مست
سينيئر رڪن
اڄ هڪ اهم ۽ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سنڌ اسيمبليءَ جي ايوانن ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ جي اندر ”وفاقي ادارن“ منجهه 40 هزار ملازمتن تي غير سنڌي ڀرتي ٿيل آهن، جيڪي سنڌ جا ڪاغذ ٺهرائي انهن عهدن تي نوڪريون ڪن پيا،
جڏهن ته ٻين صوبن جا ماڻهن هن صوبي جي مختلف تعليمي ادارن مان پئسن جي عيوض ڊگريون حاصل ڪن پيا..
اهي غير سنڌي، پئسن جي ذريعي سنڌ جا پي آر سي، ڊوميسائيل ٺهرائي پاڻ کي سنڌ جو رهاڪو ظاهر ڪري انهن ملازمتن جا حقدار ٿي وڃن ٿا ۽ نتيجي ۾ اسان جا سنڌي گريجوئيٽ ۽ پڙهيل لکيل نوجوان نوڪري نه ملڻ جي ڪري اسلام آباد جي ايوانن اڳيان پاڻ کي ساڙڻ تي مجبور ٿين ٿا.
سنڌ ۾ ڪاغذن جي ڪمپيوٽرائزڊ سسٽم نه هجڻ ڪري ڪيترن ئي ماڻهن پنهنجا الڳ الڳ ڪاغذ ٺهرايا آهن ۽ انهن تي مختلف نوڪريون پڻ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ٻين صوبن (پنجاب، بلوچستان، خيبر پختونخواهه ۽ ڪشمير) جا ماڻهو انهن ڪوڙن ڪاغذن جي ذريعي سنڌ ۾ آرام سان نوڪريون ڪري رهيا آهن.
ان ڏس ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي وزارت پاران چيو ويو آهي ته سنڌ صوبي ۾ نادرا جي محڪمي جي مدد سان انهن ڪاغذن (شناختي ڪارڊ، ڊوميسائيل، پي آر سي) کي ڪمپيوٽرائزڊ سسٽم تي آڻڻ جو ڪم هلي رهيو آهي، جڏهن ته ان سسٽم جي ڪامياب تڪميل کان پوءِ ڪو به ماڻهو ٻه شناختي ڪارڊ، ٻه ڊوميسائيل يا پي آر سي نه رکي سگهندو، جڏهن ته ٻين صوبن جا ماڻهو به سنڌ جا ڪاغذات حاصل نه ڪري سگهندا.
ياد رهي ته هڪ رپورٽ مطابق سنڌ ۾ هڪ لک 8 هزار 545 گهوسٽ ملازم آهن ۽ ڪيترن ئي فوتي ماڻهن جي پگهار انهن جا مائٽ کڻي رهيا آهن، جڏهن ته 20 هزار کان مٿي ماڻهو اهڙا به آهن جيڪي ٻه نوڪريون ڪري رهيا آهن،
سنڌ صوبي ۾ گهوسٽ ملازمن جي پگهارن ۾ 10 ارب روپيا هر مهيني خرچ ٿين ٿا.