مامون احمد خان چانڊيو ڪير سڏائي ڪامريڊ غلام رسول سهتو مون کي سڄي سنڌ گهمڻ ڪري خاص طور سنڌ جي قومي ڪارڪنن سان پڻ ملڻ يا بحث ڪرڻ جا موقعا ملندا رهيا آهن، ”سواءِ روپوش سڏائيندڙن ۽ رهندڙن جي“ جن کي ڏٺو ئي ڪونهي ته انهن جي ڪيئن خبر پوندي، ته انهن جو ڪردار ڪيئن آهي؟ اسان وارن پراڻن ڪميونسٽ روپوش اڳواڻن جون به خبرون پوءِ پيون پون ته اهي مڙس ماڻهو ڪيترا آهن ۽ صاحب ڪردار ڪيترا آهن، باقي نه ته سڄي سنڌ جي قومي عوامي طبقاتي جدوجهد ڪندڙن ۽ جمهوريت جي سرواڻن سان جيڪا ڏيٺ ويٺ ٿي ويئي آهي ان سڄي قومي ڌارا ۾ معتبر صاف سٿرن ۽ غيرتمند اڳواڻن جي ٽاپ ٽين جي لسٽ ٺاهجي ته انهن ۾ هڪ ڪامريڊ احمد خان چانڊيو به شمار ٿي سگهي ٿو، هونئن به چانڊيه قبيلي ۾ سياسي ۽ قومي جدوجهد ۾ سڀ کان وڌيڪ جيل ڪاٽيندڙ ۽ اڏول ڪردار وارو چانڊيو ڪامريڊ امداد به آهي، جنهن جي اڄ به اوتري ئي عزت آهي، هونئن به جيڪڏهن سياست ڀلي ماڻهو ڇڏي به وڃي ٿو ۽ حلال روزي واري نوڪري ڪري ٿو پوءِ به حاڪمن جي دلالي ڪيل نه اٿس ۽ اڄ به دلالي نه ٿوڪري ته اهو اڄوڪي دنيا ۾ واقعي معتبر آهي، اڄ جي صورتحال ۾ جتي غيرتمند سياست دان ۽ قومي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جو ڪال ٿيندو وڃي ٿو، سياست به ڪمرشل ٿي وئي آهي، چڱي ڀلي ڪارخاني هڻڻ کان به وڌيڪ امير ليڊر ٿي ويا آهن، اتي ڪامريڊ احمد چانڊيو جو پنهنجو رول هڪ مثالي ڪامريڊ جهڙو هو، سندس والد گامڻ خان مڪمل غير سياسي ماڻهو هو، ليڪن روائتي انسان هو، سندس گوءِ جو ڏاند ”ٿري “ ٻن ضلعن ۾ ميل کٽيو بيٺو هو، کيس ان ڏاند تي”ٽريڪٽر“ ٿي مليو، پر شوق تي واپار کي ترجيح نه ڏيڻ ڪري وڪرو ڪو نه ڪيائين ۽ پنهنجي پٽ جي وهانو تي ڪُهي محبتين کي کارائي ڇڏيائين، سندس ڀاءُ محمد خان به روائتي ماڻهو آهي، هيءَ محبت جا ماريل آهن، محبت ۾ ڪسڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. محمد خان ٻڌائي ٿو بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوءِ فيصلو ڪيم ته ووٽ انهي کي ڏيندم پوءِ واقعي جاگيردارن جي حدود ۾ رهندي ووٽ کلم کلا ڏيارامانس، هاڻي به قومپرست ڪامريڊن سان گڏ آهيان پر کين چيو اٿم مان هر سال بينظير جي قبر تي ضرور ويندس ڪڏهن به اعتراض نه ڪجو. ڪامريڊ احمد جي به سياست جي شروعات ڀٽي صاحب جي سياسي قتل کان پوءِ ٿي هئي، پنهنجي شهر نيو جتوئي ۾ پنهنجي ڪيبن تي ويٺل هو، ڀٽي جي قتل کان پوءِ فوجين ٽرڪن ۾ چڙهي گشت ٿي ڪيو، ته هي نوجوان ڪهاڙي کڻي انهن جي پٺيان وڙهڻ لاءِ ڊوڙندو ويو هو، ڀٽي صاحب جي