گلاب پوکڻ جو ڏينهن! ثنا عباس دشتي [JUSTIFY] ويلنٽائين ڊي فيبروري مهيني جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي، بلڪه مان ته اهو ٿي چوان ته اهو ڏينهن محبت ڪرڻ وارن جي سڃاڻپ بڻجي چڪو آهي. فيبروري مهينو شروع ٿيندي ئي پوري دنيا سميت سنڌ ۾ به ان ڏينهن کي ملهائڻ جون تياريون شروع ٿي وينديون آهن، (گهٽ ۾ گهٽ محبت ڪرڻ وارا ته تياريون ڪندا آهن، نفرت ڪرڻ وارا ته هونءَ ئي ڪنهن به خوشيءَ ۾ خوش ناهن هوندا.) ڳاڙها وڳا، گلاب جو گل، Valentine ڪارڊ اهي سڀ علامتون آهن، ان جذبي جون جنهن جو اظهار اڄوڪي ڏينهن تي ڪيو ويندو آهي. محبت هڪ فطري جذبو آهي، ۽ فطرت جو اظهار ضروري ناهي ته لفظن سان ٿئي. هي نديون، هي هوائون، آبشار، سر سبز ميدان، هي پهاڙ، وڻ ۽ چهڪندڙ پکي سڀ فطرت ئي ته آهن، ڇا ڪڏهن اهي لفظن جا محتاج رهيا آهن!؟ جاويد اختر جا ئي ٻول آهن ته، پنڇي، نديا، پون ڪي جهونڪي، ڪوئي سرحد نه انهين روڪي! محبتون به پنڇين، ندين ۽ هوائن جي جهونڪي جهڙيون هونديون آهن، جن کي ذات پات، رنگ نسل ۽ حيثيت جون سرحدون ڪڏهن به روڪي ناهن سگهنديون. اڄ جي محبت ته موبائيل فون ۽ سوشل ميڊيا جي محتاج آهي، جيڪڏهن اهي ذريعا نه هجن ته اسان جو اڄوڪو نسل جيڪا محبت ڪري ٿو، سا شايد وجود نه رکي. محبتون ته اهي آهن، جيڪي محتاج بڻجي، ڪن مخصوص ذريعن جي بيساکين تي سفر نه ڪن. مان سمجهان ٿي ته محبت کي ڪنهن هڪ ڏينهن تائين محدود ڪرڻ دراصل محبت جي به توهين آهي. محبت ته هڪ تسلسل جو نالو آهي. ڇا اسان فقط ويلنٽائين جي هڪڙي ڏينهن تي پنهنجي محبت جو اظهار ۽ عهد ڪريون، ۽ باقي 364 ڏينهن خاموش ٿي وري 14 فيبروريءَ جو انتظار ڪريون! ويلنٽائين جي تاريخ ڪهڙي به هجي، اهو ڏينهن ڪيترن ئي سالن کان پيو ملهائجي ۽ اڳتي به ملهائبو، پر اسان وٽ غلطي اها ڪئي ٿي وڃي، جو ايس ايم ايس، موبائيل فون ذريعي طئي ٿيندڙ Dates محبت جي تشريح طور پيش ٿي رهيون آهن. انساني خواهشن کي محبت جو نالو ڏنو ٿو وڃي؟ جڏهن خواهشون پوريون ته محبت ختم؟ يعني محبتون ضرورت سان شروع ٿين ٿيون ۽ ضرورت نه پوڻ تي ختم؟ اسان وٽ محبت جو اظهار ڪرڻ لاءِ ڪردار ته ڪلاسيڪي ادب جا هجن ٿا، پر محبت جو انداز ڪنهن انڊين فلم جي آئٽم سانگ جهڙو ئي ڇڇورو هجي ٿو. اسان وٽ ڏيکارڻ لاءِ ڀلي کڻي سهڻي، ميهار-سسئي پنهون-مومل، راڻي-ليليٰ، مجنون ۽ هير رانجهي کي محبت جا رول ماڊل بڻايو وڃي، پر عملي طور تي اهميت ”مني بدنام“، شيلا ڪي جواني“ ۽ ”چڪني چميلي“ جهڙن ڪردارن کي هجي ٿي. اسان وٽ ته واقعي به محبت ايتري بدنام ٿي چڪي آهي، جيتري مني به بدنام ناهي ٿي! رڳو ايترو ئي نه، پر هتي ته محبت بابت سوچ به ٻٽن معيارن جي شڪار آهي، بلڪه مان ته چونديس ته ڪڏهن ڪڏهن ته اها منافقت جا اعليٰ درجا ماڻي ٿي. ساڳي گهر ۾ جيڪڏهن ڪنهن جو ڇوڪرو ڪنهن ڇوڪريءَ ڏانهن لاڙو رکي ته گهر وارا ذري گهٽ جشن ملهائيندا، پر جيڪڏهن انهيءَ گهر جي ڪا ڇوڪري ڪنهن سان کلي به ڳالهائيندي ته رت تپي ويندو، ۽ ان تتل رت جي سيڪ ۾ ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن ان ڇوڪريءَ کي سڙڻو ئي پوندو. اها باهه دراصل اسان جي ٻٽن معيارن جي آهي، جنهن ۾ رڳو چند انسان ئي نه، پر سمورو معاشرو سڙي رهيو آهي. ڇا ڪارو-ڪاري جا ڪيس رڳو چند انسانن جو مسئلو آهي، اهو ته اسان جي سموري سماج کي وڻ ويڙهيءَ وانگر ويڙهجي رهيو آهي. ڪيترائي مرد توڙي عورتون غيرت جي نالي ۾ قتل ٿي سوين مڻ مٽيءَ هيٺان رڳو ان ڪري سمهي رهيا آهن، جو اسان وٽ ڪيترائي ضمير غيرت جو آفيم کائي سمهي پيا آهن. محبتن ۾ خون خرابا ڇو؟ محبت عزت ڪرڻ سيکاري ٿي، پوءِ خون سان رڱيل لاش ڇو؟ ها شايد اهي به محبت جي ڳاڙهي رنگ ۾ رڱجڻ چاهيندا هجن، هو پاڻ ته هليا وڃن ٿا، پر ڳاڙهي رنگ کي اَمر ڪري وڃن ٿا، ڳاڙهو رنگ، جيڪو محبت جي علامت آهي، جيڪو اڄوڪي ڏينهن ته محبتن جي اظهار لاءِ دنيا جي ڪيترين ئي ڪنڊن ۾ وڇايل هوندو. اڄ جڏهن پنهنجي ارد گرد نظر ڦيرائبي ته ڪو نه ڪو ڪنهن نه ڪنهن جي محبت جا يا ته گيت ڳائيندو يا ته درد ٻڌائيندو. مون ويلنٽائين جي حوالي سان پنهنجي هڪ سهيليءَ کان پڇيو ته ان پنهنجا خيال ائين ارپيا ”محبت جو جذبو تن، من، ڌن نٿو ڏسي، اهو احساس اهو رشتو گلاب جي پنکڙين جيان نازڪ هوندو آهي، محبت زندگي آهي، جا جيئڻ جا نوان رنگ ڏيکاري ٿي. جيڪڏهن حاصل ٿئي ته خوش قسمتي، جيڪڏهن نه ته پوءِ صبر ڪجي. محبت ڪو سج ناهي، جيڪو صبح جو اڀري ۽ شام جو لهي وڃي، محبت ته ڪائنات جي اهڙي خوشبوءِ آهي، جيڪا محبت ڪندڙن کي سدائين لاءِ معطر ڪندي رهي ٿي.“ واقعي به ماءُ جي پنهنجي اولاد سان جيڪا محبت آهي، ان جو سج ڪڏهن ڇو غروب نٿو ٿئي؟ اها ته ننڍڙي تڪليف ۾ به کيس ڇاتيءَ سان لائيندي آهي، اهو سوچي ته ان جي تڪليف سندس ڏانهن منتقل ٿي وڃي. اهڙي ئي محبت هجي ٿي ڀاءُ جي ڀيڻ سان. اهي ابدي محبتون آهن، جيڪي منيءَ جهڙيون قطعي به بدنام ڪونهن. مان ائين نه ٿي چوان ته ڪا سچي محبت نه بچي آهي، اڄ به اهڙا ڪيترائي مخلص ۽ سچا چاهڻ وارا هوندا، جيڪي بنا ڪنهن لالچ جي پنهنجي محبت کي سڀ ڪجهه ارپي ڇڏين ٿا. محبت جهڙي خوبصورت رشتي کي لکڻ لاءِ جيترو لکجي گهٽ آهي. اڄ جي ٻن چهرن وارن محبت، سچائي ۽ خلوص کي پوئتي ڪري ڇڏيو آهي. هير رانجها، شيري فرهاد، ليلا مجنون واري محبت، صرف مثالن ۾ وڃي بچي آهي. محبت ۾ ٻنهي طرفان سچائي هجي ته ڪائنات ان کي ملائڻ ۾ لڳي ويندي آهي، خدا ساٿ ڏيندو آهي، شرط اهو آهي ته ٻنهي طرفان سچائي هجي ته. محبت اگر ايک طرف هو تو سزا هوتي هي دونون طرف هو تو مزه هوتي هي! اڄ ڪلهه جيڪڏهن صبح جو هڪ سان محبت جو اظهار ٿئي ٿو، ته شام جو ٻئي سان. جيڪڏهن ڪو ڇوڪرو ڪنهن ڇوڪريءَ سان فون تي ڳالهايندو ته اسپيڪر آن ڪري ويٺو ان جو آواز سڀني دوستن کي ٻڌرائيندو، ۽ ڇوڪري خوش ته مون سان سچو پيار ٿو ڪري. اها محبت ته نه چئبي، اها تضحيڪ آهي. مون ويلنٽائين ڊي جي حوالي سان علي قاضي جي امر جليل سان خصوصي گفتگو ٻڌي هئي، جنهن ۾ امر جليل صاحب اهو چيو هو ته، ”جيڪي ڇوڪريون انڌو يقين ڪري ڇوڪرن سان پيار جو پرڻو ڪرڻ لاءِ پنهنجي والدين جو گهر ڇڏي ڏين ٿيون، تن کي بعد جي خبر نه هوندي آهي. ان ۾ اڪثر دوکن جي وَر چڙهي غلط هٿن ۾ استعمال ٿي وينديون آهن، ۽ اڪثر دار الامان پهچنديون آهن. جيڪو توهان سان پيار ڪندو، اهو توهان کي سڀ کان پهرئين عزت ڏيندو، نه ڪي معاشري ۾ بيعزتو ڪرائيندو.“ اڄوڪي ڏينهن کي ڪاوش ۽ ڪي ٽي اين پاران ڌرتيءَ جو ڏينهن ڪري ملهائڻ جو به سڏ ڏنو ويو آهي، ان ڪري مان اهو به چونديس ته اڄ رڳو گلاب ڏيڻ جو ڏينهن ڪونهي، پر گلاب پوکڻ جو ڏينهن به آهي. اچو ته اهو گلاب دل جي زمين ۾ پوکيون ته جيئن ڪائنات محبت جي خوشبوءِ سان معطر ٿي پئي. خدا شال محبت جي احساسن کي قائم رکي ۽ جن جي چاهت سچي آهي، انهن کي منزل ملي.[/JUSTIFY] روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
جواب: گلاب پوکڻ جو ڏينهن! ” محترم ثنا عباس دشتيءَ جو هي تمام سهڻو ليک آهي ۔۔۔ ٽٽونءَ کي ٽارو، تازيءَ کي اشارو ۔۔۔ ڪي ماڻهون هرو ڀرو ڏينهن ملهائڻ کي سڀ ڪجه سمجهي ويهن ٿا ۔۔۔ ڇو نه ڏينهن ملهائجن پر اهڙا جن سان بي حيائي ۽ بڇڙائي نه وڌي ۔۔۔ ڏينهن ملهائجن اهڙا جن سان سماج ۾ ڪي سٺا ۽ قيمتي ڪم ٿين ۔۔۔ ۽ ڪي اهڙيون روايتون يا رسمون پئدا ٿين جن سان ماڻهون، منهن مٿي ڪري هلي ۔۔۔ محبت واري ڏينهن ملهائڻ سبب، اسانجي گهرن ۾ نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا ايئن سمجهڻ لڳا آهن ته هن ڏينهن تي کين ڪو پيار ڪرڻ وارو ڪونهي ته سندن وجود ۾ ڪا ڪمي آهي، انڪري هو 14 فبروريءَ تي ڪنهن کي گل موڪلڻ ۽ ايس ايم ايس ڪرڻ کان شروع ٿي جنسي بي راه رويءَ ڏانهن وڌي وڃي ٿو ۔۔۔ سنڌ ۾ سرنهن ڦلهار بسنت جو مهينو ڪيترين ئي صدين کان ملهائجي ٿو ۔۔۔ بسنت ان پيار واري ڏينهن کان وري به معتبر آهي ۔۔۔ بسنت (بهار) ملهائڻ جو مقصد آهي؛ فصلن جو بهار، گلن جو بهار، موسم جو بهار، دلين جو بهار، لڳ لاڳاپن جو بهار آهي، سرنهن جي ڦلهار، گلن جي هٻڪار، پکين جون خوشيون، جانورن جي واڌ ويجهه، مطلب ته پوري ماحول ۾ موجود بهار جون خوشيون ۔۔۔ پو هي ڇا اسين هڪ ” رنڊيءَ جي پيار“ کي ايتري اهميت ڏئي جنسي بي راه رويءَ کي عام ڪرڻ جا ڏينهن ملهائڻ لڳا آهيون ۔۔۔؟؟؟؟؟ جن ماڻهن جي ياد ۾ هي 14 فبروري ملهائي ٿي وڃي اهي سسئي ۽ پنهونءَ جي پيار کان وڌ اتم ته ڪون هيا، اهي مارئيءَ جي حب کان وڌيڪ سگهارا ته نه هيا، اهي مومل راڻي جي پيار کان وڌيڪ جاندار ته نه هيا ۔۔۔ پر پوءِ به اسين ؛ ” پرائي ڪٻر سنڌ ۾ مينا“ جي ڪهاوت کي سچ ثابت ڪرڻ ۾ ڇو لڳا پيا آهيون ۔۔۔ سنڌين ۾ آهي ڪو عقل يا گاهه کائڻ ويو آهي ۔۔۔؟؟؟ الله ڏاهي مَ ٿيان ڏاهيون ڏک ڏسن۔