ويلنٽئان ڏينهن۔

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ غلام مصطفي ميمڻ طرفان آندل موضوعَ ‏14 فيبروري 2012۔

  1. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    ويلنٽائن ڏينهن
    ويلنٽائن ڏينهن انگريز محبت جي ڏينهن تي ملهائيندو آهي ۽ هاڻي اسان جا مسلمان به ان ڏينهن کي محبت جي ڏينهن طور انگريزن جي تلقيد ۾ ملهائيندا آهن۔اسان مسلمانن شايد ڪڏهن ان ڳاله تي ويچار به نه ڪيو آهي ته انگريز غير مسلم اسان کي محبت جو درس ڪهڙو ڏيندا،جيڪي پنهنجي ڪتن کي ته پاڻ سان گڏ سمهاريندا آهن پر پنهنجي پوڙهن والدين کي اولڊ هائوسن ۾ بي يارو مددگار ڇڏي ڏيندا آهن۔اهو هاڻي توهان ۽ اسان جي سوچڻ جي ڳاله آهي ته انگريزن جنهن جي قول ۽ فيل ۾ تضاد آهي جيڪو مٿين مثال مان صاف صاف ظاهر ٿو ٿيو،جي تلقيد ڪندي ويلنٽائن ڏينهن کي ملهايون يا پاڻ کي ان قسم جي خرافات کان پري رکون۔ جواب پنهنجي ضمير کان پڇو۔

    جيڪڏهن توهان اڃان به 14 فيبروري کي محبت جو ڏينهن ڪري ملهائڻ چاهيو ٿا ته مهرباني ڪري هي ڏينهن پنهنجي امڙ سنڌ سان محبت جو ڏينهن ڪري ملهايون۔شل سڄي سنڌ سدائين شاد ۽ آباد هجئ لطيف سائين جي بيت وانگر جيڪو اسان جي هن محبتي آڳڻ جي مين صفحي تي خوبصورت انداز ۾ چٽيل آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: ويلنٽئان ڏينهن۔

    سائين توهان جي ڳالهه درست آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔اهڙا خرابات نه ڪرڻ گهرجن۔۔۔۔۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ويلنٽئان ڏينهن۔

    بلڪل درست سائين۔۔۔۔ محبت کي ڪنهن هڪ ڏينهن تي مخصوص نه ٿو ڪري سگهجي، پر محبت جا ڪي جائز طور طريقا هوندا آهن، بي راهه روي واري محبت دنيا ۽ معاشري لاءِ بگاڙ جو سبب آهي، جنهن کي ڪو به عقلمند برداشت نه ٿو ڪري سگهي۔ ويلنٽائن هجي توڙي ڪو ٻيو ڏينهن، اسان معاشرتي حد اورانگهڻ واري ڪنهن به عمل جي نندا ڪيون ٿا۔

     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ويلنٽئان ڏينهن۔

    سائين غلام مصطفي ميمڻ صاحب جي ڳالهه سان هزار دفعا اتفاق ڪندي چئبو ته پيار جو سبق اسانکي اسانجا بزرگ ڏئي ويا آهن، اسانکي عشق ۽ محبت جا سبق ٻين کان سکڻ جي ڪا ضرورت ناهي ۔۔۔ ڀلا ڪو سون ڏئي، پتل به خريد ڪندو آهي ڇا؟ ۔۔۔۔ سنڌ جي خمير ۾ محبت ۽ عشق جا اهڙا ته داستان موجود آهن جو انهن جي روحاني رمزن مان ماڻهون عشق حقيقيءَ تائين رسائي حاصل ڪري ٿو ۔۔۔۔

    آءُ واڌايون ڏيان ٿو سنڌي نيٽ استعمال ڪندڙ سڀني سنڌين کي جن اڄ جي ڏهاڙي تي ان مرض جي ڪا خاص تشيهر ناهي ڪئي ۔۔۔ سواءِ هڪ اڌ ڀٽڪيل جي ۔۔۔

    الله سبحان و تعالا اسانکي علم ۽ عقل جي نعمت سان نوازي ۔۔۔۔ آمين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو