• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ووٽر لسٽن ۾ پنهنجو نالو موبائيل ايس ايم ايس سان معلوم ڪريو۔۔۔

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اعلان ڪيو آهي ته پهرين مارچ 2012 کان ايس ايم ايس ذريعي پنهنجي نالي کي ووٽر لسٽن ۾ شامل هجڻ جي تصديق ڪري سگهبي۔۔۔

qxnnkl.jpg

پهرين مارچ 2012 کان شروع ٿيڻ واري هن سروس مطابق توهان پنهنجو شناختي ڪارڊ نمبر ميسيج م لکي جڏهن 8300 تي موڪليندو ته جواب ۾ توهان جا مڪمل تفصيل جهڙوڪ توهان جو نالو، شهر جو نالو، انتخابي حلقي جو نالو، ۽ ووٽر سيريل نمبر ايس ايم ايس ٿي ملندا ۔۔
جيئن ته هن عمل ذريعي هرڪو ماڻهون ٻئي جي شناختي نمبر ذريعي مڪمل ڪوائف حاصل ڪري سگهي ٿو ان ڪري پرائيويسي تحت مڪمل ايڊريس ڏيکارڻ جي ممانعت ڪيل آهي۔۔۔ جڏهن ته اهڙي ايس ايم ايس ڪرڻ تي موبائيل ذريعي 2 روپيه ڪٽيا ويندا۔۔۔

اليڪشن ڪميشن جي نمائندي مطابق اهو هر پاڪستاني تي فرض عائد ٿئي ٿو ته هو پنهنجي نالي جي تصديق ووٽر لسٽن ۾ ڪري ۽ غلط اندراج هجڻ جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن کي اطلاع ڏئي۔۔۔ ته جئين آئنده وارين لسٽن کي درست بڻائي سگهجي۔۔۔


ڊيلي ٽائيمز جي ٿورن سان
 
جواب: ووٽر لسٽن ۾ پنهنجو نالو موبائيل ايس ايم ايس سان معلوم ڪريو۔۔۔

زبردست ادا

لاجواب سروس جو آغاز ڪيو ويو آهي

سدائين ًگڏ
 
جواب: ووٽر لسٽن ۾ پنهنجو نالو موبائيل ايس ايم ايس سان معلوم ڪريو۔۔۔

مهرباني ، اوهان اهم معلومات ڏني آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔

پر هر ماڻهو ايس ايم ايس ڪرڻ جي ڪوشس ڪندو ۽ نتيجي طور شايد ڪجهه ڏينهن لاء موبائل نيٽورڪ مصروف رهي جيئن عيد تي ٿيندو آهي۔ ٻيو ته ان سان نيٽ ورڪ ڪمپنين جي چاندي ٿي پوندي ۔۔۔۔۔۔
 
جواب: ووٽر لسٽن ۾ پنهنجو نالو موبائيل ايس ايم ايس سان معلوم ڪريو۔۔۔

ادا تمام بهترين معلومات ونڊ ڪئي آهي۔
اهڙي سروس پهرين نادرا شروع ڪئي هئي جنهن ۾ اسين پنهنجي وطن ڪارڊ جي معلومات ايس ايم ايس زريعي حاصل ڪري پيا سگهون پر اها مفت هئي پر اليڪشن ڪميشن ان مان به پنهنجي ڪمائي جو ذريعو ٺاهيو آهي۔
 
جواب: ووٽر لسٽن ۾ پنهنجو نالو موبائيل ايس ايم ايس سان معلوم ڪريو۔۔۔

پهريان ته رشيد مون وٽ آيو ته ان کان 3 روپيه وٺندس جواب ۾ ميسيج آيو ته ان سروس تي ڪم هلي رهيو آهي جلد شروع ڪئي ويندي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

ٻي ڳالهه ته نادرا وار ن به ڪمائڻ جو طريقو ڳوليوآهي وطن ڪارڊ چيڪ ڪرڻ تي 10 روپيه ڪٽجن ٿا ء اخبار۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته ايس ايم ايس مفت آهي
 
جواب: ووٽر لسٽن ۾ پنهنجو نالو موبائيل ايس ايم ايس سان معلوم ڪريو۔۔۔

مٺا عرس جي مان توهان ڏانهن آيس ته هن دفعي بادامن واري چانهن جي فرمائش ڪندس۔۔۔۔
پهرين مارچ 2012 کان شروع ٿيڻ واري هن سروس مطابق توهان پنهنجو شناختي ڪارڊ نمبر ميسيج م لکي جڏهن 8300 تي موڪليندو ته جواب ۾ توهان جا مڪمل تفصيل جهڙوڪ توهان جو نالو، شهر جو نالو، انتخابي حلقي جو نالو، ۽ ووٽر سيريل نمبر ايس ايم ايس ٿي ملندا
 
جواب: ووٽر لسٽن ۾ پنهنجو نالو موبائيل ايس ايم ايس سان معلوم ڪريو۔۔۔

سائين اوهان جي مهرباني، اها معلومات مونڏانهن ڪجھ وقت اڳ ميسيج ذريعي پهتي هئي، پر غلطي سان تڪڙ ۾ اهو ميسيج ڊليٽ ٿي ويو۔
ادا عرس هاڻ ته ڊبل ڏنڊ لڳندا اوهان تي، اوهان شايد غور نه ڪيو ته سائين رشيد صاحب لکيو آهي ته هي سروس پهرين مارچ کان شروع ٿيندي۔
پر اوهان کان صبر ڪين ٿيو۔۔۔
بادامي چانھ جو ٻڌي منهنجو وات به پاڻي پاڻي ٿئي پيو، لڳي ٿو اُن رات ادا رشيد سان گڏ ڪجھ وقت لا مونکي به اوهان جي حاضري ڀرڻي پوندي۔۔۔
 
Back
Top