PHP, MYSQL-- ڊيٽا بيس ۾ سنڌي اکر

'پڇڻا نه منجهڻا' فورم ۾ سجاد علي چنا طرفان آندل موضوعَ ‏18 فيبروري 2012۔

  1. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    پيارا رشيد سمون،
    مان پنهنجو مسئلو انگريزي ۾ ان ڪري پيش ڪري رهيو آهيان ته جيئن خالص ٽيڪنيڪل مسئلو متان پنهنجي زبان (سنڌي) ۾ بيان نه ڪري سگهان۔۔۔
    تجربي طور مون سنڌي فونٽ ۾ ڊيٽا ماءِ ايس ڪيو ايل ۾ شامل ڪئي۔۔۔ پر جڏهن اها پي ايڇ پي ۾ آئي ته سنڌي يونيڪوڊ بجاءِ سوال مارڪ (؟) وانگر ظاهر ٿي۔۔
    ايتري تائين جو مون ڊيٽابيس ٺاهڻ وقت پڻ يونيڪوڊ يوٽي ايف8 چونڊيو هيو۔۔۔ مهرباني ڪري رهنمائي ڪريو۔۔۔

    Dear Rasheed Samo,
    Sir, I am putting my query in english to make my question clear, as what i am going to ask is pure technical and i may not be able to narrate my problem in my native language, i.e. Sindhi..

    Sir, for testing purpose i inserted data in sindhi font in mysql database, but while fetching data in PHP, i only get question marks instead of sindhi (unicode) text.

    Even I Mysql Charset is set to Unicode UTF-8, but i am not able to fetch data properly, but only question marks..

    Kindly guide me... Sir,​
     
  2. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: PHP, MYSQL-- ڊيٽا بيس ۾ سنڌي اکر

    توهان کي منهنجي اها صلاح آهي ته توهان ايم ايس آفيس 2003 ۾ سنڌي ۾ هڪ جملو لکو ۽ ان کي ويب پيج جي طور تي سيو يا محفوظ ڪريو۔ ان کان پوئي ان جو سورس ڪوڊ کي ڏسو جيڪو HTML جي زبان ۾ هوندو آهي ان ۾ توهان اها جائي ڏسو جتي توهان اها سنڌي ۾ جملو لکيو آهي ۽ ان HTML جي زبان ۾ ڪهڙي ريت آهي مثال لائي هيٺين تصوير کي ڏسو۔
    [​IMG]
     
  3. عبدالرحيم

    عبدالرحيم
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏27 نومبر 2009
    تحريرون:
    630
    ورتل پسنديدگيون:
    581
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Computer Officer
    ماڳ:
    ميرپورخاص، سنڌ
    جواب: PHP, MYSQL-- ڊيٽا بيس ۾ سنڌي اکر

    هاڻ اهو ڪوڊ پنهنجي ڊيٽا بيس ۾ وجهو ته انشاالله توهان جو مسعلو حل ٿي ويندو۔
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: PHP, MYSQL-- ڊيٽا بيس ۾ سنڌي اکر

    محترم ساجد علي چنا صاحب۔۔۔
    توهان جي انگريزي سوال کي سنڌي ۾ پڻ تبديل ڪري لڳايو ويو آهي۔۔ شڪر الحمد لله سنڌي زبان ايترو به ويل نه آهي جو مسئلو سمجهائڻ وقت پريشاني سامهون اچي۔۔۔ ها سوال دوران خالص ٽيڪنيڪل لفظن کي انگريزي ۾ رهڻ ڏجي ته سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي۔۔۔
    خير توهان جي سوال مان اندازو ٿيو ته توهان پنهنجي سائيٽ جو ڊيٽا بيس بيڪ اپ ڪنهن ٻئي نئين تيار ڪيل ڊيٽا بيس ۾ امپورٽ ڪرڻ چاهيو آهي پر ائين ڪرڻ سان پراڻو بيڪ اپ سوالن جي نشانن وانگر سائيٽ تي ظاهر ٿيو آهي۔۔۔
    ان سلسلي ۾ عرض ته توهان پنهنجي پراڻي ڊيٽابيس کي جي زپڊ فارميٽ ۾ ڊائونلوڊ ڪريو۔۔۔ ان لاءِ جيڪڏهن توهان phpMyAdmin استعمال ڪري رهيا آهيو ته ان مان ڊائونلوڊ ڪرڻ جو طريقي ڪار ڪجهه هن طرح آهي۔۔
    سڀ کان پهريان سي پينل منجهان phpMyAdmin تي ڊبل ڪلڪ ڪريو۔۔

    [​IMG]

    جنهن کان پوءِ جنهن ڊيٽا بيس کي ڊائونلوڊ ڪرڻو آهي ان کي چونڊيو۔۔۔

    [​IMG]

    ڊيٽابيس ٽيبلس ظاهر ٿيڻ کان پوءِ Export ٽيب کي سليڪٽ ڪريو۔۔

    [​IMG]

    جنهن کانپوءِ هيٺين تصوير وانگر توهان ڏسندو ته مطلوبا ڊيٽا بيس جون سموريون ٽيبل سليڪٽ ٿيل اسڪرين ظاهر ٿيندي۔۔۔

    [​IMG]

    هاڻي اسڪرول ڊائون ڪندي هيٺين سيڪشن ۾ اچو جتان compression فارميٽ مان gzipped چونڊيو Go بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو۔۔۔

    [​IMG]

    ٿوري ئي دير ۾ ڊيٽابيس ڊائونلوڊ ڪرڻ جي لاءِ لوڪيشن پڇي ويندي۔۔
    هڪ دفعو ڊيٽا بيس جي زپڊ فارميٽ ڊائونلوڊ ڪرڻ کان پوءِ توهان ان ڊيٽابيس کي ڪنهن به نئين ڊيٽابيس ۾ امپورٽ ڪيو چاهي لوڪل هوسٽنگ تي يار وري سائيٽ تي ۔۔ اميد ته هن دفعي سوالنما نشان نظر نه ايندا۔۔۔ نه ته ٻيهر رابطو ڪندا۔۔
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: PHP, MYSQL-- ڊيٽا بيس ۾ سنڌي اکر

    سنڌ سلامت پنهنجي سنڌين ۽ خاص رڪنن لاءِ هن عمل کي وڌيڪ آسان بڻائيندي سنڌ سلامت آن لائين يونيڪوڊ ڪنورٽر کي لانچ ڪري ڇڏيو آهي۔۔
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: PHP, MYSQL-- ڊيٽا بيس ۾ سنڌي اکر

    سائين جادوگر صاحب اوهان جي دماغ کي فوجي سليوٽ۔۔۔
     
  7. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جواب: PHP, MYSQL-- ڊيٽا بيس ۾ سنڌي اکر

    ادا رحيم اوهان جو جڳاڙي طريقو واقعي لاجواب هيو۔۔ پر سائين رشيد سمون صاحب انهي جو حل يونيڪوڊ ڪنورٽر جي مدد سان ڪڍيو آهي۔۔ پر مونسان مسئلو ٻيو آهي ۔ رڳي اهي اکر جيڪي ڊيٽا بيس ۾ شامل ڪيان ٿو اهي ٺيڪ طرح سان نظر نه ٿا اچن ويب پيج تي باقي ۔ سڀ تحريرون ٺيڪ ٿيون نظر اچن۔
     
  8. سجاد علي چنا

    سجاد علي چنا
    سينيئر رڪن
    انتظامي رڪن ٽيڪنيڪل اسسٽنٽ

    شموليت:
    ‏20 جنوري 2012
    تحريرون:
    778
    ورتل پسنديدگيون:
    1,899
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    ڊيٽا انٽري آپريٽر
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    جواب: PHP, MYSQL-- ڊيٽا بيس ۾ سنڌي اکر



    سائين مونکي خبر هئي ته مان پنهنجو مسئلو ٺيڪ طرح سان بيان نه ڪري سگهندس ۔ مسئلو اهو آهي
    دراصل مون ماء ايسقيوئل جي ڊيٽا بيس ۾ ڪجهه سنڌي اکر انسرٽ ڪيا هئا جيڪي سواليه نشانن ۾ تبديل ٿي وڃن ٿا۔ الائي ڇو؟؟ هيٺ تصوير ۾ ڳاڙهي رنگ جي گولڙي ۾ جيڪي سواليه نشان نظر ٿا اچن اهي ڊيٽا بيس ۾ وڌل سنڌي اکر آهن پر ۔۔۔ نظر question mark پيا اچن۔
    :crazy:



    [​IMG]
     
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: PHP, MYSQL-- ڊيٽا بيس ۾ سنڌي اکر

    توهان بار بار لفظ ڊيٽا بيس لکي رهيا آهيو۔۔ ڪاٿي اهو مسئلو ٽيمپليٽ يا انڊيڪس پي ايڇ پي فائيل ۾ ته ناهي ۔۔۔ ؟
    توهان اهو به ٻڌائندو ته توهان جي بقول ڊيٽابيس ۾ ڪجهه سنڌي اکر توهان ڪهڙي ايڊيٽر سان شامل ڪيا آهن۔۔۔ ؟
    اسڪرين شاٽ ٻڌائي ٿو ته ڪا مفت جي هوسٽنگ سائيٽ آهي ۔۔۔جيڪي ڪافي سهولتون ميسر نه ڪنديون آهن۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو