دبئي دنيا جو اهو ملڪ آهي جنهن گذريل اڌ صديءَ ۾ اهڙي ته ترقي ڪئي آهي ۽ دنيا ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام قائم ڪيو آهي جو انسان کي ڏندي آڱريون اچيو وڃن ... ائين لڳي ٿو ته دبئي وارن وٽ حضرت سليمان عليه السلام جا جن آهن جيڪي رات و رات ۾ اهڙا ته ڪمال ڪري ڏيکارن ٿا جو اسانجهڙن ملڪن جي ماڻهن کي ڏندي آڱريون اچيو وڃن ٿيون .... سنڌ جي دوستن کان اڄ جو سوال ته ڇا دبئي سنڌ کان وڌيڪ قدرتي وسائل ۾ مالا مال آهي؟
جواب: دبئيءَ ۾ جن ڪم ڪنٿا، يقن نه اچي ته هي ڏسو ۔۔۔۔ سائين دبئي جا حڪمران پنهنجي ملڪ ۽ عوام جي فلاح ۽ بهبود چاهين ٿا ۽ هو ملڪ کي خوشحال ڏسڻ گهرن ٿا، جڏهن ته اسان جي وطن ۾ هر خزانو ڌڻي تعالي ڏنو آهي پر هتان جا حڪمران پنهنجو ملڪ ۽ عوام خوشحال ڏسڻ نه ٿا گهرن هو صرف پنهنجو پاڻ کي خوشحال ڏسڻ گهرن ٿا۔
جواب: دبئيءَ ۾ جن ڪم ڪنٿا، يقن نه اچي ته هي ڏسو ۔۔۔۔ سائين نثار صاحب مون وٽ اڄ رات مهمان ترسيل آهي جيڪو دبي ءَ ۾ رهندو آهي سڀاڻي ان شاءَ الله ان جي فلائيٽ آهي ان جو چوڻ آهي ته هي وڊيو دبيءَ جي 170 منزله عمارت برج الخليفه جي آهي، يوٽيوب تي اڄ ان کي ڏسندي برج الخليفه جي افتتاحي وڊيو پڻ ملي آهي جيڪا سڀني دوستن لاءِ هت ونڊجي ٿي...
جواب: دبئيءَ ۾ جن ڪم ڪنٿا، يقن نه اچي ته هي ڏسو ۔۔۔۔ ادا سائين، اوهان واري وڊيو ڏسي پڪو پختو يقين ٿيو ته دبئيءَ ۾ انسان نه پر جن ڪم ڪنٿا ۔۔۔۔ واه ڙي انسان تنهنجو عقل، آخر آهي نه الله جو خليفو ۔۔۔ سڀ تعريفون ان خلقڻهار جون
جواب: دبئيءَ ۾ جن ڪم ڪنٿا، يقن نه اچي ته هي ڏسو ۔۔۔۔ جن ته هتي سنڌ ۾ به ڪم ڪن ٿا خاص ڪري ڪراچي ۾۔ صبح جو اٿون ٿا ته پلاٽن تي قبضو ڪري بلڊنگون ٺهي ٿيون وڃن۔ اهو ڪم به ڪراچي جا جن پيا ڪن۔ واهه ڙي پاڪستان
جواب: دبئيءَ ۾ جن ڪم ڪنٿا، يقن نه اچي ته هي ڏسو ۔۔۔۔ ادا اهي جن نه آهي پر اسان وانگر انسان آهن جيڪي ڏينهن رات هڪ ڪري محنت ۽ مشقت ڪري اهڙا ڪارنام انجام ڏين ٿا جو اسان جهڙا ماڻهو حيران ٿي وڄن ٿا۔ ان کان علاوه دبئي وٽ رسورسز تمام گهڻا آهن۔ دنيا جي هر فلائٽ دبئي وٽان گزندي آهي۔ دبئي وارن هر فلائٽ جي لينڊن فري ڪئي آهي جنهن جي ڪري تقريبا فلائٽون دبئي ۾ ليڊنگ ڪن ٿيون۔ ان سان دبئي کي اهو فائدو آهي ته ٻين ملڪن جا ماڻهو اٿي اچن ٿا ۽ خريداري ڪنهن ٿا۔ چيو وڃي ٿو ته اسان جي شهر ڪراچي مان به دنيا جون تقريبا فلائٽون گزرنديون آهن پر هتي چارجز ۽ ٽيڪس گهڻا آهن جنهن ڪري فلائٽون هتي ليڊن ڪون ٿيون ڪن۔
