چيم مان ڇو الائي ڌنڌلا چهرا پسان ٿو پيو چيائين تنهنجي نيڻن جي اڃان موسم جھڙالي آ خوبصورت شاعر، برجستي نثر نويس، افسانا نگار، محقق ۽ پياري دوست احسان دانش کي جنم ڏينهن جون واڌايون سنڌ سلامت سٿ پاران لاڙڪاڻي جي ڪومل احساس رکندڙ شاعر ، ڪهاڻيڪار ، مترجم ۽ محقق محترم احسان دانش کي سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪيون ٿا۔ احسان دانش سان دوستي ته فيسبوڪ ذريعي ئي ٿي هئي ڇو ته سندس ڪيل ڪم اسان کي سندس تعريف ڪرڻ تي مجبور ڪندو هيو۔ گذريل سال لاڙڪاڻي ۾ سائين ماجد ڀرڳڙي سان ملاقات بهاني وياسون ته اتي ئي ساڻن ڪچهري به ٿي ۽ سندس ڀاء ارضوان گُل سان گڏ ادبي مرڪز لاڙڪاڻو به گهمياسون۔ ٻئي ڀائر احسان دانش ۽ رضوان گُل پنهنجي خوبصورت ڪم ۽ سهڻي صحبت سبب دوستي ۽ پيار ۾ جڪڙي ٿا ڇڏين۔ محترم احسان دانش معروف شاعر، ڪهاڻيڪار، مقالي نگار ۽ ڪالم نويس آهي. سندس تحريرن ۾ آيل ادبي ٻولي پنهنجو مخصوص لب ۽ لهجو رکي ٿي. هن جي شاعري سماجي رخ سميت پيار ۽ محبت جا رند طَي ڪري ٿي. احسان الحق پٺاڻ 15 فيبروري 1974ع تي، لاڙڪاڻي شهر ۾، نالي واري اديب ڊاڪٽر بشير احمد ’شاد‘ جي گهر ۾ پيدا ٿيو. هن ايم. اَي اردو ادب ۾ 1995ع ۾ ۽ ايم.اَي سنڌي ادب 1997ع ۾ ڪئي، ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“ موضوع تي سنڌ يونيورسٽيءَ مان ايم.فِل ڪري هاڻي پي ايڇ ڊي ڪري رهيو آهي. هُو 2002ع کان ليڪچرر سنڌي طور گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻي ۾ تدريسي خدمتون سرانجام ڏئي رهيو آهي. احسان دانش 1988ع کان وٺي، گهر ۾ مليل ادبي ماحول سبب نثر ۽ نظم ۾ لکي رهيو آهي. سندس رهنمائي ڊاڪٽر ’شاد‘ ڪئي. سندس ججهي شاعري توڙي ڪهاڻيون، ڪالم، مضمون ۽ مقالا ڇپجي چڪا آهن. سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ”بي سُڪون خواب جو سچ“ (2005ع)، سهيڙيل مقالن جو ڪتاب ”لاڙڪاڻو: تاريخي ۽ تحقيقي مطالعو“ (2005ع)، لاڙڪاڻي جي شخصيتن بابت مقالن جي سهيڙ ”ويل نه وسريام“ (2007ع) ۽ شاعريءَ جو ڪتاب ”لفظن جي خوشبو“ (2010ع) ڇپجي چڪا آهن، ۽ مُهين جي دڙي بابت سهيڙيل مقالن جو ڪتاب ”سنڌو سڀيتا جو عظيم ورثو موهن جو دڙو“ ڇپائيءَ هيٺ آهي. هُو سچل ادبي مرڪز لاڙڪاڻي سان 1995ع کان، لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ هسٽاريڪل سوسائٽي سان 1998ع کان ۽ انڊس لٽرري فورم لاڙڪاڻي سان 2007ع کان لاڳاپيل آهي. ان کان سواءِ هُو ”ادبِ پاڪ“ (اردو) انٽرنيشنل، ماهنامي ”بي لاگ“ ڪراچي (اردو) ۽ نيوزليٽر ”شعور“ سان لاڳاپيل رهيو آهي. کيس ٻه ڀيرا ”ڊاڪٽر تنوير عباسي ايوارڊ“، ”شاهه لطيف ايوارڊ“، ”لاڙڪاڻو هسٽري شيلڊ“ ۽ ”شيخ اياز يادگار شيلڊ“ جي مڃتا سميت ڪيترائي تعريفي سرٽيفيڪيٽ ملي چڪا آهن. تازو ئي هن پي ايڇ ڊي جي تحقيق مڪمل ڪئي آهي جنهن جو عنوان آهي ”شاهه لطيف جي شاعريءَ جو سماجي ڪارج“.
جواب: نوجوان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار محترم احسان دانش کي جنم ڏينهن تي واڌايون محترم احسان دانش کي اسان جي طرفان به کوڙساريون جنم ڏينهن جو واڌايون هجن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پاڻ هڪ بهترين شاعر آهن
جواب: نوجوان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار محترم احسان دانش کي جنم ڏينهن تي واڌايون دعاء آهي ته ادي احسان صاحب کي ڌڻي هميشه خوش رکي، آمين
جواب: نوجوان شاعر ۽ ڪهاڻيڪار محترم احسان دانش کي جنم ڏينهن تي واڌايون احسان دانش کي سندس سالگرهه تي مبارڪون۔ سنڌ جي نئين ٽهي جي پختي شاعرن مان هڪ احسان دانش به آهي۔ سندس لاء دعائون ۽ پيار۔