[JUSTIFY]ڪلاس ۾ استاد داخل ٿيو، اچڻ سان هن شاگردن ڏانهن نه ڏٺو بلڪه چاڪ کڻي بورڊ تي هڪ ڊگهي سڌي لڪير ٺاهي۔ اُن کان بعد هو شاگردن ڏانهن متوجه ٿيو ۔۔۔ ”توهان مان ڪو شاگرد آهي جيڪو ٻڌائي ته هن لڪير کي ڇهڻ کان بغير ئي ننڍو ڪيئن ٿو ڪري سگهجي؟“ ڪلاس ۾ خاموشي ڇانئجي وئي۔۔ هر شاگرد سوچڻ لڳو ته بغير ڇهڻ جي ڪيئن ٿو ان کي ننڍو ڪري سگهجي۔ پاڻ کي هوشيار سمجهندڙ شاگردن مان هڪ چيو ته ”سائين! ان کي ٻنهي پاسن کان ننڍو ڪجي ته اها ننڍي ٿي ويندي“ پر وري به ڳالهه اها ئي ته هن کي ته ڇهڻو ئي ناهي، وري خاموشي ڇانئجي وئي، ڪلاس ۾ هر شاگرد منجهي پيو ته هي سائين ڪهڙي مشق ڏئي ڇڏي۔۔ ڪجهه گهڙيون ترسي استاد چيو ته ”ڏسو، هي طريقو آهي“۔۔ اهو چئي استاد چاڪ کنيو ۽ ان لڪير جي مٿئين پاسي کان ان کان به وڏي هڪ ٻي لڪير ٺاهي۔۔۔ سڀ پهرين ته پريشان ٿي ويا پر آهسته آهسته پهرين هڪ، وري ٻن ۽ پوءِ سڀني اها ڳالهه سمجهي ورتي ته جڏهن ان لڪير کان وڏي لڪير وجود ۾ آئي ته اها لڪير ته واقعي ننڍي محسوس ٿيندي۔۔۔ اهو ڪا هڪ ننڍڙي مشق نه هئي بلڪه استاد انهن کي سمجهايو ته جيڪڏهن توهان ڪنهن کي وڌيڪ هوشيار، باصلاحيت ۽ اڳرو محسوس ڪريو ٿا ته توهان ان ڏانهن نه ڏسو بلڪه پنهنجو پاڻ کي محنت ذريعي ايترو هوشيار، باصلاحت ۽ اڳرو ڪيو جو دنيا چوي ته ها! هاڻ تون وڏو آهين، ڀلي پوءِ دنياوي پئسي ۽ عزت جو معاملو ڇو نه هجي، انسان پنهنجي صلاحيتن ذريعي پاڻ کي وڌائڻ جو سوچي، پر ٻين کي گهٽائڻ جي لاءِ اهي صلاحيتون استعمال نه ڪري، اهڙي طرح اهو بنا ڪنهن تڪليف جي اڳتي وڌي سگهي ٿو۔۔[/JUSTIFY]
جواب: اڳتي وڌڻ ادا مست توهان جي ڪهاڻي بالڪل زبردست آهي ليڪن اوهان ڪجهه ڏينهن فورم کان پري رهيا ان ڪري اهو ونڊ سائين عبدالرشيد جن اڳ ۾ ئي ڪري چڪا آهن بهرحال بهتر ڪوشش آهي ۔http://www.sindhsalamat.com/showthread.php?15727-بهترين-سبق
جواب: اڳتي وڌڻ ساِئين رحيم بخش جي ڳاله به صحيح آهي ته اوهان جڏهن سيوهڻ ۾ مصروف هيا ته استاد محترم رشيد صاحب اها پر سبق آکاڻي ونڊ ڪئي هئي ۔۔۔ پر يار مست، اهڙيون آکاڻيون جيترا ڀير به ونڊ ڪجن گهٽ آهن ۔۔۔ جيئن مون اڳ رشيد وارو ونڊ به ڪون ڏٺو هو ۽ اڄ اوهانجي هن ونڊ سبب ٻئي ڳالهيون سامهون اچي ويون ۔۔۔ ٿورا رحيم بخش جا به۔ پر يار مست استاد وارو مثال آهي غضب جو ۔۔۔ سادو مثال وڏي معني رکندڙ ۔۔۔ عقلمند لا اشارو ئي ڪافي آهي ٿورا ناهن ٿورا