آپا مهرالنسا لاڙڪ جي شاعري جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي مهورت پريس ڪلب حيدرآباد ۾

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏15 فيبروري 2012۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    آپا مهرالنساءِ لاڙڪ جي شاعري جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي مهورت ۽ سنڌي ٻولي قومي ٻولي مشاعرو سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد پاران پريس ڪلب حيدرآباد ۾ ٿي گذريو جنهن ۾وڏي تعداد ۾ اديبن ڏات ڌڻين شرڪت ڪئي​


    رپورٽ ۽ تصويرون : نثاراحمدناز​


    [JUSTIFY]سنڌ سلامت جا ساٿيو ۽ ساري دنيا جا مهربان سنڌي ڀائرو ۽ ڀينرو السلام عليڪم جيئي سنڌ، نمستي

    دوستو طبيعت جي سخت ناسازي جي باوجود ڪالهه آپا مهرالنسا لاڙڪ جي شاعري جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي مهورت واري تقريب ۾ صرف سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ واسطي شرڪت ڪري ڪوريج ڪيم، دوستو ڳالهه اها آهي ته ها بلڊ پريشر جي ڪري منهنجي کاٻي ٻانهن معمولي پيرالائيز ٿي پئي آهي ۔خير دعا ڪريو ته الله سائين هر بيماري پريشاني ۽ مشڪل کان بچائي ۔هاڻي پيش آهي مشاعري ۽ ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي مهورت جو اکين ڏٺو احوال تصويرن سميت[/JUSTIFY]

    [JUSTIFY]ڪالهه بروز اڱارو تاريخ 14 فيبروري 2012ع تي ناميارا سنڌي شاعره آپا مهرالنساءِ لاڙڪ جي شاعري جي ڪتاب ”رنگن جا اوجاڳا“ جي مهورت پريس ڪلب حيدرآباد ۾ سنڌ ادبي سنگت حيدرآباد ۾ ڪئي وئي جنهن ۾ وڏي تعداد ۾ ڏات ڌڻين اديبن ، شاعرن ۽ فنون لطيف سان تعلق رکندڙ شخصيتن شرڪت ڪئي ۽ آپا مهرالنساءِ لاڙڪ جي شخصيت ۽ ڪتاب رنگن جي اوجاڳا متعلق ڳالهايو، اهم ترين ادبي شخصيتن ۾ نامياري شاعره، آپا مريم مجيدي، ڊاڪٽر ذوالفقار سيال، سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو مرڪزي خزانچي محترم نبي بخش ناز، انعام شيخ، نامياري سنڌي شاعره گل بي بي، آپا زيب نظاماڻي، ڪتاب دنيا سڀ دريا جو ليکڪ حفيظ ڏيرو، ناميارو ليکڪ غلام نبي مغل، ناميارو ڪهاڻيڪار غلام نبي سومرو، سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري، ترقي پسند پارٽي ناري تحريڪ ضلع ٽنڊو محمد خان جي صدر محترما ثمينه خليل خاصخيلي ، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽر نثاراحمدناز (راقم الحروف) اسٽيج ٽي وي سان تعلق رکندڙ محمود مغل، کان علاوه سوين عام دوستن شرڪت ڪئي، سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد جي سيڪريٽري امين لاکو سڀني مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ آجياڻو ڏيندي چيو ته آپا مهرالنساءَ لاڙڪ جو هي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا سنڌي ابي سنگت حيدرآباد پاران ڇپايو ويو ۽ اهو اعزاز به سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد کي ئي اهو اعزاز حاصل ٿي ويو جو آپا مهرالنساءِ لاڙڪ جي هن ڪتاب جي مهورت به هو ڪرائي رهيا آهنان موقعي تي ڳالهائيندي هن ڪتاب جي سرجڻهاره آپا مهرالنساءِ لاڙڪ چيو ته سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد وارن جي هو انتهائي ٿورائتي آهي جو سندس ڪتاب رنگن جا اوجاڳا ڇپائي پڌرو به انهن ڪيو ته وري اڄ منهنجي ساڳوڻي ڪتاب جي مهورت به سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد وارن ڪئي. محترما آپا مهرالنساءِ چيو ته اڄ هوءَ تمام گهڻي خوش آهي جو منهنجي لکڻ وارو پورهيو سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد ۽ سڀني معزز مهمانن جي هن مهورت واري تقريب ۾ اچڻ سبب ساڀيان پيو آهي، آپا مهرالنساءِ چيو ته منهنجي شاعري ۽ ڪتاب جي باري ۾ سڀني دوستن منهنجي شاعري کي ساراهيو آهي پر کيس خبر آهي ته ڪافي ساريون غلطيون فني فڪري لحاظ کان ضرور ان ۾ هونديون، آپا مهرالنساءُ وڌيڪ چيو ته سندس مضمونن جو ٻيو ڪتاب به جلدي سنڌي عوام جي هٿن ۾ هوندو.، نامور سنڌي شاعره محترما گل بي بي چيو ته هاڻي اسان جو سنڌي عورتون سُجاڳ ٿي چُڪيون آهن ڪو وقت هوندو هو ته ڪا سنڌي ڇوڪري شاعري جو ڪتاب پڙهندي هُئي تڏهن به ان جي رستا روڪ ڪئي ويندي هُئي. پر هاڻي آپا مهرالنساءِ کان وٺي انيڪ سنڌي عورتون پنهنجي ڪويتائون لکن پيون ، ۽ ڪتاب مالڪياڻيون آهن ، شاعره گل بي بي ويٺل سنڌي ڀينرن کي چيو ته توهان به جيڪڏهن محنت ڪنديون ته توهان مان ڪا ڀيڻ ڪتاب مالڪياڻي ٿي سگهي ٿي، ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي باري ۾ گل بي بي چيو ته آپا مهرالنساءَ جي ڪتاب رنگن جا اوجا جي هر ڪويتا دل جا تار ڇيڙيندڙ آهي وايون چار سٽا نثراڻي نظم کان وٺي غزل تائين آپا مهرالنساءِ جدت ۽ فڪر جا نت نوان موتي پويا آهن ڪتاب رنگن جا اوجاڳا ۾ ان کان علاوه محترما گل بي بي پنهنجي مخصوص انداز بيان ۾ آپا مهرالنساءِ جا چند نظم پڙهي ٻُڌايا جنهن تي سموري پنڊال تاڙيون وڄائي نامياري شاعره گل بي بي کي داد ڏنو سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي سيڪريٽري نثاراحمدناز(راقم الحروف ) آپا مهرالنساءِ جي ڪتاب رنگن جي اوجاڳا تي لکيل مقالي ۾ چيو ته :

    آپا مهرالنساءِ لاڙڪ سان سنڌي شاعر جي حيثيت سان ته سُڃاڻپ صدين جي آهي ، مگر مون کيس پهريون ڀيرو ٽنڊو محمد خان جي انتظاميه منهنجو ٽنڊو محمد خان واري عنوان سان ملهايل فنڪشن ۾ ڏٺو، جيئن ته انهيءَ پروگرام ۾ هڪ شاعر جي حيثيت سان مون پنهنجو هڪڙو غزل پڙهيو هو، غزل پڙهي آئون جڏهن پنهنجي سيٽ تي ويٺس ته آپا مهرالنساء پنهنجو ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي اعزازي ڪاپي وڏا وڙ ڪري مون وٽ اچي مونکي ڏني جنهن ۾ هُن منهنجي لاءِ لکيو ته پياري ڀاءُ لاءِ انتهائي خلوص سان ڪتاب رنگن جا اوجاڳا تحفو، مون کيس چيو آپا مان ته هن ڌرتي جو صفا پتڪڙو ۽ ننڍڙو شاعر آهيان آپا اهو ڪتاب توهان ڪنهن وڏي اديب کي ڏيو ته پاڻ چوڻ لڳي ته ادا پاڻ شاعر هن ادبي کيتر واري ٻيڙي ۾ سوار آهيون پاڻ ۾ ڪو ننڍو وڏو ڪونهي ، اها خبر آهي ته پاڻ شاعر هميشهه پيار ورهائيندا آهيون ڌرتي جا حلالي پُٽ ۽ نياڻيون ٿي سنڌ ڌرتيءَ جون ثنا خوانيون ڪندا آهيون ۽ پاڻ شاعر هڪڙي فيملي هڪڙي خاندان مان هوندا آهيون مون توکي جيڪو ڪتاب رنگن جا اوجاڳا ڏنو آهي بلڪل ٺيڪ ڏنو آهي ۽ بلڪل صحيح هٿن ۾ ڏنو آهي ، مان اٿي بيٺس دل چيو ته عقيدت سان آپا مهرالنساءِ جا هٿ پنهنجي ماءُ سمجهي چمان پر ائين ڪري نه سگهيس هڪ ڀيرو آپا کي ڏٺم ته سندس شڪل ۾ مونکي پنهنجي سڳي جيجل ماءُ جو چهرو نظر آيو، مونکي چڱي طرح ياد پيو اچي ته انهن ڏينهن ۾ انٽر نيٽ جي دنيا ۾ وڏي ۾ وڏي سنڌي سائٽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جنهن جو خوشقسمتي سان آئون سرپرست اعلا آهيان ان طرفان سال 2011ع جو ڪيلينڊر آيل هو اسٽيج تي ويٺل سڀني مهمانن کي اهو ڪيلينڊر تحفي طور ڏنو هو ، جيئن ته آپا مهرالنساءِ انهيءَ فنڪشن مان هڪڙي شاعره ڀيڻ رضيه لغاريءَ سان گڏ آيل هُئي سي جلدي انهي فنڪشن مان هليون ويون هيون آئون جيئن ئي اهي ڪيلنڊر آپا مهرالنساءِ لاءِ کڻي آيس ته آپا واپس پنهنجي ماڳ حيدرآباد وڃي چُڪي هُئي ، ان کانپوءِ اسٽيج تي ويٺل سنڌي جي بهترين ۽ ڏاهي شاعره آپا زيب نظاماڻي صاحبه کان آپا مهرالنساءِ جو نمبر ورتم جنهن مهربانيون ڪري آپا مهرالنساءِ جو نمبر ڏنو مون جڏهن ان نمبر تي ڳالهايو ۽ آپا جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي اعزازي ڪاپي ڏيڻ تي ٿورا مڃڻ لڳس ته آپا پهرين سوال اهو ڪيو ته توهان ڪير پيا ڳالهايو مون پنهنجي نالي ٻُڌائڻ بدران آپا مهرالنساءِ لاڙڪ صاحبه کي چيو ته آپا پهرين ته مان توهان کي ڪونه سُڃاڻندو هُئس پر توهان جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا پڙهڻ کان پوءِ توهان جي خوبصورت شاعري پڙهڻ کانپوءِ توهان جو فين ٿي پيو آهيان پنهنجو نالو آپا کي ڪونه ٻُڌايو پر آپا کي صرف اهو ٻُڌايم ته آپ مان توهان جو فين آهيان، ان کانپوءِ آپا کي حفيظ ڏيري جي ڪتاب دنيا جي سڀ دريا جي مهورت واري موقعي تي سنڌي لينگويج اٿارٽي واري هال ۾ ڏٺم جنهن ۾ آپا انهي ڪتاب دنيا سڀ درياءَ جي باري ۾ هڪڙو مفصل ليڪچر ڏنو هو، انهي ڪتاب جي جملي تصويري ڪوريج مون پنهنجي سنڌي فورم سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام لاءِ ڪئي انهي ڪتاب جي مهورت جو سمورو اکين ڏٺو احوال سنڌي سلامت ڊاٽ ڪام تي تصويرن سميت موجود آهي. هاڻي ٻه ٽي لفظ ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي باري ۾ ڳالهايندس. آپا مهرالنساءَ جي هن ڪتاب جي باري ۾ سنڌ جي نامياري شاعر آپا روبينه ابڙو لکي ٿي ته
    1. : هڪ شاعر جي اسلوب ۽ انداز تي هميشه ٽن ڳالهين جو اثر نمايان رهندو آهي. پهريون ماحول ٻيو مطالعو ۽ ٽيون طبيعت :
    ماحول ۽ مطالعو ته هميشهه حالتن جي پيداوار پي رهيا آهن جڏهن ته طبيعت صرف ۽ صرف قدرت جي عطا رهي آهي . ان ڪري طبيعت جو لاڙو جنهن طرف هوندو تخيل به اهوئي رنگ جهلڪندي ۽ رقص ڪندي نظر ايندو. شاعري جو اسٽائل ڪڏهن به پاڻ ناهي چونڊبو ته اسان کي ڪلاسڪ ، جديد يا علامتي انداز ۾ کڻڻو آهي پر تخليقڪار کي ان جي سوچ ۽ لوچ جو انداز ئي ان رستي تي وٺي ويندو آهي جنهن کي اسان لکڻيءَ جو انداز چوندا آهيون اهو سڀ لاشعوري هوندو آهي:
    صوفياء ڪرام جو چوڻ آهي ته الله تعالى جڏهن روح خلقيا تڏهن انهن روز ازل کان ئي “قالوبلى” وارو واعدو ڪيو هيو ته “ بيشڪ تون اسان جو رب آهين” ۽ اهو ئي رب جڏهن ڪنهن سان پيار ڪندو آهي ته اُن کي شاعر بنائي ڇڏيندو آهي..
    هاڻي خبر ناهي ته ادي مهرالنساءِ کي خُدا جو اهو پيارُ ڪڏهن ۽ ڪهڙي طرح نصيب ٿيو ۽ ڏات جي ديويءَ کيس پهريون پهريون ڦُول ڪڏهن ڦٽو ڪيو هُيو...
    مهرالنساءِ جي شاعريءَ کي آئون احساساتي شاعري چونديس ڇو جوپاڻ ڪوتا جي هار ۾ لفظن ۽ احساسن جا ڦُولَ ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه سان پويا اٿائين، لفظن جا ڦُولَ ڪٿي احسان جي اڌ ٽڙيل گُلاب جي مکڙيءَ جيان ته ڪٿي وري آجپي ، امن ۽ پيار ڏانهن واجهائيندڙ سورج مُکيءَ جيان پيا ڀاسن.
    آئون دل سان دُعا پيئي ڪريان ته مهرالنساءِ جي هِن “ڪوتا ڪائنات” ۾ “گُلابن جي ڦُلواڙي” ۽ “سُورج مُکي کيتُ” سدا سرسبز ۽ شاداب رهي !



