪري ٿڪجي پيو ۽ کيس اُڃ پڻ ستايو هيو ان ڪري ڀرسان ئي موجود هڪ ڇانودار وڻ هيٺان ويهي رهيو۔۔۔
    شاگرد استاد جي پوئواري ڪندي پڻ وڻ جي هيٺان پڙاء ڪيو۔۔۔ استاد شاگرد کي ڀرسان موجود ان تلاء ڏانهن اشارو ڪندي پاڻي ڀري اچڻ جو چيو۔۔۔
    شاگرد جڏهن تلاء ڀرسان پهتو ته هن ڏٺو ته تلاء مان هڪ مينهن جو واڙو گذري رهيو آهي۔۔۔ ۽ ان جي گذرڻ سان تلاء جو پاڻي مٽي سان ملي گدلو ٿي چڪو آهي۔۔۔ هن سوچيو ته اهڙو گندو پاڻي پنهنجي استاد لاءِ ڪيئن کڻي وڃان۔۔۔ سو هُو هٿين خالي واپس موٽيو ۽ استاد کي چيائين ۔۔”استادِ محترم تلاء جو پاڻي مينهن جي گذرڻ ڪري مٽيءَ سان ملي گندو ٿي چڪو آهي۔۔ جيڪو پيئڻ جي قابل نه آهي۔۔“
    اڌ ڪلاڪ کان پوءِ استاد شاگرد کي هڪ دفعو ٻيهر تلاء مان پاڻي ڀري اچڻ جو چيو۔۔ شاگرد انتهائي فرمانبرداري سان اٿيو ۽ تلاء ڏانهن روانو ٿيو۔۔
    هن دفعي وري هن محسوس ڪيو ته تلاء جو پاڻي مٽي سان آلوده آهي ۽ پيئڻ جي قابل نه آهي۔۔ هُو هڪ دفعو ٻيهر هٿين خالي واپس وريو ۽ استاد سان ساڳي ڳالهه ڪئي۔۔
    ڪجهه وقت کان پوءِ استاد هڪ دفعو وري شاگرد کي تلاء مان پاڻي کڻي اچڻ لاءِ چيو۔۔۔شاگرد استاد جي چوڻ تي فرمانبرداري سان اٿيو ۽ تلاء ڏانهن روانو ٿيو۔۔ هن دفعي شاگرد کي تلاءِ صاف ۽ ان ۾ موجود پاڻي مٽي کان پاڪ نظر آيو۔۔ مٽي پاڻي جي تري ۾ ويهي چڪي هئي ۽ پاڻي پيئڻ جي قابل هيو۔۔ هن هڪ ٿانوء ۾ استاد جي لاءِ پاڻي ڀريو ۽ واپس روانو ٿيو۔۔
    استاد پاڻي کي ڏسي پنهنجي شاگرد کي چيو۔۔۔ ”ڏٺئي۔۔۔ تو پاڻي کي صاف ڪرڻ لاءِ ڇا ڪيو۔۔۔؟“
    ”بس انتظار۔۔۔ !۔۔ ايسيتائين جو مٽي پاڻمرادو پاڻي جي تهه ۾ ويهي وئي۔۔ ۽ تو صاف پاڻي حاصل ڪري ورتو۔۔۔ تنهنجو دماغ به ائين آهي۔۔۔ جڏهن سمجهين ته تون پريشان آهين ۔۔ ته ان کي به ڇڏي ڏي۔۔۔ ايسيتائين جو هوُ پاڻمرادو پريشاني کان آجو ٿي وڃي۔۔۔“

    سبق: جڏهن توهان ڪاوڙ ۾ هجو۔۔ ته پاڻ کي ٿڌو ٿيڻ لاءِ وقت ڏيو۔۔۔ جنهن کان پوءِ توهان درست فيصلو ڪري سگهندو۔۔۔


    [​IMG]
     
  2. فاروق سومرو

    فاروق سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 فيبروري 2011
    تحريرون:
    2,673
    ورتل پسنديدگيون:
    3,816
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڇا توهان ڪاوڙ تي قابو رکو ٿا۔۔۔؟

    واه بهترين ليک ڏيندر سبق آهي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا توهان ڪاوڙ تي قابو رکو ٿا۔۔۔؟

    ها سائين پر اهو انتظار ۽ ٿڌو ٿيڻ اهو ايڏو سولو ناهي۔ اڄڪلهه هر ڪو جواب ڏيڻ ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪرڻ ۾ دير ئي ڪونه ٿو ڪري ۔۔۔۔

    ڪاش سڀ اوهان پاران ونڊ ڪيل هن سبق آموز ڪهاڻي کي پڙهن ۽ سمجهن ۔۔۔۔۔ خوبصورت شيئرنگ
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڇا توهان ڪاوڙ تي قابو رکو ٿا۔۔۔؟

    ڏاهن جون ڳالهيون به ڏاهپ واريون ۔۔۔ تمام سهڻو ونڊ، ڪاوڙ تي هي به هڪ ڏاهي جو ونڊ آهي ۔۔۔ اميد ته دوستن کي ڪاوڙ جي نوعيت سمجهه ۾ اچي ويندي ۔۔۔

    ڪاوڙ يا غصو
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ڇا توهان ڪاوڙ تي قابو رکو ٿا۔۔۔؟


    سائين بهترين سبق آموز۔
    اوهان جي هن سبق آموز کي اڳتي وڌائيندي آءُ هت ڪجھ گذارش ڪندس:
    الله تعالي قرآن مجيد ۾ فرمايو آهي ته:
    جيڪي سُک ۽ ڏک ۾ (الله ڪارڻ) خرچيندا آھن ۽ ڪاوڙ کي کائيندڙ ۽ ماڻھن (جي ڏوہ) کان ٽارو ڪندڙ آھن، ۽ الله ڀلارن کي دوست رکندو آھي.



    سورت آل عمران آيت 134

    آقائي نامدار رسول ڪريم حضرت محمد مصطفي صلي الله عليه وآله وسلم جن جي هڪ حديث جو مفهوم به شيئر ڪرڻ چاهيندس۔۔ پاڻ ڪريم جن ڪاوڙ يا غصي کان منع فرمائي آهي
    پاڻ ڪريم جن جي حديث جو مفهوم آهي
    بخاري شريف جي حديث آهي حضرت ابو هريره رضي الله عنه کان روايت آهي ته هڪ شخص پاڻ ڪريم جن کي چيو ته آقا مون کي ڪا نصيحت ڪريو، ته پاڻ ڪريم جن کين فرمايو: ڪاوڙ نه ڪر.

    امام احمد رحمه الله جن حديث روايت ڪن ٿا ته پاڻ ڪريم جن هي دعاء گهرندا هئا:
    اي الله مان توکان ڪاوڙ ۽ رضا ٻنهي حالتن ۾ حق ڳالھ ڪرڻ جي دعاء ٿو گهران.
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڇا توهان ڪاوڙ تي قابو رکو ٿا۔۔۔؟

    بلڪل ڪاوڙ ۾ ڪيل سڀ فيصلا غلط ھوندا آھن
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو