عورت ۽ مرد جا دلچسپ ٽوٽڪا عورت تيستائين مستقبل جو اونو ڪندي آهي جيستائين سندس شادي ٿئي. مرد تيستائين مستقبل جي باري ۾ ناهي سوچيندو، جيستائين سندس شادي نه ٿي وڃي. ڪامياب مرد اهو آهي جيڪو پنهنجي زال جي خرچ کان وڌيڪ ڪمائي وڃي، ۽ ڪامياب عورت اها آهي جيڪا اهڙو مرد ڳولهي لهي. مرد سان خوش رهڻ لاءِ عورت کي مرد کي سمجهڻو پوندو، گهڻي پيار جي ضرورت ناهي، عورت سان خوش رهڻ لاءِ مرد کي پيار ڪرڻو آهي، عورت کي سمجهڻ جي ضرورت ناهي. غير شادي شده جي نسبت، شادي شده مرد وڏي ڄمار جيئرو رهندو آهي پر شادي شده مردن ۾ مرڻ جي خواهش هميشه گهڻي هوندي آهي. ڪو به شادي شده مرد پنهنجيون غلطيون جلد وساري ويهندو آهي اها عقلمندي ناهي جو زال به هجي ۽ يادگيري به رهي. مرد صبح جو اٿڻ وقت سهڻو ۽ تازو لڳندو آهي، عورت ائين لڳندي آهي جيئن مروٽيل ڪاغذ. عورت مرد سان ان اميد ۾ شادي ڪندي آهي ته هو بدلجي ويندو، پر هو ناهي بدلبو. مرد عورت سان ان اميد ۾ شادي ڪندو آهي ته هوءَ نه بدلبي پر هوءَ بدلجي ويندي آهي. هر عورت پنهنجن لفظن کي آخري لفظ قرار ڏئي بحث جي پڄاڻي ڪندي آهي پر مرد جي هر جملي جي آخري لفظ سان هڪ نئون بحث شروع ٿيندو آهي
جواب: ناري ۽ نر جا دلچسپ ٽوٽڪا سائين سليمان ته جونيئر آهي اهو ادارشيد کان پڇڻو پوندو جو هو ڪافي سينيئر آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هههههههههههههههههههههه بروبر سائين بروبر (برابر) دلچسپ ونڊ آهي سائيڻ سدائين گڏ
جواب: ناري ۽ نر جا دلچسپ ٽوٽڪا اڃان شروعات آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر ڪجهه ڳالهيون ته دل سان لڳيون ۔۔۔۔۔۔۔ سائين نثار خوبصورت ونڊ، اوهان جي هن لکڻيء ۾ تجربا ۽ تحقيق ٻئي شامل آهن۔
جواب: ناري ۽ نر جا دلچسپ ٽوٽڪا سائين منهنجي تجربي مطابق: عورت سان خوش رهڻ لاءِ مرد کي پيار ڪرڻو آهي، عورت کي سمجهڻ جي ضرورت ناهي. سائين پيار سان گڏ سمجهڻ به ضروري آهي عورت ائين لڳندي آهي جيئن مروٽيل ڪاغذ. هن لائين سان ايگري ناهيون۔۔۔ باقي سڀ ڳالهيون برابر آهن سائين
جواب: ناري ۽ نر جا دلچسپ ٽوٽڪا سائين تمام سٺي ونڊ شامل ڪئي آهي جيڪا منهنجي نظر ۾ هڪ بهترين سوچ ۽ نظريو آهي جيڪو سمجهڻ گهرجي شادي شده کي ڇو جو اهي ئي مسئلا هوندا آهن۔
جواب: ناري ۽ نر جا دلچسپ ٽوٽڪا سائين منهنجا اسلام عليڪم،معذرت سان لڳي ٿو ته اوهان کي سچ ڳالهائڻ جي ڪني عادت پئجي ويئي آهي۔هههههههه ههههههههههه۔ هڪ ڳاله شايد توهان کان رهجي ويئي آهي ته شادي جي ٽائيم تي عورت ۽ مرد هم عمر هوندا آهن،پر شادي کانپوء مرد جو ته عمر جي سال وارو ڪلينڊر ساڳيو هوندو آهي پر عورت جي زندگي جي نون سال گهڻن سالن تي مشتمل ڪلينڊر ٿي ويندو آهي۔۽ ڪجه وقت کانپوء پنهنجي عمر پنهنجي مڙس کان تمام گهٽ ٻڌائيندا آهي۔توهان جو ليک تمام سٺو آهي۔
جواب: ناري ۽ نر جا دلچسپ ٽوٽڪا ڦلپوٽو فقير جي ڳالهين سان متفق آهيان سائين۔۔۔ باقي ادا سليمان وانگر مان اهو مڃان ٿو ته اوهان جي هن لکڻي ۾ تحقيق ۽ تجربو ٻئي شيون شامل آهن۔۔ هههههه
جواب: ناري ۽ نر جا دلچسپ ٽوٽڪا سائين اوهان جو هي مضمون به اڄوڪي تعمير سنڌ جمعو 17 فيبروري 2012 اخبار ۾ ساڳي تصوير سان ته آيو آهي پر ليکک جو ڪوئي نالو ناهي، ۽ وري موضوع جو نالو مٽائي اخبار ۾ عورت ۽ مرد جا دلچسپ ٽوٽڪا رکيو ويو آهي جنهن تي ڏاڍي کل به آئي ته ڪاوڙ پڻ، هاڻ صاف ظاهر ٿي ويو آهي ته هن اخبار جو ڪم ئي شايد چوري ڪرڻ آهي، صرف سائين ابڙي صاحب جا هن وقت تائين صرف اڄوڪي اخبار ۾ 3 مضمون منهنجي نظر مان گزريا آهن...