ڦوٽا ۽ انهن جا فائدا حڪيم محمد يوسف کتري ڦوٽا ننڍا بنگالي : ڇوٽي ايلاچ گجراتي ايلاچ، ويلچي هندي ڇوٽي ايلاچي عربي قاقله صغار سنسڪرت ايلا پنجابي نڪي ايلاچي انگريزي Small Cardamom لاطيني تاريخ دنيا ۾سڀ کان پهرين شام جي ٽوتوفل ليبارٽري جيڪا 229-627ع حضرت مسيح عليه السلام کان اڳ قائم ٿي هئي انهن ۾ ٻين گرم مصالحن جو به ذڪر ملي ٿو اٺين صدي ع ۾ آيورويدڪ جي ڪتابن ۾ هن جو ذڪر ملي ٿو 912ع ۾ عرب سياح مسعودي هن کي ۽ صندل کي خالص هندستان جي دوا ڪري لکيو آهي البيروني جاگرافيدان 12 صدي ع ۾ چين ۽ سري لنڪا جي ڦوٽن۾ فرق ٻڌايو انهيءَ زماني ۾ ڦوٽا ننڍا ۽ يروشيلم ۾ دستياب هئا.ڦوٽن جي ٻوٽي جي پهرين تصوير 1192ع ۾ هڪ ڊچ ٺاهي هئي انهيءَ زماني ۾ مالابار بندر ۽ انڊونيشيا جي اتينو شهر ۾ پوکي ويندي هئي هندستان ۾ ڦوٽن جو وجود قديم زماني کان آهي سشرت هن جو ذڪر ايلاچي جي نالي سان ڪيو آهي يونان جي مشهور ماهر نباتات ويسقوريدوس هن جو ان وقت نالو قطيدوس لکيو آهي بوعلي سينا هن جو ذڪر قاقله جي نالي سان ڪيو آهي .1750ع هندستان ۾ تجارتي بنيادن تي هن جي پوک شروع ٿي. ويهين صدي عيسوي ۾ جرمن تنزانيه ۾ هن جي پوک شروع ڪئي ۽ گوئٽي مالا ۾ هن کي هندستاني ميسوري نسل جي پوک ڪئي وئي هندستان ۾ به ڦوٽن جا 100 کان مٿي قسم آهن افريقا ۾ ٿيندڙ ڦوٽا اصلي نسل آهي جيڪو مالابار ۽ ميسور ڪيرالا ۽ ،دراس ۾ به ٿئي ٿو چوٿين صدي ۾ آيور ويدڪ ڪتابن ۾ ڦوٽن جو ذڪر ملي ٿو مصر ۾ ڦوٽن کي تمباڪو نوشي ۾ استعمال ڪيوو وڃي ٿو. سڃاڻپ هي هڪ مشهور ٻوٽو آهي هن جو ٻوٽو ادرڪ وانگر ٿيندو آهي هي ميٽر کا اڍائي ميٽر تائين ڊگھو ٿيندو آهي هن جون پاڙون ڳنڍيداراٿينديون آهن.هن جا پن ڊيگھ ۾ 30 کان 60ملي ميٽرجڏهن ته ويڪر 7.5 سينٽي ميٽر ٿيندا آهن. انهيءَ مان گل نڪرندا آهن جيڪي سفيد ڳاڙهاڻ مائل هوندا آهن. منجھن خوشبو به هوندي آهي. اها خوشبو بالڪل هنن جي ٻجن جھڙي ٿيندي آهي ڪجهه ئي ڏينهن ۾ انهن گلن تي ڦل لڳڻ شروع ٿي ويندا آهن.پچڻ کان پهرين انهن جو رنگ سائو هوندو آهي.پر پچڻ کن پوءِ ان جو رنگ هيڊو ٿي ويندو آهي. هن جي کل سڪڻ کان پوءِ سفيد ٿي ويندي آهي. جيئن ته اسان وٽ ننڍا ڦوٽا وڏا ڦوٽا مشهور آهن اصل ۾ ڦوٽا ٻي نسل جو ٻوٽو آهي جڏهن ته ننڍن ڦوٽن جا قسم مختلف ملڪن ۾ ٿوري گھڻي فرق سان ضرور هوندا آهن جن جا الڳ الڳ لاطيني نالا آهن مقام پيدائش: هي هندستان ۾ گھڻو ڪري گجرات ، ملبار ميسور ،منگلور ۽ آسام ۾ ٿئي ٿو بنگال چين ڪو چين لنڪا جاوا ۾ به پيدا ٿئي ٿو مزاج: گرم خشڪ ٻي درجي ۾ بو علي سينا هن کي گرم خشڪ ٽي درجي ۾ ٻڌايو آهي.ويد هن کي سرد چون ٿا. مقدارو خوراڪ: 2گرام کان 4 گرام تائين فائدا هي هاضمي جي دوائن ۾ مکيه ايٽم آهي. انهيء کان سواءِ پرميل جي هر نسخي ۾ نظر اچي ٿو. پيٽ جو سور ضعف هضم نفخ شڪم مفرح مقوي قلب خفقان الٽي اٻڙڪن ۾ استعمال ٿئي ٿو. دم کنگھ ۾ مفيد آهي. بواسير مثاني گردي جي بيمارين ۾ مفيد آهي. هن جي پاڙ ڪمبوڊيا ۾ ملين ۽ طاقت لاءِ استعمال ڪئي وڃي ٿي. جديد تحقيق مان ثابت ٿيو آهي ته هي معدي مان هوا خراج ڪري