    آپا مهرالنساءَ جو سمورو ڪتاب خوبصورت ڪويتائن سان ڀريو پيو آهي پر مونکي آپا جو ٻه وايون ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي پيج نمبر 85 مان مهرالنساءِ لاڙڪ جي هڪ خوبصورت وائي

    “ سچ پچ بهار جهڙو
    هڪ شخص ياد آيو،

    مُرڪي ته موتي هاري
    پويتر پيار جهڙو
    هڪ شخص ياد آيو

    هر گُل جو واسُ هُن ۾
    هيرن جي هار جهڙو
    هڪ شخص ياد آيو

    هو عڪس هُنَ جو اُجرو،
    پهرين نِهار جهڙو
    هڪ شخص ياد آيو

    پن ڇڻ جي مُند ۾ ڀِي
    سُندر بهار جهڙو
    هڪ شخص ياد آيو

    سندس ٻي وائي جيڪا ڪتاب جي پيج نمبر 80 تي آهي

    انبن جهليو ٻُور
    هاءِ الا ! تُون دُور
    ڪيسين رهندين سانورا

    ڏيئي وڍ وجود ۾
    ڇو نه پيئي ڪو پُور
    هاءِ الا ! تُون دُور
    ڪيسين رهندين سانورا

    اوجاڳن جي مُند ۾
    توکي ننڊ اَگُهور
    هاءِ الا ! تُون دُور
    ڪيسين رهندين سانورا

    جوڀن جي گُذري ويو،
    پوءِ نه ايندو مُور
    هاءِ الا ! تُون دُور
    ڪيسين رهندين سانورا

    توسان پنهنجي ساٿ جا
    سڀ ڪٽڻا هِن سُور
    هاءِ الا ! تُون دُور
    ڪيسين رهندين سانورا

