جواب: ارپي ڇڏ ڪنهن کي ، دل جو گلدستو بيشڪ، پرينءَ سندي پار جي مڙيوئي مٺائي، سچي پيار ۾ رنج به سهنج ٿيو پون، ڪنڊا به گل ٿيو پون۔ ڪنـــڍي ڪليــن وچ ۾، جڏهن هنيــائون، موت نه ماريائون، ڏور وجهي ويا ڏک جي۔
جواب: ارپي ڇڏ ڪنهن کي ، دل جو گلدستو مهرباني سائين نثار اوهان لطيف سائين جون سهڻيون سٽون ونڊ ڪيون۔ ڪنڍي ڪلين وچ ۾ جڏهن هنئين جن موٽي مون پرين، ڪڍڻ جي ڪانه ڪئي
جواب: ارپي ڇڏ ڪنهن کي ، دل جو گلدستو اسان واري دل ته ڪو وٺي ئي ڪونه ٿو ته ڪنهن کي ارپيون جڏهن ماڻهو ڪڍ ها تڏهن دل کي ڪلف لڳايو هو پر هاء ڙي جواني
جواب: ارپي ڇڏ ڪنهن کي ، دل جو گلدستو مهربانيون طاهر سائين سچو پيار ئي ته سڀ ڪجهه آهي، ان ڪري ئي ته محبتون زندهه آهن پر اوهان ڪٿي گم آهيو ؟
جواب: ارپي ڇڏ ڪنهن کي ، دل جو گلدستو مطلب ته جهونن جا ڪم لهي چڪا آهن ۔۔۔۔ اوهان جي ڳالهه تي چندر جو شعر پيو ياد اچي دل ڏيڻ چاهيان ٿو مان پر ڪو وٺڻ وارو هجي دل جا دروازا هميشه کليل رکو ها ته هي نوبت نه اچي ها ۔۔۔ !!!
جواب: ارپي ڇڏ ڪنهن کي ، دل جو گلدستو ارپي ڇڏ ڪنهن کي ، دل جو گلدستو رنگن سان رستو ، آهي سجايل پيار جو ادل سومرو جون بهترين سٽون + سهڻي ڊزائين
جواب: ارپي ڇڏ ڪنهن کي ، دل جو گلدستو ادل اسان جي دور جو سهڻو شاعر ۽ خوبصورت انسان آهي۔ سندس لفظن جي ادائگي به خوبصورت آهي۔ مهربانيون پسند ڪرڻ ۽ حوصلا افزائي جون۔