سرِ محفل اگهاڙي منهن اچڻ ناهي مناسب، (مدهوش)

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏16 فيبروري 2012۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    [​IMG][/CENTER][/IMG]

    سرِ محفل اگهاڙي منهن اچڻ ناهي مناسب،
    اچي پنهنجن پراوَن کي ڦٽڻ ناهي مناسب.

    حجاب آلود نظرن سان ڏسڻ ناهي مناسب،
    اڳيان ڪنهن غير جي مرُڪڻ کلڻ ناهي مناسب.

    ٿين ٿا ڪيترائي ايندي ويندي نيم بسمل،
    اداوَ ناز سان ترِڇو تڪڻ ناهي مناسب.

    سڄي محفل کي مقتل گاهه سمجهڻ ٺيڪ ناهي،
    ڪُهي، ٻيهر وري اُن کي ڪُهڻ ناهي مناسب.

    پراون ۾ ۽ پنهنجن ۾ رکڻ ڪجهه فرق گهرجي،
    سڀن ڏي شوخ نظرن سان ڏسڻ ناهي مناسب.

    ستايل غمزده، غمناڪ ڪوئي راهه ويندڙ،
    مسافر مفت ۾ مارڻ سڄڻ ناهي مناسب.

    الائي ڪيترا “مدهوش“ ٿيندا هڪ جهلڪ سان،
    ائين سامهون اچي پردو کڻڻ ناهي مناسب.

    “مدهوش“
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: سرِ محفل اگهاڙي منهن اچڻ ناهي مناسب، (مدهوش)

    ادا عرس پريو اسلام عليڪم،مدهوش جي خوبصورت شاعري کي چمڪندڙ ڊيزائن جو اوهان لباس پهرائي ڪمال ڪري ڇڏيو۔


    ٿين ٿا ڪيترائي ايندي ويندي نيم بسمل،
    ادا وَ ناز سان ترِڇو تڪڻ ناهي مناسب.


    مٿين شعر ۾ ڪيڏي نه پياري انداز ۾ محبوب جي ادا جو تعريف شڪايتي انداز ۾ ڪئي اٿن۔ وه سائين مدهوش وه۔
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سرِ محفل اگهاڙي منهن اچڻ ناهي مناسب، (مدهوش)

    مدھوش منھنجي پسند جي شاعرن مان ھڪ شاعر آھي سندن جي تخليق ڪنھن تعريف جي محتاج نه آھي، پريل ير اوھان جي شاعري جي چونڊ ھميشه بھترين رھي آھي، اوھان شاعري ڊزائين به ڪريو ٿا اھا ڳالھ تمام سٺي آھي۔۔۔۔۔۔لاجواب۔
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سرِ محفل اگهاڙي منهن اچڻ ناهي مناسب، (مدهوش)

    الائي ڪيترا “مدهوش“ ٿيندا هڪ جهلڪ سان،
    ائين سامهون اچي پردو کڻڻ ناهي مناسب.


    تمام سهڻي چونڊ ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ عشق جي ماريل عرس ٻين جو هوش وڃائڻ لاء مدهوس جي خوبصورت شاعري پيش ڪئي آهي۔ احمد خان مدهوش سنڌ جو عوامي شاعر ، جنهن جي شاعري عاشقن جي شاعري آهي۔

    دوست ڪنهن کان جدا خدا نه ڪري، ڪنهن کي هي غم عطا خدا نه ڪري
    منهنجو سينو ڳڀا ڳڀا ٿي پئي، تير تنهنجو خطا خدا نه ڪري
    روزِ محشر سواءِ تنهنجي ٻي، ڪاڀي مون کان پڇا خدا نه ڪري
    توکي سامهون ويهاري مدهوش، ڇا ڪري جي خدا خدا نه ڪري
     
  5. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سرِ محفل اگهاڙي منهن اچڻ ناهي مناسب، (مدهوش)

    سائين محبوب جي تعريف هر انداز ۾ خوبصورت لڳندي آهي
    پسند ڪرڻ جي مهرباني
     
  6. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سرِ محفل اگهاڙي منهن اچڻ ناهي مناسب، (مدهوش)

    ادا مهرباني تواهان جي پسند به بهترين هوندي آهي
     
  7. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سرِ محفل اگهاڙي منهن اچڻ ناهي مناسب، (مدهوش)

    ادا عشق جا ماريل ته سڀ آهن پر اظهار نٿا ڪري سگهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ء عشق ۾ هوش ته هوندوئي نه آهي

    هل ڙي خدا خدا نه ڪري ته ٻيو ڇا ڪري غضب جي شاعري آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان جي پسند به لاجواب
     
  8. محمد صالح ميمڻ

    محمد صالح ميمڻ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2012
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جواب: سرِ محفل اگهاڙي منهن اچڻ ناهي مناسب، (مدهوش)

    ادا واه زبردست
     
  9. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سرِ محفل اگهاڙي منهن اچڻ ناهي مناسب، (مدهوش)

    بهترين شاعري۔۔۔ بهترين لفاظي۔۔۔۔ ۽ ان جي مٿان ادا عُرس پريو جي بهترين ڊزائين۔۔۔۔ زبردست۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو