پيار ساٿيو! آئون پاڪستان سائنس فائونڊيشن جي فنڊنگ سان 26 سيپٽمبر 2011 تي ملائيشيا ويو هئس هڪ ڪانفرنس ۾۔ انهي ڏينهن تي پي آئي اي جي ڪا به فلائيٽ ڪراچي کان نه هئي۔ تنهڪري آئون ٻي ايئر لائين ذريعي ويس۔ پر هاڻي پاڪستان سائنس فائونڊيشن وارا چون ٿا اهو پي آئي اي وارا لکي ڏين ته انهي ڏينهن فلائيٽ نه هئي۔ مون سندن هيلپ لائين تي به فون ڪئي ۽ شاهراه فيصل کان اڳيان سندن مين برانچ تي وڃي اهو عرض رکيم پر نه ٿا ٻُڌن۔ جيڪڏنهن ڪنهن جو ڪو ڊائريڪٽ يا ان ڊائريڪٽ واسطو هجي ته ٻُڌائي۔ يا اهو ڪم ڪرائي ڏي۔ آئون سمجهان ٿو ته ڪم ايڏو خاص ناهي پر پي آئي اي وارن کي لڳندو هوندو ڪير مٿي جو سور کڻي؟
جواب: پي آئي اي م ڪنهن جو واسطو آهي؟ ادا توهان سان مان هڪ ڏينهن اڳ مليو به هوس سائين سليمان ٻڌايو ته توهان جو سڀاڻي فلائيٽ آهي بهرحال ادا الله ڀلي ڪندو ڪنهن نه ڪنهن دوست جو واسطو ته ٍضرور نڪري ايندو سدائين گڏ
جواب: پي آئي اي م ڪنهن جو واسطو آهي؟ ادا عبدالحفيظ اسلام عليڪم۔مهرباني ڪري پنهنجو ڪنٽيڪٽ نمبر هتي لکندا ،آنشالله توهان جو مسئلو حل ٿئي ويندو۔
جواب: پي آئي اي م ڪنهن جو واسطو آهي؟ ادا غلام مصطفي ميمڻ صاحب۔ الله اوهان ۽ اوهان جي پيارن کي سدا سکيو رکي۔ منهنجو وڏو مسئلو حل ٿي ويو۔ توهان جي ٻُڌايل همراه تمام سٺو ريسپانس ڏنو ۽ هڪ ڏينهن اندر ڪم ڪرائي ڏنو۔
جواب: پي آئي اي م ڪنهن جو واسطو آهي؟ ادا سياڻن چيو آهي ته ”پُڇڻا نه مُجهڻان!“ توهان پُڇي ته ورتو پر موجهي به پيائو! پر ٻي چوڻي اهي ته ”ٻارگهر ۾ پڙهو شهر ۾“ ادا عبدالرزاق ميمڻ صاحب سان ڪراچي ايئرپورت تي رابطي ۾ اچو توهانجو مسئلو هل! بس ڳاله به ايتر؟ ٻيو حوڪم ڪيو؟