قتل هن جي من ۾ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو هو، سائين راشد مورائي ۽ حيدري چانڊيو کيس سن ۾ سائين جي ايم سيد سان وڃي ملرايو، تنهن سندس جذبن کي پنهنجي محبت سان ريٽو لال بڻائي ڇڏيو، تنهن کانئنس ٻيا سڀ نعرا وسارائي ڇڏيا، پنج درجا سنڌي پاس ڪامريڊ احمد هڪ مڪمل قومي ڪارڪن بڻجندو ويو، سڄي عمر نه هن کي ڪوڙ هڻڻ جي بيماري لڳي! نه هن کي ڊاڙ ۽ شوبازي جي بيماري لڳي!! نه مٿس چورن ۽ ڌاڙيل ڪارڪنن جا اثر پيا، نه چنده خور قومپرست ٿيو! مامون احمد خان” سام“جهليندڙ غيرتي چانڊيو هو، سوين قومپرست اهڙا اڳواڻ به هيا جن جي ايم سيد جي 1 3 سال جيل ياترا ۽ نظربندي کي به وڪيو ته شاهه عنايت شهيد جي مقدس قومي طبقاتي جدوجهد کي به وڪيائون. قوم وڪيائون! اها به سستي وڪيائون!!! اهڙي ڪابه لعنت ڪامريڊ احمد خان چانڊيو سان چنبڙيل ڪانه هئي. هن جي اندر ٻاهر ڪابه اهڙي ليڊرن واري پليتي ڪانه هئي. خود سندس جيئي سنڌ محاذ ۾ ڪامريڊ احمد کان وڌيڪ صاف سٿرو ڪوبه نه هيو. شيخ اياز ڪنهن رهزن ليڊر لاءِ لکيو آهي ته ”هو جو ذاتي تعلقاتن ۾ وڏو رهزن آهي، ان کي اونو وري قومي معاملات جو آهي“ مامون احمد خان چانڊيو جي ايم سيد جي ٺاهيل جيئي سنڌ محاذ جو ميمبر ٿيو ته وري ڪنهن به ٻي تنظيم جو ميمبر ڪو نه ٿيو، مون سان ڪڏهن به پنهنجي ليڊر جي وڏي ثنا ڪو نه ڪيائين، پر وفا جو ڪامريڊ ۾ ڪٽي ڪٽي ڀريل هئي، تنهن ڪري ٻئي خيال ۾ هٿ ڪونه وڌائين. مان سندس حياتي ۾ به دوستن کي چوندو هئس ته مامون احمد چانڊيو ڪير سڏائي؟ اڪثر چيو ويندو آهي ته جيڪو بهادر هوندو آهي ته اهو عقل ۾ يا ڪردار ۾ کٽل هوندو آهي، پر اسان جو مامون احمد چانڊيو هر طرح سان پورو قوم پرست به هو ۽ ڪامريڊ به هو، سندس ذاتي زمين پنج ايڪڙ مس هئي ۽ هو چانڊيو به هو پوءِ به چور خانن کان متاثر ڪونه ٿيو، حيرت جهڙو محبتي ماڻهو هو، پنج درجا سنڌي پاس، فقط پنج ايڪڙ زمين جو مالڪ، پوءِ به مڪمل روزو رکي ڏيکاريائين ۽ ڪٿي به نه ترڪيو! اهڙن مڙسن جون ئي ڳالهيون پوءِ به پيون ڳائبيون. مون گهڻا نعريباز، تقريرباز ۽ لٻاڙي سياسي ڪارڪن ڏٺا آهن، جيڪي پنهنجي ڳوٺ ۾ وڏيرن اڳيان ائين گذاريندا آهن ڄڻ ڪڪڙ تي مينهن پيل هجي! پر ڪامريڊ احمد خان جاگيردارن جي جوءِ ۾ نه رڳو ڳاٽ اوچو ڪري گذاريو پر انهن جاگيردارن جي جوءِ ۾ پنهنجي قومي عليحده سڃاڻپ سان گذاريو ۽ انهن جي اجازت کان سواءِ اليڪشن ۾ بيٺو به! سرڌڙ جي بازي لائي اليڪشن کٽي ڏيکاريائين، پوءِ انهن جڏهن عوام جي گڏيل مسئلن تي تو جهه نه ٿي ڏنو ڪرپشن تي لهي آيا ته سندن سخت مخالفت ڪيائين، پر ذاتي ڪمن توڙي لالچ ۽ لوڀ لاءِ ڪڏهن به رئيسن جي درن تي ڪونه ويو، سياست کي مڪاري نه بڻايائين ۽ ڪاروبار به ڪونه ڪيائين، ورندو ٻيهر اليڪشن ۾ بيٺو سندس فارم رد ڪرايائون، اهو بهادري سان ڪورٽ مان بحال ڪرايائين، اليڪشن ۾ ڊٽڪي ورڪ ڪيائين، وري به اليڪشن يعني پولنگ دوران ڏٺائين ته هاڻي جاگيردار جا واٺا صفا وائکا ۽ وحشي ٿي خون ڪرائڻ کان به ڪونه مڙندا ته پوءِ سنگت کي چيائين پاڻ کي پنهنجا ساٿي مارائڻا ڪونهن، اليڪشن پئسا ڪمائڻ لاءِ به ڪونه ٿا وڙهئون، پاڻ ماڻهن ۾ سياسي شعور وڌائڻ لاءِ هن جمهوري رستي مان فاعدو وٺڻ چاهيندا آهيون، انهي ۾ ڪامياب ٿيا آهيون. ساٿين جون زندگيون قيمتي آهن انهن کي بچائڻ به اسان جي ڊيوٽي آهي، پوءِ پولنگ تان بائيڪاٽ ڪري هليا آيا. هڪ دفعي رئيسن جي بنگلي تي ڪنهن ڏيتي ليتي يعني حساب لاءِ ويل هو ته رئيس جي منشي اتي ڪامريڊ کي چانهه پيش ڪندڙ هڪ ٻئي منشي کي چيو ته ڪامريڊ کي چانهه ڇو ڏني اٿئي؟ هيءُ رئيس جو سخت دشمن آهي. ۽ ڪو اهڙو جملو به ڳالهايائين ته ڪامريڊ اتي جو اتي رئيسن جي بنگلي ۾ کيس پادر هڻي ڪڍيو. پوءِ فيصلي ۾ به ان منشي جو ڏوهه نڪتو، جنهن تي ورندو ڪامريڊ کان معافي وٺڻي پيس، اهو رئيسن جي بنگلي ۾ سندن منشيءَ کي پادر لڳڻ شايد پهريون واقعو هوندو. ساڳي ڳوٺ نيو جتوئي ۾ رئيسن، باگڙي هارين جا گهر خالي ڪرائڻ لاءِ جڏهن ڊهرائڻ شروع ڪيا ته ڪامريڊ سڀ کان پهريون باگڙين جي حمايت ۾ نيو جتوئي روڊ بلاڪ ڪري ويهي رهيو، 40 هزار ايڪڙن جي مالڪ وڏيرن اڳيان رئيسن جي شهر ۾ پهريون ايڏو وڏو سخت احتجاج بڻجي ويو، پوءِ ته اهو سڄي شهر جي قومي ڪارڪنن جو ڪامياب ڌرڻو بڻجي ويو. سينيٽر ڊاڪٽر غفار خان جي پيجارو کي به سندس ئي شهر ۾ بيهارڻ جي وڏي ڪوشش ڪيائون، پوءِ رئيسن خلاف سخت نعري بازي به ڪيائون، پوءِ وڃي اڳوڻي ضلع ناظم باگڙين کي گهر ٺاهڻ لاءِ پنهنجي زمين ڏني، انهي جدوجهد ۾ سڄي شهر نيو جتوئي جي چڱن گڻن وارن سڀني جمهوريت پسندن قومي ڪارڪنن جو به ڪردار هو، پر انهي ڪاميابي جو سهرو ڪامريڊ احمد خان چانڊيو ڏانهن وڃي ٿو، هاڻي به سندس حياتي حادثاتي موت تي اڳوڻو ضلع ناظم لکي ويو آهي ته ڪامريڊ احمد خان چانڊيو ضلع جو بهادر ترين سياسي ڪارڪن هو. منهنجي خدا در وينتي آهي ته مالڪ اسان جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن ۾ سامراج ۽ ڌرتي جي دشمنن خلاف ڪامريڊ احمد خان چانڊئي جيان قومي شعور پيدا ڪر. ڇو ته غيرتمند قومون ئي پنهنجا حقوق حاصل ڪري سگهنديون آهن. عبرت تان ورتل