دوستو اسلام عليڪم ادا مون وٽ DSL ٽو ايم بي پيڪيج آهي ۽ اسان 6 ميمبر آهيون لوڪل ايريا نيٽورڪ زريعي نيٽ شيئر ٿيل آهي دوستو مسئلو اهو آهي ته جڏهن اسان جو هڪ ميمبر جيئن ئي آن لائن تو ٿي ته ٻين سڀني ميمبرن جي نيٽ سلو تي ٿي وڃي مسئلو صرف اهو هڪ ڪمپيوٽر ٿو ڪري باقي جيڪڏهن ٻيا پنج ڪمپيوٽر ايٽ اَ ٽائيم هلن ٿا ته پو ڪو به مسئلو ناهي دوستو منهنجو مسئلو جلدي حل ڪريو مان ڏاڍو پريشان آهيان
جواب: منهنجو مسئلو جلدي حل ڪريو ڇا ان ڪمپيوٽر تي يوٽورنٽ يا ان جهڙا ڪي سافٽويئر انسٽال ٿيل آهن۔۔ يا وري اهو دوست رڳو موويز ڊائونلوڊ ڪرڻ يا يوٽيوب ڏسڻ کي پسند ٿو ڪري۔۔۔ ؟ اهو به ممڪن آهي ته ان دوست جي پي سي تي ونڊوز اپڊيٽ وارو آپشن فعال ٿيل هجي جيڪو پس منظر ۾ ونڊوز جا هرو ڀرو اپڊيٽ ڊائونلوڊ ڪندو رهي ٿو۔۔۔؟ انهن سوالن جا جواب ڳوليو۔۔۔ ۽ جي انهن مان ڪو به جواب هاڪاري ملي ته ادا رضوان علي جمالي جن جي صلاح وٺو۔۔۔ :smile:
جواب: منهنجو مسئلو جلدي حل ڪريو ادا پهريائين ايئن ڪونه هو پهريان اسان 6 ئي ميمبر هلائيندا هئا سون ته ڪو به مسئلو نه هو ٻيو هي ته مان ان دوست جي ڪمپيوٽر تي نٿو وڃي سگهان ڇو ته اهو پاڻ ڪمپيوٽر جو ماهر آهي مون کي شڪ آهي ته هن ڪا ٽيڪنيڪل خرابي ڪئي آهي ۽ ٻيو هي ته هو هڪ وڌيڪ ڪمپيوٽر هلائيندو آهي جيڪو رائوٽر تي ظاهر نه ٿيندوآهي ۽ اهو ٻڌايو ته ان لڪيل ڪمپيوٽر کي ڪيئن ظاهر ڪجي رائوٽر تي۔
جواب: منهنجو مسئلو جلدي حل ڪريو ادا ڪي اهڙا وائرس به هوندا آهن جيڪي نيٽورڪ جي Bandwidth کي وڌائي نيٽورڪ کي سفا سست ڪري چڏيندا آهن ٿي سگهي ٿو ان ڪمپيوٽر ۾ ڪو اهڙو وائرس هجي۔ ان جو واضح مثال اسان جي شهرن جو روڊ آهن جن ۾ ڪجھ وائرس اچي ويا آهن جنهن جي ڪري اسان وٽ ٽريفڪ جام جو مسعلو ٿيندو آهي۔ باقي لڪيل ڪمپيوٽر لائي ان دوست پنهنجو نيٽورڪ سئچ لڳايو هوندو ان ڪري توهان وٽ اهو ظاهر نه پيو ٿئي۔