جواب: ويلنٽائين ڊي۔۔۔۔! ادا آرزو، الله شل توهان جي جائز آرزو پوري ڪري،۽ سدائين خوش رکي آمين ۔۔۔۔۔۔ ادا اهيو ڏينهن يا تهوار اسان جي ڪلچر جو نه پر انهن ماڻهن جو آهي جيڪي پيار ۽ محبت جي ڊونگ ۾ اهيو ڏينهن ته ملهائيندا آهن ته محبت ڇا آهي، ( خاص ڪري هڪ عورت جي اها به ڪهڙي ؟ ) پر اهي ڪڏهن به پنهنجي والدين کي ( پيري ۾) اها محبت ناهن ڏئي سگهندا جيڪا انهن کي پيري ۾ ملڻ گهرجي، ۔۔۔۔ ادا افسوس ان ڳالهه تي آهي ته هاڻي اسان کي اهي ٿا محبت ڪرڻ سيکارين جيڪي پنهنجي والدين کي پيري ۾ اولڊ هوم ڇڏي ايندا آهن،۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔هاڻ وڌيڪ اهيا افسوس جي ڳالهه آهي ته اهيو ڪلچر اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ به گهر ڪري ويو آهي، ۔۔۔۔ هي ڏسو هڪ نمونو ويلنٽائن ڊي کي ملهائڻ واري روايت کي اوهان ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: ويلنٽائين ڊي۔۔۔۔! بهترين احساس ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پيار ۾ انتظار جون گهڙيون صدين برابر لڳنديون آهن۔ ٻي ڳالهه ته خبر ناهي ڇو دوست ويلنٽائن ڏينهن تي شيئرنگ ڪندڙن جي مخالفت پيا ڪن جڏهن ته اهو بس محبت جي علامت طور ملهايو ويندو آهي۔ ٻي ڳالهه ته اوهان جنهن به ايونٽ جي جيتري گهني مخالفت ڪندا ته ان جو ردعمل به ايڏو ئي گهڻو ايندو۔ جيڪڏهن مونکي ڪا ڳالهه بهتر نه ٿي لڳي ته مون کي ان تي راء نه ڏيڻ گهرجي۔
جواب: ويلنٽائين ڊي۔۔۔۔! ادا سليمان ڀلي پنهنجي را نه ڏجي پر ڏاها ماڻهو ڀلي کي ڀلو ۽ خراب کي خراب هميشه چوندا رهندا، تڏهن ئي معاشري ۾ سڄاڳي پيدا ٿيندي ادا۔۔۔ ڪڏهن ڪنهن غير مسلم کي اوهان عيد الفطر يا عيد الاضحى يا ٻيو ڪو اسلامي تهوار ملهائيندي ڏٺو؟
جواب: ويلنٽائين ڊي۔۔۔۔! ويلنٽائين ڪنهن جو به تهوار ناهي، نه عيسائين جو ، نه يهودين جو، نه هندن جو ، نه وري سکن جو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هي ته بس پيار ۽ محبت جي احساس ۽ اظهار جو ڏينهن آهي۔ ان اظهار کي ڪير ڪيئن ٿو پيش ڪري اهو الڳ سوال آهي جيڪو بحث طلب آهي۔ عشق ڌرتي سان به ٿيندو ته پنهنجي محبوب سان به، اهو محبوب انسان به آهي، ته ڪا سيمبول به آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ها باقي بي حيائي کي اسان به بي حيائي سڏينداسون۔