    گُهنج جسم، جِهيڻي نظر،
    جذبا ناهن جُهور
    هاءِ الا ! تُون دُور
    ڪيسين رهندين سانورا


    مونکي تمام گهڻيون پسند آيون ۽ انهي ءَ ٻن وائين ئي مونکي آپا مهرالنساءِ لاڙڪ جو مريد (فين) ٿيڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو ان کان علاوه ، دوستو جيئن ته سانئڻ مهرالنساءِ لاڙڪ جو سمورو ڪتاب رنگن جا اوجاڳا نت نئين جدت ۽ تمام ۽ تمام سُندر خيالن جو مجموعو آهي ، سندس هر غزل سندس هر نظم، سندس هر وائي ، سندس هر چار سٽي، سندس هر نثري نظم ۾ سانئڻ مهرالنساءِ جي تخيل جي اُڏار ايتري ته وڻندڙ ۽ اُتساهه ڏيندڙ آهي جو انهيءَ ڪتاب کي نه صرف مان پر هرڪو ڪويتائن جو سرجڻهار ۽ سرجنهاره يا جيڪو ادب دوست هوندو اهو چاهيندو ته پنهنجي پهرين فرصت ۾ اهو ڪتاب پڙهي محبتن جا نوان معراج ماڻي ، ۽ آپا مهرالنساءِ جي شاعري مان آنند حاصل ڪري.
    آخر ۾ انهي دعا سان آپا مهرالنساءِ جا ٿورا مڃيان ٿو جو آپا اسان کي سندس هن ڪتاب جي مهورت جي موقعي تي ياد ڪيو انهي ڪتاب جي باري ۾ اسان جا احساس ٻُڌا. اسان اميد ٿا ڪريون ته آپا جي ڪويتائن جو خزانو ڪڏهن به ڪونه کٽندو آپا کي لکين مُبارڪون هُجن جو آپا ڪتاب مالڪياڻي ٿي وئي، شال آپ جي قلم کي الله سائين ايتري سگهه ڏي جو سدائين سنڌ امڙ جي شان ۽ مان لاءِ پاڻ پتوڙيندي رهي ان کان علاوه سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد وارن کي به جس هُجي جن آپا مهرالنساءِ جو هي هي ڪتاب ڇپائي مٿان وري شانائتي انداز سان هن ڪتاب جي مهورت ڪرائي آهي [/JUSTIFY]

    [​IMG]
    هن مهورت واري تقريب ۽ مشاعري جو بينر اسٽيج جي وچ ۾ مٿان لڳايو ويو هو

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
    ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي مهورت جي تقريب ۽ مهمانن کي اجرڪ پارائڻ جا منظر مهمانن ۾ نامور سنڌي شاعره گل بي بي، آپا مهرالنسا لاڙڪ، آپا مريم مجيدي، انعام شيخ ، نبي بخش ناز نمايان آهن ​
     
  2. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: آپا مهرالنسا لاڙڪ جي شاعري جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي مهورت پريس ڪلب حيدرآباد

    سائين ناز صاحب الله اوهان کي خوش رکي، سوشل ڪمن ۾ سنڌ سلامت هميشه اڳ کان به اڳري۔۔۔
    ڌڻي سنڌ سلامت ٽيم کي سلامت رکي۔۔۔
    لا جواب ونڊ،،،
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: آپا مهرالنسا لاڙڪ جي شاعري جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي مهورت پريس ڪلب حيدرآباد

    مهورت جو احوال به ڀلو ته تصويرون به تمام سٺيون سڀ سنڌي ٻوليءَ جا سهڻا ماڻهون ۽ مون وارو يار انعام شيخ پڻ ڏسي ياد تازه ٿي ۔۔۔ پر هن ۾ هڪ ڳالهه پريشان پڻ ڪيو ۔۔۔۔

    اهو آهي نثار ناز جي هڪ ٻانهن واري سن ٿيڻ جي ڳالهه ۔۔۔ اڙي ادا نثار ناز، يار ڪو علاج ڪراءِ، اهو ڪو سٺو سوڻ ناهي، اڄ ٻانهن سڀاڻي ڪو ٻيو مسئلو، اها مٺن پيشابن واري بيماري ڪا عام بيماري ناهي، ان جو علاج، احتياط ۽ ورزش ضروري هوندي آهي ۔۔۔۔

    مهرباني ڪري اوهان پاڻ تي توجهه ڏيو ۔۔۔

    لک ٿورا اوهانجي ڪم جي تعريف پاڻ کان ته ڪون ٿي سگهندي پر اوهانجي روڳ سبب اسانکي پريشاني ضرور ٿي پئي آهي۔

    رب اوهانکي صحت ڪامله عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: آپا مهرالنسا لاڙڪ جي شاعري جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي مهورت پريس ڪلب حيدرآباد

    سائين نثار ناز سلام

    اوهان جي طبيعت جي ناسازي يقينن مون سميت سمورن دوستن ۽ عزيزن لاء پريشاني جو سبب بڻي آهي۔ ان ڏينهن ڪراچي واري پروگرام ۾ ايندي ايندي رهجي وڃڻ پڻ اسان جهڙن کي منجهائي وڌو۔ دعا آهي ته اوهان جي طبيعت جلد چڱي ڀلي ٿي وڃي ۔۔۔۔ آمين

    اوهان آپا مهرالنساء جي ڪتاب جي مهورت جو اکين ڏٺو احوال اهو به تصويرن سان گڏ پيش ڪيو ان لاء اوهان جا ٿورا۔ اوهان جون اهڙيون ڪاوشون ياد رکبيون۔
     
  5. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آپا مهرالنسا لاڙڪ جي شاعري جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي مهورت پريس ڪلب حيدرآباد

    ادا طاهر سنڌي جو لکين مهربانيون جو اسان جي غريباڻي ڪمن جي سدائين همت افزايون ڪندو آهي، دوست طاهر منهنجي دعا آهي ته سنڌ سلامت سدائين پنهنجون منزلون پنهنجا ماڳ ماڻيندي رهندي، چاهي مان هُجان يا نه هي زندگي الائي ڪيتري بچي آهي پر سنڌ سلامت هاڻي مظبوط ۽ جاکوڙي هٿن ۾ آهي محبتي دوستن جي هٿن ۾ آهي۔ الله سڀني سنڌ سلامت جي ساٿين کي آباد رکي آمين۔ مان ڪجهه عرصو اڳ ۾ آپا مهرالنسا جي شاعري جا ٻه اسم چترڪاري ڪري سنڌ سلامت جي دوستن سان ونڊ ڪيا هُئا دل چوي ٿي هڪ ڀيرو ٻيهر انهي چترڪاري کي توهان سان شيئر ڪريان

    [​IMG]
    ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي پيج نمبر 80 مان ورتل وائي​
     
  6. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آپا مهرالنسا لاڙڪ جي شاعري جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي مهورت پريس ڪلب حيدرآباد

    پيارا سائين نثار ابڙا صاحب توهان دلي دعائون ڏنيون مون مسڪين کي رب سائين ۾ ڪامل ڀروسو آهي ته هو سڀ سڻايون ڪندو، بس دوست انسان ويچارو هن مسافر خاني واري دنيا ۾ مسافر آهي بيماريون سرديون گرميون ڀلايون برايون سڀ پاڻ سان گڏ ڏاج ۾ کڻي آيو آهي ان ڪري هي جهونو نثار ناز به انهن ڳالهين کان پري هٽي نٿو سگهي بچي نٿو سگهي۔ مونکي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي جڏهن آئون سنڌ سلامت لا پنهنجي شهر کان ٻاهر ڪنهن ادبي سماجي پروگرام جي ڪوريج ڪرڻ ويندو آهيان دل ۾ صرف اها آس هوندي اٿم ته سڀ کان پهرين اها ادبي تقريب ، سماجي حوال سنڌ سلامت تي لڳايان پر ڪڏهن ڪڏهن طبيعت جي خرابي جي ڪري مونکان ڪافي سارا پروگرام مس به ٿي ويندا آهن پر وري به ڪوشش ڪري سنڌ سلامت سان پنهنجي حال سارو ناتو نڀائيندو اچان ، چلو آپا مهرالنسا لاڙڪ جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا مان هڪ وائي خوبصورت وائي توهان لا ونڊ ڪري ٿو ڇڏيان ، سُٺن ماڻهن لا سُٺي شاعري۔