ٿو جيڪو نقصان ده به ثابت ٿي سگھي ٿو اڄ کان ٽيهه سال پهرين ٽنڪچر ڪارڊامم ملندو هو جيڪو ايلو پيٿڪ ڊاڪٽر استعمال ڪندا هئا. جديد سائنسي ڄاڻ هن ۾ تري 106 سيڪڙو نشاستو 45.30 سيڪڙونائيٽرو جيني مرڪبات 15.8 سيڪڙو ريشه دار جز 15.11سيڪڙو فراري تيل 7.3 سيڪڙو لوڻ 10.6 هن ۾ تيل 10 سيڪڙو هوندو آهي انهيءَ ۾ پالميٽڪ ايسڊ سائيٽرڪ ايسڊ سٽرن آئل لنيولڪ ايسڊ ڪيلشيم پوٽاشيم ميگنيشيم پوٽاشيم ايسڊ ميگنيشم فاسفورس سوڊيم هوندو آهي انهيءَ کان سواءِ ڪروميم آئرن ڪاپر ميگنيز زنڪ به معمولي مقدار ۾ هوندو آهي فيرولڪ ايسڊ سيلي سلڪ ايسڊ اهي ٻئي اينٽي آڪسيڊنٽ عامل طور ڪم ڪن ٿا. مفرد علاج هڏڪوئي 3گرام ننڍا ڦوٽا هڪ لٽر پاڻيءَ ۾ ٽهڪائي جڏهن 250 ملي لٽر رهي ته ڇاڻي انهيءَ ۾ ٿورو بادامن جو تيل وجھي پيئجي هن سان هڏڪوئي صحيح ٿي وڃي ٿي معدي ۽ آنڊ جي ٻين تڪليفن لاءِ مفيد آهي. سعوط مصري نڪ ڇڪڻي 50 گرام ڪائڦل 50 گرام بالڇڙ 50 گرام سريل جو ٻج 50 گرام، لونگ جا گل 10 گرام، ڪافور 10 گرام، ڦوٽا ننڍا 10، گرام ڪارا مرچ 10 گرام ڪٽي ڇاڻي ناس ٺاهي رکجي فائدا هر قسم جي مٿي جي سور اکين جي بيمارين نزلي زڪام سرسام بخار ،مئيگرين يعني درد شقيقه جي بيمارين ۾ نڪ ۾ سڻڪجي مجربات سفوف سوزاڪ : ننڍا ڦوٽا،بهروزو خشڪ ڪباب چيني،صندل سفيد ،برابر وزن 3 گرام صبح و شام مٺي لسيءَ سان سوزاڪ لاءِ اڪسير آهي سفوف جريان هي نسخو انتهائي مفيد آهي دراصل هي نسخو حڪيم عبدالله پنهنجي ڪتاب ڪنزالمجربات ۾ درج ڪيوهو .دوا خانه سليماني هن کي بندش جي نالي وڪرو ڪندا آهن.راقم الحروف به اهو ساڳيو نسخو ٺاهيو ۽ انهيءَ جي رنگين پيڪٽ ۾ پيڪنگ ڪئي هئي جيئن ته هن ۾ ڌاتون ڪچيون استعمال ٿين ٿيون انهيءَ ڪري گردن کي متاثر ڪرڻ جا امڪان هئا انهيءَ ڪري هاڻ لطيفي دواخاني ۾اهو نسخو نه ٺاهيو ويندو آهي . انهيءَ ۾ ڪابه شڪ شبهي جي گنجائش نه آهي ته نسخو پنهنجي جڳه تي مفيد ضرور آهي . نسخو هن ريت آهي هاضم چورن هي نسخو دنياءِ طب جي وهائو تاري حڪيم اجمل خان جو آهي. نسخو مبارڪ هن ريت آهي ننڍا ڦوٽا 20 گرام ڪارا مرچ 10 گرام ڪارو لوڻ 10 گرام نوشادر 20 گرام سڀني دوائن کي پيهي ڦڪي ٺاهيو250 ملي گرام کان 700 ملي گرام تائين پاڻيءَ سان کارائجي فائدا :هي ٻه ٽي ڏينهن کائڻ سان بدهضمي نفخ هاضمي جي خرابي ختم ڪري ٿو بک لڳائي ٿو چهري جي هيڍاڻ ختم ڪري جسم کي قوت ڏي ٿو. مرڪبات جوارش عود شيرين ، جوارش عود ترش ،جوارش عود ملين جوارش مصطقي به نسخه ڪلان ، حب حلتيت،خميره ابريشم ساده ، دواءُالمسڪ ساده، دواالمسڪ معتدالجواهر دار ،سفوف قاقله سنون مقوي
جواب: ڦوٽا ننڍن ڦوٽن تي تمام جامع ليک ۔۔۔ ڦوٽن جي اصل نسل ۽ بڻ بڻياد سان گڏ ان جي استعمال جا طريقا ۽ طبي فائدا معلوم ڪري ، اوهانکي دعائون به ڪيونسين ۽ خلقڻهار جي خلقيل هن نعمت تي شڪرگذاري به ڪئي سون ۔۔۔ اوهانجا اهي ليک سنڌ سلامت جو سرمايو آهن ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا ۔۔۔
جواب: ڦوٽا ماشاءَ الله سائين حڪيم صاحب جن جو پنهنجي فيلڊ ۾ تسلسل قابل ديد آهي، لک لائق بهترين ليک....
جواب: ڦوٽا محترم سائين حڪيم محمد يوسف کتري صاحب لک ٿورا تمام بهترين ۽ ڄاڻ وارو ليک۔ ڦوٽن جي تاريخ، ان جي قسمن ۽ ان جي فائدن بابت اوهان مڪمل ڄاڻ ڏئي اسان جهڙن گهٽ ڄاڻ وارن کي خبرگير ڪري ڇڏيو۔ اوهان جي اهڙي سهڻي ونڊ تي اوهان کي جس هجي۔ قيمتي وقت مان ڪجهه گهڙيون ڪڍي ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت تي پيش ڪرڻ يقينن هڪ وڏي خدمت آهي۔
جواب: ڦوٽا ڪالهه سرسري پڙهڻ کانپوءِ انجو مختصر جواب ڏنو هيم، اڄ تفصيلي پڙهڻ کانپوءِ ڪجهه سوال آهن ۔۔۔ ٿورائتا ٿينداسون جي جواب ملي وڃن ته؛ هن مٿئين نسخي ۾ ڳاڙهي رنگ جا جيئن نڪ ڇڪڻي ڇا آهي؟ ٻيو ” سريل جو ٻج“ پڻ سمجهه ۾ نه آيو۔ هڪ ٻيو سوال ته منهنجي نڪ جو هڪ پاسو هميشه بند رهي ٿو، اڪثر کٻو پاسو جنهن سبب شايد مٿي ۾ سور به رهي ٿو، ڇا هن نسخي سان فائدو ٿيندو؟ مٿي اوهان لکيو آهت ته نسخو هن ريت آهي، پر شايد اوهان نسخو نه ڏنو اهي؟، ڇاڪاڻ ته انکان پوءِ هڪ ٻيو نسخو آهي ” حاضمه چورن“ جو۔ آخر ۾ هيٺ ” مرڪبات“ ڏنل آهن، اهي پڻ سمجهه ۾ نه آيا ته ڇا لاءِ آهن، ڇاڪاڻ ته مٿان ڏنل نسخو ” حاضمه چورن“ ختم ٿئي ٿو ته هيٺ مرڪبات آهن۔ معاف ڪجو! حڪمت سان ڪو خاص واسطو ناهي ، انڪري سوال ڪرڻ سٺو، ” پڇڻا نه منجهڻا“ ۔۔۔۔ممڪن ڪنهن دوست کي يا پاڻ کي ڪنهن دوا جي ضرورت پئجي وڃي ته اوهانجن ڏنل قيمتي نسخن کي استعمال ڪجي ۔۔۔ تڏهن ڦڪيون ڦرڪ ڪن، جڏهن امر ٿئي انجو۔
جواب: ڦوٽا ادا سليمان وساڻ ٿوهان سچا آهيو ته مصروفيتون ًگهڻيون آهن دوستن سان رابطي ۾ رهڻ ڪري ڪجه لکون ٿا
جواب: ڦوٽا ادا نثار ابڙا لاڙ ۾ سريل جو ٻج چوندا آهن اتر جا ماڻهو سرينهن جو ٻج چوندا آهن ۔ نڪ ڇڪڻي هڪ ٻوٽو آهي پنسارين کان ملي ٿو اڪيلي نڇون ڏيارڻ ۾ ڪمال ڪندي آهي ادا اوهان کي غير معمولي فائدو ٿيندو باقي جيڪڏهن هڏي وڌيل هوندي ته فائدو نه ٿيندو جريان وارو نسخي جا سائڊ افيڪٽ به ٿين ٿا ان ڪري نسخو نه لکيو سين مرڪبات مان مراد اهي دوائون آهي جيڪي اوهان کي دواخانن مان ٺهيل ملندا اهي اوهان ڪنهن به پنساري کا وٺي سًگهوٿا