اسان سنڌ سلامت جي سموري سٿ پاران سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر محترم غلام مرتضى وساڻ کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪيون ٿا۔ غلام مرتضى سنڌ سلامت جي انهن دوستن مان آهي جيڪي فورم جي لکڻين ۾ ته گهڻا سرگرم ناهن پر سنڌ سلامت جي هر سرگرمي تي نظر رکڻ وارن مان ۽ هر وقت سهڻيون صلاحون ڏيڻ وارن مان آهن۔ پاڻ جڏهن به فورم تي ايندا آهن ته سندس پاران ڪيل صحتمند تنقيدون ۽ صلاحون اسان جي رهنمائي ڪرڻ سان گڏ اسان جي حوصلا افزائي ڪنديون آهن ۔
دعا آهي ته هي سال سندن زندگيء ۾ کوڙ ساريون خوشيون ۽ مرڪون آڻي ۔۔۔۔۔ آمين