جواب: دبئيءَ ۾ جن ڪم ڪنٿا، يقن نه اچي ته هي ڏسو ۔۔۔۔ دنيا جا خوبصورت منظر۔۔۔۔۔۔۔ جي سامهون ڏسجن ته انسانن جي عقل تي حيرانگي ٿئي۔۔۔
جواب: دبئيءَ ۾ جن ڪم ڪنٿا، يقن نه اچي ته هي ڏسو ۔۔۔۔ سنڌ جي دوستن کان اڄ جو سوال ته ڇا دبئي سنڌ کان وڌيڪ قدرتي وسائل ۾ مالا مال آهي؟۔۔۔ نثار ابڙو ادا نثار ابڙا صاحب اوهان توهان کي هميشه آباد ۽ سکي رکي جو توهان سنڌ جي سورن جي ڳالهه جو سڳو سورندا ٿا رهو، ادا وسائل ته سنڌ ۾ تمام گهڻا آهن مگر اسان وٽ سچين نيتن جي کوٽ آهي، هت نائينٽي نائين حڪمران ۽ عام عوام به ڪرپٽ ۽ چور آهي، روز جي هر ڪم ۾ بي ايماني ۽ ٺڳي شامل آهي، ۽ هر ڪو اهيو ٿو چاهي ته مان راتو رات امير ڪيئن ٿيان، حلال حرام جو ته ڪو ڪانسيپٽ ئي ڪونهي، کير واري کان وٺي حليم کپائڻ واري تائين روز جي روٽي ۾ بي ايماني شاملڪيو ويٺا آهن ۽ ان پنهنجي عمل کي پنهنجي ڪاميابي ۽ سمجهداري ٿا سمجهن جڏهن ته اهي پنهنجو پاڻ کي ڌوڪو ڏئي رهيا آهن۔۔۔۔۔۔۔۔ ادا هون ته سنڌ جون باشعور ڌريون عالم اديب ۽ سنڌ سان محبت ڪندڙ عام رهندڙ به سنڌ ۾ رهندڙ سنڌين جي ۽ سنڌ جي حقن ۽ وسيلن تي ڳالهائن پيا ۽ ، بحث مباحثا ، احتجاج ، ڳالهيون ، رپورٽون ، تقريرون ۽ تحريرون، ٿين پيون ادا هاڻ ته حق جي ڳالهه جو مورچو ، اخبارون ،۽ رسالا نه پر هاڻي اهي شيون انٽرنيٽ تي به اچي پڳيون آهن. اسين سمجهون ٿا ته اسانجو تعليمي ريشو گهٽ آهي ۽ نيٽ استعمال ڪندڙن جو ريشو اٽي ۾ لوڻ برابر آهي ، ۽ سنڌ جون ڳالهيون ڪندڙ ته بنهه گهٽ يا اڱرين تي ڳڻڻ جيترا آهن اسان جو شاگردي ڪامريڊ طبقو رڳو يونيورسٽين ۾ مفت جي ماني کائڻ ۽ مفت جا ڪپڙا ڌورائڻ ۽ استري ڪرائڻ کي سنڌ جي خدمت سمجهن ٿا، جنهن لاء جيترو افسوس ڪجي اهو گهٽ آهي،۔۔۔۔۔ . ادا ابڙا صاحب ( سنڌ جا سچا عاشق ) جهڙي طرح ميڊيا جي دنيا ۾ yellow journalism هوندي آهي ، اهڙي طرح نيٽ تي به ڪجهه ڌريون اهو ڪم سر انجام ڏين ٿيون بس دعا ڪريو ته ڪو نيت وارو ماڻهون اچي ۽ نيت وارن ماڻهن کي گڏ ڪري سنڌ ، سنڌي ماڻهون ۽ سنڌي ٻولي لاء ڪم ڪري، ادا توهان وانگر اميد ۽ آسرو مون به ناهي لاٿو انشاءالله اوندهه پٺيان روشني ايندي ۽ ضرور ايندي۔ بس توهان پنهنجو ڪم ڪندا رهو ۽ هر ڪنهن جو دروازو کڙڪائيندا رهو ۽ انهن کي جاڳائيندا رهو۔ جيئن قرآن چوي ٿو لا تقنطوا من رحمة الله ۔۔ ادا اسان جو ڀٽائي صاحب به ته اهيوئي ٿو سبق ڏئي ۔۔۔۔۔ ليلائي نه لهين تان پڻ ليلائج، آسرو مِ لاهج سڄڻ سٻاجهيندڙ گهڻو۔