    [​IMG]
    ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي پيج نمبر 85 مان ورتل وائي۔​
     
  7. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آپا مهرالنسا لاڙڪ جي شاعري جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي مهورت پريس ڪلب حيدرآباد

    ادا محمد سليمان وساڻ جون مهربانيون جو اسان جي هر موڙ تي همت افزايون ڪندو رهندو آهي، ادا منهنجو مڪمل پروگرام هو ڪراچي اچڻ جو ۽ سنڌي ٻولي قومي ٻولي واري ڪانفرنس کي مڪمل طور ڪوريج ڪرڻ جو، مگر وا قسمت جو طبيعت جي سخت ناسازي جي ڪري اچي نه سگهيس، ٿورو ويجهو هُجي ها ته پاڻ کڻائي گهر وارن کان نظرون بچائي به پهچي وڃان ها، پر ڪراچي شهر جيڪو توهان جهڙن پرين جو شهر آهي ادا عبدالرشيد سمون جهڙن هيرن جي هار جهڙن جو شهر آهي سو ٿورڙو مونکان پرڀرو ٿي پيو طبيعت انهي قابل هُئي ڪونه ۽ ٻيو ڪو ساٿي سنگتي به مون سان اچڻ لا تيار ڪونه ٿيو جيڪڏهن طبيعت خراب به ٿئي ها ته ڪو ٽهل ٽڪور ڪري ها ان ڪري پنهنجو پروگرام ملتوي ڪيم ، باقي مان هتي اسپتال مان زبردستي ڊسچارج ڪرائي ڪراچي اچڻ جي تياري به ڪري ڇڏي هُئي۔بس دعا ڪريو ته زندگي وڃي ته ڌرتي جي خدمت ڪندي وڃي سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جي خدمت ڪندي وڃي ۔ الله توهان سڀني دوستن کي سدائين سلامت رکي سدائين آباد هُجو آپا مهرالنسا جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جون ڪجهه وڌيڪ تصويرون توهان دوستن جي نظر ڪريان ٿو

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد شاخ جو سيڪريٽري امين لاکو جيڪو هن بهترين مهورت واري تقريب جو ميزبان پڻ هو

    [​IMG]
    آپا مهرالنسا لاڙڪ ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي سرجڻهاره هن ڪتاب جي مهورت واري تقريب جي محفل جي ڊيل هُئي

    [​IMG]
    سنڌ مشهور سنڌي شاعره آپا مريم مجيدي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي مهورت واري تقريب جي صدارت ڪري رهي هُئي۔

    [​IMG]
    مشهور سنڌي ڏاهو ۽ محقق محترم انعام شيخ جيڪو هن ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي مهورت جو مهمان خاص هو

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت سنڌ جو سابق مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پڻ هن مهورت واري تقريب جو مهمان خاص هو

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي خزانچي محترم نبي بخش ناز جيڪو هن مهورت واري تقريب جو اعزازي مهمان هو

    [​IMG]
    جديد سنڌي شاعري جي سنڌ مشهور شاعره محترما گُل بي بي شاهه جيڪا پڻ هن مهورت واري تقريب جي اعزازي مهمان هُئي

    [​IMG]
    محترم علي اظهار جيڪو هن مهورت واري تقريب جو اسٽيج سيڪريٽري هو

    [​IMG]
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو جهونو ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٽنڊو محمد خان جو سيڪريٽري نثاراحمدناز ڪتاب رنگن جا اوجاڳا تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهي

    [​IMG]
    سنڌي ناول نگاري جي حيثيت سان ڄاتل سُڃاتل سنڌي شخصيت محترم غلام نبي مغل ڪتاب رنگن جا اوجاڳا تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪري رهيو آهي​
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آپا مهرالنسا لاڙڪ جي شاعري جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي مهورت پريس ڪلب حيدرآباد

    ڪُجهه وڌيڪ تصويرون توهان سنڌ سلامت جي دوستن کي ارپيان ٿو

    [​IMG]
    شوبز سان تعلق رکندر محمود مغل

    [​IMG]

