ادا انجينيئر صاحب وعليڪم السلام ورحمت الله
اسان جي خوش نصيبي آهي جو سنڌ جا سڄڻ ڏاها، ڊاڪٽر، صحافي، شاعر، اديب ۽ انجينيئر دوست هن محبتي ميڙاڪي ۽ اڱڻ جا ميمبر آهن۔
ڌڻي اوهان کي خوش رکي، سدا سلامت هجو۔
اميد آهي ته اوطاق تي پنهنجي باري ۾ ڪجھ وڌيڪ تفصيلي تعارف دوستن سان ڪرائيندا، ۽ پنهنجي نڪور لکڻين سان اسان کي به مستفيد ڪندا جن جو شدت سان انتظار رهندو۔۔۔
سدائين گڏ۔۔۔