• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا مان غلط ٿو چوان۔۔۔

مست

سينيئر رڪن
قبائلي جهڳڙا، دوبدو فائرنگ اڳي ته ٽي وي تي ڊرامن ۾ يا خبرن ۾ ڏسندو هئس، پر اڄ سيوهڻ ۾ هڪ گهٽي جي ڳالهه تي هلندڙ تڪرار ۾ روبرو ان قبائلي جهڳڙن جو هڪ رنگ مون پڻ ڏسي ورتو، سيوهڻ جي مين داخلي واري جهاز چوڪ کان ٿوڙو اڳتي ميلا گرائونڊ جي ويجهو، تعلقا اسپتال جي سامهون، ان گهٽي وارو علائقو مسلسل 7 ڪلاڪن تائين ميدانِ جنگ بڻيل رهيو ۽ پوليس جي هوندي سوندي هڪ ٻئي تي ڌريون ڳرن هٿيارن وسيلي فائرنگ ڪري رهيون هيون.
مان فقط ڪجهه منٽ ان علائقي جي صورتحال ڏٺي، انهيءَ فائرنگ دوران هڪ ڌر جو شخص ٻي ڌر جي گهر جي ڀت ٽپڻ جي ڪوشش دوران مٿي تي گولي کائي زمين تي ڪريو پيو هو ۽ پوءِ ان جي ڌر جا هٿياربند ان کي مهٽ سهٽ ڪري رهيا هئا اٿارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، اهو شخص الائي جي بچيو الائي نه،،، پر اهي منظر ڏسي مون کي ايئن پئي لڳو ته ڄڻ اهي گوليون منهنجي دماغ تي هٿوڙن جيان لڳي رهيون هيون، مان سوچي رهيو هئس، ”اي رهبر جي ايم سيد! ڇا تون انهن سنڌين کي سنڌ جي پارت ڪئي آهي، جيڪي هڪ ٽڪي جي ڳالهه تان هڪ ٻئي جي خون وهائڻ ۾ دير نه ٿا ڪن“؟؟؟​
 
جواب: ڇا مان غلط ٿو چوان۔۔۔

يار مست سائين جي ايم سيد ويچارو ڇا ڪري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هو ته عدم تشدد جو حامي هو

پر اڄ هن جا پوئلڳ بندوق جي ڳالهه ٿا ڪن ۽ قوم الائي ڪيڏانهن پئي وڃي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ مون به اهڙا سين ڪيئي دفعا ڏٺا آهن ۽ پاڻ به ڀوڳيو آهي۔ سنڌي قوم خبر ناهي ڇا پئي ڪري ، ڪير به نه سمجهڻ لاء تيار آهي ۽ نه سمجهائڻ لاء۔ هر قبيلي ۾ چند ڏوهاري ذهن جا ماڻهو سموري قبيلي کي پنهنجي مقصدن لاء پيا استعمال ڪن۔
 
جواب: ڇا مان غلط ٿو چوان۔۔۔

جڏهن قومي حالت خاص ڪري سياسي حالت هيٺاهين درجي جي هوندي آهي، ته قومن ۾ ڪيترن ئي قسمن جون بيماريون ۽ برايون اچي وينديون آهن ۔۔۔ هي سنڌ جي سياسي حالتن جي انتهائي بڇڙي حالت آهي ۔۔۔

دوست جيڪي سياست ۽ رياست جي علم کان واقف هوندا اهي ان ڳالهه کي چڱيءَ ريت سمجهي سگهندا ته سياست ۽ رياست جون ذميواريون ڪهڙيون هونديون آهن ۔۔۔؟؟؟ جھن ملڪن ۾ قانون ۽ رياستي ادارا ايمانداريءَ سان ڪم ڪندا آهن انهن ملڪن ۾ اهڙا واقعا ناهن ٿيندا ۔۔۔

آءُ اهڙن واقعن جو قصور وار ماڻهن کي گهٽ، هن دور جي حڪومت کي وڌيڪ چوندس۔

جنهن قوم جا اعلا تعليمي ادارا، اعلا عدالتون ۽ ٻيا سڀ ڪارائتا ادار رشوت ۽ نا انصافين جا مثال قائم ڪندا هجن، ان ملڪ ۾ قبيلا ۽ ماڻهون هڪٻئي کي ماريندا نه ته ٻيو ڇا ڪندا ۔۔۔؟؟؟؟

دوستو!، جيستائين اسانجي معاشري ۾ انقلابي قدم نه کنيا ويندا تيستائين اهڙا ڪئي واقعا ٿيندا رهندا

الله ڏاهي مَ ٿيان
 
جواب: ڇا مان غلط ٿو چوان۔۔۔

وڏي ڏک جي ڳالھ آهي۔
ان ڪري ته دين اسلام قرآن ۽ حديث تي عمل ڪرڻ جي تلقين ڪئي آهي۔
جيسين اسان قرآن وسنت تي عمل نه ڪندا سين، پنهنجا قانون اسلام مطابق نه ٺاهيندا سين اهڙا واقعي جاهليت جا عڪس ڏيکاريندا رهندا۔۔۔
 
جواب: ڇا مان غلط ٿو چوان۔۔۔

مست! مان بس ايترو چوندس ته پاڻ ۾ ڪُتا وڙھندا آھن، ھي اُھي سنڌي آھن جيڪي پنھنجي قوم جا دشمن آھن ۽ زمين جي ٽُڪر تي ڪُتن وانگر وڙھندا آھن۔
 
Back
Top