    آپا مهرالنساءِ لاڙڪ جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا ۾ شريڪ ٿيندڙ ن جو تصويري منظر هن تصوير ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ ڊاڪٽر احمد نوناري، ۽ سنڌ جو بهترين ليکڪ محترم غلام نبي مغل نمايان آهن

    [​IMG]

    آپا مهرالنساءِ جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا ۾ شريڪ ٿيندڙ سنڌي نياڻيون کين جس هُجي جو هنن آپا جي ڪتاب جي مهورت ۾ واري تقريب ۾ شرڪت ڪري آپا مهرالنساءِ سان اظهار يڪجهتي ڪيو لک شاباسون انهن ڀينرن کي.

    [​IMG]
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام پاران آپا مهرالنسا لاڙڪ جو تصويري البم سنڌ سلامت جي جهوني نثاراحمدناز تحفي طور آپا مهرالنسا لاڙڪ کي ڏنو

    [​IMG]
    سنڌ جي نامياري شاعره محترما گل بي بي شاهه کي آپا مهرالنساءِ لاڙڪ سنڌ جو روايتي تحفو اجرڪ اوڍائي رهي آهي

    [​IMG]
    سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جو ميمبر سنڌياڻيون محترما فرزانه شاهه ، سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي جوائنٽ سيڪريٽري محترما امبر شاهه ۽ سنڌي ادبي سنگت ٽنڊو محمد خان جي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبر محترما ثمينه خليل خاصخيلي پڻ هن مهورت واري تقريب ۾ شريڪ ٿيون هيون

    [​IMG]
    سنڌ ترقي پسند پارٽي جو مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ ادبي سنگت ٽنڊو محمدخان جو ميمبر ڊاڪٽر احمد نوناري ۽ ٻي ادبي شخصيت جنهن جو نالو مونکان وسري ويو آهي

    [​IMG]
    ڪتاب دنيا سڀ دريا جو ليکڪ حفيظ ڏيرو هڪ سنڌي شاعر ۽ حيدرآباد جي فوٽو گرافي دولتاڻي فوٽوز جو مالڪ ۽ سماجي شخصيت ڊاڪٽر دليپ دولتاڻي نمايان آهن

    [​IMG]
    آپا مهرالنسا لاڙڪ ۽ سنڌ سلامت جو مين ڪئميرا مين اعزازي عبدالغفور سمون

    [​IMG]
    آپا مهرالنسا لاڙڪ ۽ سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جو ميمبر محترم امين سمون​
     
  9. امين سمون

    امين سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    47
    ورتل پسنديدگيون:
    23
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: آپا مهرالنسا لاڙڪ جي شاعري جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي مهورت پريس ڪلب حيدرآباد

    ادا نثار توهان جي ڪوششن کي سلام آهي
     
  10. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: آپا مهرالنسا لاڙڪ جي شاعري جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي مهورت پريس ڪلب حيدرآباد

    مهرباني ادا محمد امين سمان جو توهان همت افزائي ڪئي۔ لک لائق ادا
     
  11. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: آپا مهرالنسا لاڙڪ جي شاعري جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي مهورت پريس ڪلب حيدرآباد

    سائڻ جن جون هي سٽون اڄوڪي (جمعو 17 فيبروري 2012) تعمير سنڌ اخبار ۾ ڇپيون آهن هن ساڳي چترڪاريءَ سان۔۔۔
    البته چترڪاري ۾ سنڌ سلامت به لکيل آهي جيڪو اخبار مان ڪٽيو ويو آهي، جنهن لا ڏاڍو ڏک ٿيو آهي، اخباري دوستن کي گزارش آهي ته ايمانداري سان ڪم ڪن ته سندن مانُ به وڌندو، ائين چوري ڪري اصل فورم جو نالو ئي ڪٽي ڇڏڻ وڏو عجيب ٿو لڳي۔۔۔!!!
     
  12. آرزو

    آرزو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    914
    ورتل پسنديدگيون:
    144
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: آپا مهرالنسا لاڙڪ جي شاعري جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي مهورت پريس ڪلب حيدرآباد

    لاجواب سائين۔۔۔!
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو